پاڪستان ۾ 5 جي سروس آڻڻ جون تياريون

پاڪستان ۾ 5 جي سروس آڻڻ جون تياريون شروع ٿي ويون آهن ۽ ان لاءِ وفاقي حڪومت پاليسي هدايتون به جاري ڪري ڇڏيون آهن. ميڊيا رپورٽن مطابق 3 ۽ 4 سروس کان پوءِ هاڻي پاڪستاني صارفين لاءِ 5 جي سروس به آندي پئي وڃي. خبرن موجب وفاقي حڪومت جي منظوري کانپوءِ وزارت انفارميشن اينڊ ٽيڪنالاجي جي پي ٽي اي کي 5 جي سروس جو فريم ورڪ تيار ڪرڻ جي هدايت جاري ڪري ڇڏي آهي. پي ٽي اي اهڙو فريم ورڪ تيار ڪري محدود تجرباتي سروس شروع ڪندي ايندڙ سال پاڪستان به 5 جي سروس ڏيندڙ ڪجهه ملڪن ۾ شامل ٿي ويندو. ياد رهي ته هن ملڪ ۾ وقت 4 جي سروس استعمال ڪندڙ جي تعداد 4 ڪروڙ 40 لک آهي.

0 0 vote
Article Rating
Subscribe
Notify of
guest
0 Comments
Inline Feedbacks
View all comments