چمپڙا chimpanzee، پنهنجا بن مانس سَوٽ عام طور تي ڪيترن ئي ڊزن فردن تي ٻڌل ننڍڙن جٿن جي شڪل ۾ رهندا آهن. هو ويجھيون دوستيون قائم ڪن ٿا، گڏجي شڪار ڪن ٿا ۽ لنگور baboons، چيتن ۽ دشمن چمپڙن جي خلاف ڪلهو ڪلهي سان ملائي وڙهن ٿا. سندن سماجي بناوٽ طبقاتي آهي. جتي جي غالب رڪن کي الفا- نر سڏيندا آهن، ڇو ته اهو سدائين نر ئي هوندو آهي. ٻيا نر ۽ ماديون الفا- نر جي حڪمراني تسليم ڪندي سندس سامهون سر نوائيندي ڪڙڪيدار آواز ڪڍندا آهن، انسانن جو به لڳ ڀڳ ساڳيو ئي طريقو آهي. الفا نر، پنهنجي گروهه ۾ سماجي هم آهنگي برقرار رکڻ جي ڪوشش ۾ رڌل رهندو آهي. ڪن به ٻن ڄڻن وچ ۾ جھيڙي جي صورت ۾ هو وچ ۾ پئي جھيڙو ٽاريندو آهي، پر ڪم خير انديشيءَ واري صورت ۾ هُو لذيذ کاڌن تي پنهنجي اجاراداري به قائم ڪري سگھي ٿو ته هيٺين طبقي سان تعلق رکندڙ نرن کي مادين سان لڳ ڪرڻ کان روڪي به سگھي ٿو.
الفا نر جي مادي عهدي لاءِ چٽا ڀيٽي ڪندي، ٻه نَر چمپڙا پنهنجي گروهه مان ٻين نرن ۽ مادين جي حمايت حاصل ڪرڻ جي ڪوشش ڪندا آهن. حامي گروهن جي رڪنن وچ ۾ تعلقات جو دارومدار روزمره جي لاڳاپي تي هوندو آهي. جنهن ۾ ڀاڪر، چميون، سينگارڻ، ڇهڻ ۽ باهمي ڀلائي اچي وڃن ٿا. جيئن انسان سياستدان چونڊن جي مهم دوران ماڻهن سان هٿ ملائيندا آهن ۽ ٻارن کي چميون ڏيندا آهن، بلڪل اهڙيِ طرح چمپڙا به الفا نر ٿيڻ لاءِ ڀاڪر، چميون ۽ پٺيءَ تي ٿپڪيون ڏيندا آهن. الفا نر گھڻو ڪري اهو عهدو وڌيڪ طاقتور هجڻ جي بنياد تي نه، پر وڏي ۽ جٽادار اتحاد هجڻ جي بنياد تي کٽي ٿو. اهي اتحاد نه رڳو اڳواڻيءَ جي جدوجهد ۾ بلڪه روزمره جي معاملن ۾ به مرڪزي ڪردار ادا ڪن ٿا. اتحاد جا رڪن گھڻو وقت گڏ گذارين ٿا، هڪ ٻئي سان کاڌو به ونڊين ٿا ۽ ڏکي مهل تي هڪ ٻئي جي ڪم به اچن ٿا.
