ڪجهه ڏينهن اڳ اسرائيل شام جي گادي واري هنڌ دمشق ۾ شامي فوج جي هيڊڪوارٽر ۽ دفاع واري وزارت جي ويجهو حملو ڪيو آهي. ان کان اڳ، اسرائيلي فوج چيو هو ته هن سرڪاري فوج کي دروز اقليت کي نقصان پهچائڻ کان روڪڻ لاءِ حملا تيز ڪري ڇڏيا آهن. بين الاقوامي نيوز ايجنسين اي ايف پي ۽ رائيٽرز جي رپورٽن موجب، هي مسلسل ٽيون ڏينهن آهي جڏهن اسرائيل شام تي حملو ڪيو آهي، جتي ڏکڻ شهر سويدا ۾ سرڪاري فوجن ۽ مقامي ڊرونز ويڙهاڪن جي وچ ۾ جهڙپون جاري آهن. اي ايف پي جي نمائندن چيو ته راڄڌاني جي اڪثر علائقن ۾ هڪ زوردار ڌماڪو ٻڌو ويو، جيڪو شهر جي مرڪز ۾ ساڳئي عمارت کي نشانو بڻائڻ واري اڳوڻي هوائي حملي کان ٿوري دير بعد ٿيو. وزارت دفاع جي ذريعن روئٽرز کي ٻڌايو ته گهٽ ۾ گهٽ ٻن ڊرون حملن عمارت کي نشانو بڻايو ۽ آفيسرن بيسمنٽ ۾ پناهه ورتي. سرڪاري نشرياتي ٽي وي الاخباريه چيو ته اسرائيلي حملي ۾ ٻه شهري زخمي ٿيا آهن. اسرائيلي فوج چيو ته هن دمشق ۾ شامي حڪومت جي فوجي هيڊڪوارٽر ڪمپليڪس جي داخلا کي نشانو بڻايو ۽ ڏکڻ شام ۾ دروز شهري خلاف ڪارروائي جي نگراني ڪري رهيو هو. الجزيره ٽي وي جي لائيو فوٽيج ۾ دمشق ۾ دفاع وزارت جي عمارت کي نقصان پهچائيندڙ وڏي هوائي حملي کي ڏيکاريو ويو. شام جي سرڪاري ميڊيا ۽ اکين ڏٺن شاهدن جو چوڻ آهي ته اسرائيلي حملي سويدا شهر کي به نشانو بڻايو، جيڪو دروز آبادي جو هڪ وڏو علائقو آهي جتي گذريل رات جنگ بندي جي اعلان جي باوجود چوٿين ڏينهن به ويڙهه جاري آهي ۽ سرڪاري فوج کي السويدا علائقي ڏانهن موڪليو ويو ته جيئن دروز جنگجوئن ۽ بدوين بندوق بردارن جي وچ ۾ ويڙهه کي روڪي سگهجي، پر اهي پاڻ دروز مليشيا سان ڦاسي پيا. برطانيه ۾ قائم جنگ جي نگراني ڪندڙ تنظيم، سيرين آبزرويٽري فار هيومن رائٽس چيو ته سرڪاري فوجن ۽ انهن جي اتحادي گروپن دروز شهري جي غير عدالتي قتل عام ڪيو، جنهن ۾ 21 شهري مارجي ويا. مقامي نيوز آئوٽ ليٽ سُويدا 24 ٻڌايو ته اربع جي صبح شهر ۽ آسپاس جي ڳوٺن تي توپ خاني جا گولا فائر ڪيا پيا وڃن ۽ مارٽر حملا ڪيا پيا وڃن. شام جي دفاع واري وزارت، سرڪاري نيوز ايجنسي سانا ذريعي جاري ڪيل هڪ بيان ۾، سويدا ۾ لاقانونيت پسند گروپن تي جنگ بندي جي ڀڃڪڙي جو الزام لڳايو. شام جي بچاءُ واري وزارت شهر جي رهواسين کي گهرن ۾ رهڻ جي اپيل ڪئي آهي. ڪجهه رهواسين جن سان رائيٽرز فون تي رابطو ڪيو ته انهن چيو ته اهي خوف جي ڪري پنهنجن گهرن ۾ بند آهن ۽ بجلي به نه آهي. يورپي يونين شام جي دروز جي اڪثريت واري علائقي السويدا ۾ جاري جهڙپن تي ڳڻتي جو اظهار ڪيو ۽ سڀني ڌرين کي فوري طور تي جنگ بندي ۽ عام ماڻهن جي حفاظت جو مطالبو ڪيو. يورپي يونين جي سفارتي مشن پنهنجي بيان ۾ “سڀني ٻاهرين ڌرين تي زور ڏنو ته اهي شام جي خود مختياري ۽ علائقائي سالميت جو مڪمل احترام ڪن، جڏهن ته اسرائيل دروز جي حمايت ۾ حملا ڪيا آهن.” فرانس شام جي السويدا ۾ عام ماڻهن خلاف مبينا زيادتين کي ختم ڪرڻ جو به مطالبو ڪيو، جتي هڪ جنگي نگراني ڪندڙ اداري سرڪاري فوجن تي ماورائي عدالت قتل ۽ ٻين زيادتين جو الزام لڳايو آهي. فرانسيسي پرڏيهي وزارت چيو ته اسان عام ماڻهن خلاف ٿيندڙ زيادتين جي سخت مذمت ڪريون ٿا ۽ اهي زيادتيون فوري طور تي بند ٿيڻ گهرجن. فرانسيسي پرڏيهي وزارت جهڙپن کي فوري طور تي ختم ڪرڻ ۽ جنگ بندي جي