ماڻھو جي زندگي ڄمڻ کانپوءِ ھڪ اڻ گھڙيل پٿر مثل ئي ھوندي آھي، جيستائين ڪنھن سنگتراش جا ھٿ ان کي گھڙي ڪا سھڻي شڪل، ترجيح نه ڏين. اسان پاڻ کي خوشنصيب سمجھون ٿا ته اسان جو جنم اھڙي دور ۾ ٿيو جڏھن سائين رسول بخش درس جھڙي شخصيت اسان جي وچ ۾ موجود ھئي ۽ ھن اھو سنگتراش بڻجي اسان جي اڻ گھڙئي وجود کي گھڙي ھڪ شڪل ڏني ۽ اھا شڪل ھئي شعور جي شڪل، علم دوستي جي شڪل ۽ ادب دوستي جي شڪل.
10 جون 1953ع تي جهمپير ضلعي ٺٽي ۾ محمد اسماعيل درس جي گهر ۾ سائين رسول بخش درس جو جنم سندس ئي ڳوٺ ڦوٽو خان درس ۾ ٿيو. ابتدائي تعليم ۽ مئٽرڪ جهمپير مان، انٽر جي ڊگري ڪاليج ٺٽي مان ۽ بي. اي سچل سرمست آرٽس ڪاليج حيدرآباد مان ڪيائين. بعد ۾ ايم. اي (سنڌي) ٻي پوزيشن سان، سنڌ يونيورسٽي، ڄامشوري مان پاس ڪيائين.
سندس پهرين ڪهاڻي 1977ع ڌاري ماهوار رسالي “تحريڪ” ۾ ڇپي، ان بعد سندس لاتعداد ڪهاڻيون ۽ ادبي مضمون ڇپيا. ان کانسواءِ سندس ڪيترين ئي ڪهاڻين کي ڊرامائي تشڪيل ڏئي سنڌي چئنلن تان سولو پليز طور نشر ڪيو ويو. رسول بخش درس، عبدالعزيز “اثر” سولنگيءَ سان گڏجي “سرسوتي“ نالي رسالي جا ڪجھه پرچا پڻجاري ڪيا. سندس ڪهاڻين جو پهريون مجموعو “سُهائيءَ جي سوڀ” (1980ع) ۽ ٻيو مجموعو “ساٿ جي موسم” (2005ع) ڇپجي مڃتا ماڻي چُڪا آهن. رسول بخش درس خاڪا نويسيءَ ۾ هڪ الڳ مقام رکي ٿو. “سنڌ هيرن کاڻ” نالي سان خاڪن جو پهريون مجموعو 2005ع ۾ ڇپيو، ساڳئي نالي سان ٻيا جلد به ڇپجي چُڪا آهن. رسول بخش درس موسيقيءَ جو وڏو ڄاڻو هو ۽ موسيقيءَ سان تمام گهڻي دلچسپي رکندو هو. جهمپير ۾ ادبي محفلون ۽ ڪچهريون رَچائڻ ۽ هر آيل مهمان جو دلي آڌر ڀاءُ ڪرڻ سندس مشغلو رهيو.
سائين رسول بخش درس سان منھنجي ويجھڙائپ سندس ڀائيٽي سارنگ درس ۽ سندس اولاد سان ٿي ۽ ھڪڙي ئي ڳوٺ ۾ جنم وٺڻ جي ڪري ھڪ ئي خاندان رھيو آھي. سندس اوطاق جھمپير شھر جي ماڙيءَ واري جاءِ جيڪو سندس مھمان خانو هو، جنهن تي هر ادب سان چاهه رکندڙ، دوست، اديب، شاعر ايندا رھندا ھئا. سندس ادبي ڪچھري ۾ اسان کي گھڻو ڪجھ سکڻ لاءِ مليو. سندس اھا ئي ڪوشش رھي ته نوجوانن کي لکڻ پڙھڻ سيکارجي، منھنجو گھڻو وقت ساڻس رھيو. پنهنجي زندگيءَ جي سفر ۾ پنھنجي اولاد وانگر مون کي به پاڻ سان گڏ ادبي پروگرامن ۽ مختلف دوستن جي دعوتن ۾ شريڪ ڪندو هو. مون کي ياد ٿو اچي ته سائين رسول بخش درس پنهنجي لکيل ڪھاڻي عبرت مئگزين ۾ ڇپرائڻ جي لاءِ مون کي مرتضيٰ سيال (جيڪو پندرنهن روزه عبرت مئگزين جو ايڊيٽر هو) ڏانهن حيدرآباد موڪليو هو. سندس ڪھاڻي سان گڏ ٻئي ڏھاڙي مون به پنھنجي لکيل پھرين ڪھاڻي “اداس سانجھ” عبرت مئگزين ۾ شايع ڪرڻ لاءِ خط ذريعي موڪلي هئي. مون کي اميد نه ھئي ته منھنجي ڪچي ڦڪي ڪھاڻي وڏن ليکڪن ۾ ڇپجندي. انھيءِ لاءِ اھا ساڳئي لکيل ڪھاڻي مون ماھوار رسالي ھزار داستان 2005 ايڊيٽر مجيب ناريجو کي خط ذريعي موڪلي انھيءَ اميد سان ڪوبه ھڪ رسالو من ڪا موٽ ڏئي وجھي مون کي ڇپجڻ جو وڏو شوق ھوندو ھو. گھڻي انتظار کانپوءِ عبرت ميگزين ۾ سائين رسول بخش درس جي ڪھاڻي ڇپي. انهيءَ پرچي ۾ مون کي ڇپجڻ جي جاءِ نه ملي سگهي. انھيءَ خوشي ۾ مايوس ٿي ماٺ ڪري ويٺس، پر ماھوار رسالي ھزار داستان ۾ ڇپجي وئي اھا ڇپيل ڪھاڻي جڏھن سائين رسول بخش درس وٽ پھتي سائين کي پنهنجي لکيل ڪھاڻي کان به وڌيڪ خوشي منھنجي ڪھاڻي تي ٿي. منھنجن گھر وارن ۽ دوستن کي مبارڪون ڏئي چيائين سٺو ممتاز لکڻ جھڙو ٿيو. مواد بنا ٻڌائڻ ڏيکارڻ جي سندس لکيل ڪھاڻي سندس پھرين ڪاميابي آھي. سائين رسول بخش جھمپير جي ڪافي سالن کان بند پيل سنڌي ادبي سنگت جي شاخ وڏين ڪوششن سان کولرائي اسان کي گڏجاڻين ۾ پابند ڪندو رھيو. جنھن ۾ ڪافي نوجوان اڳتي آيا. سائين رسول بخش جي صحبت ۾ رهڻ ۽ سنڌ جي مختلف شهرن مان آيل سائين جي دوستن سان ملڻ انھن سان ڪچھريون ڪرڻ ۾ ايتري ته خوشي ٿيندي ھئي، جيڪا خوشي اڄ دنيا جون سڀ آسائشون به نٿيون ڏيئي سگھن.
29 ڊسمبر 2020 جي اھا اڀاڳي رات ھئي جنھن رات سائين جي وڇوڙي جي خبر اسان تي وڄ جيان ڪڙڪي ھئي ۽ سائين جسماني طور تي ھميشه لاءِ اسان کان پري ٿي ويو، پر سندس يادون ۽ شفقت روح ۾ اڄ به تازہ تر آھن.