اهڙا گروهه قائم ڪرڻ ۽ برقرار رکڻ تي واضح حدون مقرر آهن. اهڙا گروهه ڪارآمد صرف تڏهن ٿي سگھن ٿا، جڏهن گروهه جو هر رڪن، ٻين سڀني رڪنن سان آشنا هجي. ٻه چمپڙا chimps، جيڪي اڳ ۾ ڪڏهن به هڪ ٻئي سان نه مليا آهن، نه وڙهيا آهن، نه انهن جي ڪڏهن باهمي افزائش ٿي آهي، تن لاءِ هڪٻئي تي اعتبار ڪرڻ تمام ڏکيو هوندو آهي. هو هڪ ٻئي جي مدد ڪرڻ جو فيصلو نٿا ڪري سگھن ۽ نه ئي اهو ڄاڻي سگھن ٿا ته هنن مان ڪنهن جو درجو وڌيڪ بلند آهي. فطري حالتن هيٺ، عام طور تي چمپڙن جو گروهه 20 هن کان 50 فردن تائين هوندو آهي. جيئن جيئن گروهه ۾ چمپڙن جو تعداد وڌندو آهي، تيئن تيئن سماجي نظم ۽ ضبط غير مستحڪم ٿي ويندو آهي ۽ نتيجي طور گروهه ۾ ڦيٽارو پوندو آهي ۽ اهو ٻن جٿن ۾ ورهائجي ويندو آهي. ڇاڪاڻ ته گروهه جا ناراض رڪن پنهنجو الڳ گروهه ٺاهي وٺندا آهن. ٻه ڌار گروهه ورلي ئي ڪو هڪٻئي سان تعاون ڪن ٿا. اڪثر علائقي ۽ خوراڪ خاطر منجھن ڇڪتاڻ هلندي رهندي آهي. محققن، مختلف گروهن جي وچ ۾ ڊگھين لڙائين کي قلمبند به ڪيو آهي. انهن مان هِڪَ لڙائيءَ ۾ ته نسل ڪُشيءَ جو عنصر به شامل هو، جو هڪ گروهه رٿابنديءَ سان مخالف گروهه جا ڪيترائي رڪن قتل ڪيا.
اوائلي انسان جي سماجي زندگي به ساڳي صورتحال سان منهن ڏنو، جنهن ۾ قديم عاقلمانHomo sapiens به اچي وڃن ٿا. چمپڙن وانگر انسانن ۾ به ساڳيون ئي سماجي جبلتون هيون جن پنهنجي پُرکن کي دوستيون ۽ طبقن قائم ڪرڻ ۽ گڏجي وڙهڻ ۽ شڪار ڪرڻ ۾ مدد ڪئي. چمپڙن جي سماجي جبلتن وانگر، انساني جبلتون به ننڍڙن الفتي گروهن تائين موافق هيون، پر جيئن ئي ڪنهن گروهه جي رڪنن جو تعداد وڌندو هو، تيئن ئي ان جو سماجي نظم و ضبط غير مستحڪم ٿي ويندو هو ۽ نتيجي ۾ گروهه به ورهائجي ويندو هو. پوءِ ڀلي ڪا وادي ايتري زرخيز ڇو نه هجي جو 500 آڳاٽن عاقلمانن کي به کارائڻ جا وسيلا رکندي هجي، پر اهو ممڪن نه هو ايترا سارا اجنبي هڪٻئي سان گڏ رهي سگھن. نيٺ هُو انهن ڳالهين تي ڪيئن گڏ ٿي سگھيا ٿئي ته سندن اڳواڻ ڪير ٿيندو، ڪير ڪٿي شڪار ڪندو ۽ ڪير ڪنهن سان لڳ ڪندو؟
شناسائي انقلاب جي شروعات ۾ عاقلمان جڏهن ڪچهري ڪرڻ سکيا، تڏهن ان ڏانوَ کين وڏا ۽ مستحڪم گروهه ٺاهڻ ۾ مدد ڪئي، پر ڪچهري به ڪنهن خاص حد تائين ڪارگر ثابت ٿئي ٿي. سماجياتي تحقيق مان پتو پيو آهي ته ڪچهريءَ جي مدد سان قائم ٿيل وڏي ۾ وڏو قدرتي گروهه 150 فردن تي مشتمل ٿي سگھي ٿو. اڪثر ماڻهو 150 کان وڌيڪ فردن کي نه چڱيءَ پر ڄاڻندا آهن ۽ نه ئي انهن متعلق گپ شپ ڪري سگھندا آهن. ويندي اڄ ڏينهن تائين به انساني تنظيمن ۾ فيصلائتي حد ان جادوئي عدد جي ويجھو نظر اچي ٿي. ان حد کان هيٺ، برادريون، واپاري، سماجي ۽ فوجي ايڪايون، صرف