احترام جو مطالبو ڪيو. پرڏيهي وزارت چيو ته فرانس عبوري شامي اختيارين ۽ السويدا جي اڳواڻن جي ڳالهين کي ٻيهر شروع ڪرڻ جي ڪوششن جي حمايت ڪري ٿو ۽ اميد رکي ٿو ته هڪ مستقل معاهدو شام جي اتحاد، استحڪام، خود مختياري ۽ سڀني شامين جي سلامتي کي مضبوط ڪندو. جڏهن ته اسرائيلي وزيراعظم نيتن ياهو دروز جي ماڻهن کي هدايت ڪئي آهي ته اهي شام ۾ داخل ٿيڻ کان پاسو ڪن. ڇاڪاڻ ته موتمار ويڙهه کانپوءِ ٻنهي طرفن کان درجن ماڻهو جنگ بندي لائين پار ڪري ويا. نيتن ياهو پنهنجي بيان ۾ چيو، “سرحد پار نه ڪريو.” هن السويدا جي صورتحال کي “انتهائي سنگين” قرار ڏنو. ان جي باوجود اسرائيلي فوج شام جي راڄڌاني دمشق ۾ اهم هنڌن تي حملا ڪيا، صدارتي محل ۽ دفاع وزارت جي ويجهو بم ڪيرايا آهن. عرب ميڊيا موجب اسرائيلي فوج جي سربراهه غزه جي پٽي کان وڏي تعداد ۾ فوج کي قبضي هيٺ گولان ڏانهن موڪلڻ جو حڪم ڏنو آهي. اسرائيل 1967ع جي ڇهن ڏينهن واري جنگ ۾ شام کان گولان جي جبلن تي قبضو ڪيو هو. ان دوران، ٽرمپ انتظاميه اسرائيل کان شامي فوجن تي هوائي حملا بند ڪرڻ جو مطالبو ڪيو آهي ۽ اسرائيل جو سويدا مان شامي فوج جي واپسي جو مطالبو ڪيو آهي. ان کان اڳ، اسرائيلي دفاع واري وزير دروز تي حملو ڪندڙ شامي فوج کي سويدا مان فوري طور تي پوئتي هٽڻ جو مطالبو ڪيو هو. شام ۾ هڪ بدو قبيلي پاران هڪ دروز واپاري جي اغوا سان شروع ٿيندڙ فسادن فرقه وارانه رخ اختيار ڪيو آهي، جهڙپن ۾ مارجي ويلن جو انگ 203 تائين پهچي ويو آهي. اسرائيل وحشياڻي جارحيت ڪندي فلسطين لبنان ايران کانپوءِ دمشق شام ۾ شامي دفاعي وزارت جي عمارت تي حملو ڪري يقينن اسلامي ملڪن خلاف هڪ نئون مورچو قائم ڪرڻ آهي. ڇو ته بشارالاسد کانپوءِ باغين جي حڪومت خود آمريڪا جي قائم ڪيل آهي، جنهن جو واضح ثبوت ان وقت ظاهر ٿيو جڏهن ٽرمپ سعودي عرب جي دوري تي آيو ۽ شامي صدر سندس والهانه استقبال ڪيو ۽ پنهنجي سمورن ڏوهن جي ٽرمپ کان معافي طلب ڪئي ۽ آخرڪار ٽرمپ ان جي ڪمزوريءَ کي سمجهي ورتو ۽ اسرائيل هٿان مٿس حملو ڪرايو. هاڻي وچ اوڀر جا مسلمان جيستائين متحد نه ٿيندا تيستائين آمريڪا منافقيءَ وارو ڪردار اپنائي اسرائيلي فوج هٿان حملا ڪرائيندو رھندو. چون ٿا ته شام Syria ۾ دروز مذهب سان وابسته فردن شام جي ڌرتيءَ تي سرعام اسرائيل جا جهنڊا ڦڙڪايا ۽ اسرائيل سان يڪجهتيءَ جو انوکو اظهار ڪيو ويو، اسرائيل پاران دروز مذهب جي نسل ڪشي جي الزام ۾ شام جي گاديءَ واري هنڌ مٿان حملو ڪري اهو واضح ۽ کلي عام پيغام ڏنو ته اسرائيل دروز مذهب سان گڏ آهي جيڪڏهن هلندڙ نسل ڪشي کي نٿو روڪرايو وڃي ته شام کي جهنم بڻائينداسين. ياد رهي ته Druze religion هڪ بند مذهب آهي، آئسوليٽيٽ مذهب آهي، جنهن جي دنيا ۾ آبادي وڌ ۾ وڌ 2 لک ٿيندي ۽ هي pro israeli پڻ آهن، جيڪي اردن، اسرائيل، لبنان ۽ شام ۾ اقليت ۾ رهن پيا، تازو شام Syria مٿان اسرائيل جي بمباري، شامي حڪومت تي دٻاءُ وجهڻ ۽ دروز جي نسل ڪشي کي روڪرائڻ خاطر ڪئي آهي. هاڻي ضرورت ان ڳالھه جي آھي ته عرب، ايراني ۽ ترڪ پنھنجن سياسي ۽ ذاتي مفادن کي ڇڏي فلسطيني ماڻھن جي مدد لاءِ متحد ٿين نه ته اسرائيل تمام جلد گريٽر اسرائيل جي منصوبي تي عمل ڪندي شام، لبنان، اردن، مصر، عراق ۽ سعودي عرب جي علائقن تي قبضا ڪري وٺندو ۽ اسان مذمتي بيانن تائين محدود ٿي وينداسين.