ويجھڙائپ ۽ ڪچهريءَ جي بنياد تي پنهنجو پاڻ کي برقرار رکي سگھن ٿيون. انهن تنظيمن ۾ نظم رکڻ لاءِ ڪن به باقائده عهدن، لقبن، يا قانون جي ڪتابن جي ضرورت نه هوندي آهي. ٽيهن فوجين جي پلٽڻ، ويندي هڪ سَئو فوجين جو جٿو، صرف ويجھڙائپ وارن تعلقات جي آڌار تي، گھٽ ۾ گھٽ رسمي انتظام سان پنهنجو ڪم ڪري سگھي ٿو. ڪو معتبر سارجنٽ ڪمپنيءَ جو بادشاهه ٿي سگھي ٿو ۽ ويندي سند يافته آفيسرن تي به حڪم هلائي سگھي ٿو. ڪنهن ننڍڙي ڪٽنب جو ڪاروبار، بورڊ آف ڊائريڪٽرس، سي اي او، يا ماليات واري کاتي کانسواءِ ئي هلي سگھي ٿو، پر جيئن ئي 150 فردن جي حد اورانگھجي ٿي، تيئن ئي شين جو ايترو سولو هلڻ ڏکيو ٿي پوي ٿو. هزارين فوجين جي ڊويزن ساڳئي طريقي سان نه ٿي هلي سگھي جنهن طريقي سان هڪ پلٽڻ هلي سگھي ٿي. ڪو ڪامياب خانداني واپار به عام طور تي مشڪلاتن ۾ اچي ويندو آهي، جڏهن هو وڌي وڏو ٿيندو آهي ۽ وڌيڪ ماڻهن جون خدمتون حاصل ڪندو آهي. جيڪڏهن هو پنهنجو پاڻ کي بدلائڻ ۾ ناڪام ٿا وڃن ته پوءِ سندن واپار جو بچڻ تمام مشڪل آهي ته پوءِ عاقلمانن اها فيصلائتي حد ڪيئن پار ڪئي؟ انهن لکين رهواسين جا وڏا شهر ڪيئن اڏيا؟ هنن ڪروڙن تي حڪومت ڪندڙ بادشاهتون ڪيئن جوڙيون؟ اهو راز شايد افسانن جي رونما ٿيڻ ۾ لڪل آهي. وڏي تعداد ۾ اوپرا ماڻهو هڪ ٻئي سان ڪاميابيءَ سان تڏهن تعاون ڪري سگھن ٿا، جڏهن هو هِڪَ ئي ڏند ڪٿا تي يقين رکندڙ هجن. ڪنهن به وڏي پيماني تي انساني تعاون بشمول جديد رياست، پراڻي چرچ، قديم شهر ۽ آڳاٽي قبيلي جو بنياد ڪن اهڙين ڏند ڪٿائن تي ٻڌل هوندو آهي جيڪي صرف ماڻهن جي گڏيل تصور ۾ وجود رکن ٿيون. چرچُن جون پاڙون گڏيل ديني قصن ۾ کتل آهن. ٻه اڻواقف عيسائي گڏجي جهاد ڪري سگھن ٿا يا اسپتال اڏڻ لاءِ چندو گڏ ڪري سگھن ٿا. ڇاڪاڻ ته سندن ايمان آهي، خدا انساني صورت ۾ نمودار ٿيو ۽ انسانن گناهه معاف ڪرڻ لاءِ قربان ٿيو. رياستون اشتراڪي قومي ڪهاڻين تي ٻڌل هونديون آهن. ٻه اڻواقف سرب هڪٻئي کي بچائڻ لاءِ پنهنجي زندگي خطري ۾ وجھي سگھن ٿا. ڇاڪاڻ ته ٻنهي کي سربيائي قوم، سربيائي وطن ۽ سربيائي جھنڊي جي وجود تي يقين آهي. انصاف جا سرشتا گڏيل قانوني ڏند ڪٿائن تي ٻڌل هوندا آهن. ٻه اڻواقف وڪيل گڏجي ڪنهن اجنبيءَ جو دفاع ڪري سگھن ٿا. ڇاڪاڻ ته هو قانون، انصاف، انساني حقن ۽ موٽ ۾ کين ملندڙ في جي مليل رقم تي يقين رکن ٿا، پر انهن مان ڪابه شَي انهن آکاڻين کان ٻاهر وجود نٿي رکي جيڪي ماڻهو گھڙين ٿا ۽ هڪٻئي سان اورين ٿا. ڪائنات ۾ انسان جي گڏيل تصور کان ٻاهر، ڪي به ديوتا نه آهن، ڪي به قومون نه آهن، ڪي به پئسا نه آهن، ڪي به انساني حق نه آهن، ڪو به قانون نه آهي، ۽ ڪو به انصاف نه آهي.
پاڻ اهو سڀ آسانيءَ سان تسليم ڪريون ٿا ته قديم دور جا قبيلا پنهنجي سماجي هم آهنگي قائم رکڻ لاءِ جنن ۽ روحن تي ايمان آڻيندا هئا ۽ هر چانڊوڪيءَ رات ۾ باهہ جي چوڌاري گڏجي نچندا هئا، پر پنهنجي لاءِ اهو مڃڻ ڏکيو آهي ته جديد ادارا به ساڳين ئي اصولن تي ڪم ڪن ٿا. جديد واپاري ڪمپنين جو مثال کڻي وٺو. اڄ جا واپاري ۽ وڪيل حقيقت ۾ سامري جادوگر آهن. سندن ۽ قبيلائي جنترين جي وچ ۾ بنيادي فرق صرف اهو آهي ته اڄڪلهه جا وڪيل وڌيڪ اوپرا قصا ٻڌائن ٿا. پَجو Peugeot جي ڏند ڪٿا ان جو هڪ بهترين مثال آهي.
اسٽاڊل Stadel غار مان لڌل شيرمانLion-man مورتيءَ ملندڙ جلندڙ بوتو icon اڄڪلهه پيرس کان وٺي سڊني تائين سمورن شهرن ۾ گاڏين، موٽرسائيڪلن ۽ ٽرڪن تي نظر ايندو آهي. اهو پَجو جو ڌمڻ زيورhood ornament آهي جيڪو پَجو جي گاڏين کي سينگاريندو آهي، جنهن جو شمار يورپ جي پراڻي ترين ۽ شاهي ترين ڪار ٺاهيندڙ ڪمپنين ۾ ٿئي ٿو. پَجو ڪمپنيءَ جي شروعات اسٽاڊل غار کان صرف 300 ڪلو ميٽر پري والانتڃِي Valentigney ڳوٺ ۾ هڪڙي ننڍڙي خانداني ڌنڌي طور ٿي. اڄ سڄي دنيا ۾ ان ڪمپنيءَ جا اٽڪل ٻه لک ملازم آهن، جن مان گھڻا هڪ ٻئي لاءِ بلڪل اجنبي آهن. اهي اجنبي هڪٻئي سان ايترو ته اثرائتي طريقي سان تعاون ڪن ٿا جو 2008ع ۾ پَجو 15 لک گاڏيون تيار ڪيون ۽ 55 ارب يورو ڪمايا.
پنهنجو اهو چوڻ ڪهڙي معنيٰ رکي ٿو ته پَجو ايس اي (ڪمپنيءَ جو رسمي نالو) وجود رکي ٿي؟ پَجو ڪمپنيءَ جون گاڏيون ته ڪيتريون ئي رستن تي ڏسي سگھجن ٿيون، پر اهي صرف گاڏيون آهن، ڪمپني ته نه آهن. اوهان ڀلي دنيا جون سڀئي پَجو گاڏيون بيڪ وقت پُرزا پُرزا ڪري تور تي ڪٻاڙيءَ وٽ وڪڻي اچو، پر پَجو ايس اي وري به قائم رهندي. اهي نيون گاڏيون تيار ڪندي رهندي ۽ سالياني رپورٽ به جاري ڪندي رهندي. ڪمپنيءَ وٽ ڪارخانا، مشينون، ۽ نمائشگاهه آهن. ان کانسواءِ ڪمپنيءَ وٽ مڪينڪ، خزانچي ۽ سيڪريٽري به آهن، پر اهي سڀ گڏجي به پَجو ڪو نه ٿا جوڙين. جيڪڏهن ڪنهن آفت ۾ پَجو جا سڀ ملازم مري به وڃن، پَجو جون سڀ آفيسون ڊهي به پون ۽ ڪارخانا به تباهه ٿي وڃن، پوءِ به ڪمپني قرض کڻي، نوان ملازم رکي سگھي ٿي، نوان ڪارخانا اڏي سگھي ٿي ۽ نيون مشينون وٺي سگھي ٿي. پَجو جا مئنيجر آهن ۽ شراڪتدار آهن، پر اهي به پَجو ڪمپني نٿا جوڙين. سڀني مئنيجرن کي فارغ ڪري سگھجي ٿو ۽ ڪمپنيءَ جا شيئرس وڪڻي سگھجن ٿا، پر تڏهن به ڪمپني باقي رهندي.
ان جو مطلب اهو ناهي ته پَجو ايس اي خطرن کان پاڪ يا لافاني آهي. جيڪڏهن ڪورٽ ڪمپنيءَ کي ٽوڙڻ جو فيصلو ڪري ٿي، ته ان جا ڪارخانا قائم رهندا، ان جا مزدور، خزانچي، مئنيجر ۽ شراڪتدار زندہ رهندا، پر پَجو ايس اي پڄاڻيءَ کي رسندي. مختصراً، پَجو ايس اي جو طبعي دنيا سان ڪو به لازمي ڳانڍاپو نظر نٿو اچي. ڇا اها واقعي وجود رکي ٿي؟
پَجو پنهنجي اجتماعي تصور جو ڀرم آهي. وڪيل ان کي قانوني افسانو چوندا آهن. ان ڏانهن آڱر سان اشارو نٿو ڪري سگھجي. اها ڪو طبعي وجود نٿي رکي، پر اها قانوني وجود ضرور رکي ٿي. اوهان ۽ مون وانگر اها انهن ملڪن جي قانون هيٺ پابند آهي، جن ۾ اها ڪم ڪري ٿي. اها بينڪ کاتا کولي سگھي ٿي ۽ جائيداد خريد ڪري سگھي ٿي. اها ٽيڪس پياري ٿي. ڪمپنيءَ جا ملازم، شراڪتدار، صارف يا ڪمپنيءَ کان ڇيهو رسڻ جي شڪايت رکندڙ ڪي به ماڻهو ان مٿان مقدمو به دائر ڪري سگھن ٿا. نتيجي ۾ ان ڪمپنيءَ کي سزا به ملي سگھي ٿي. پَجو قانوني افساني جي هڪ مخصوص صنف سان تعلق رکي ٿي جنهن کي محدود ذميواري ڪمپنيون Limited Liability Companies چئجي ٿو. اهڙين ڪمپنين جو تخيل انسان ذات جي ڪاريگراڻي ايجادن مان هڪ آهي. عاقلمان سهسين سال اهڙين ڪمپنين کانسواءِ ئي جيئندا آيا. مرتب ڪيل تاريخ دوران جائيداد جا مالڪ صرف ۽ صرف ماس ۽ رت هاڻا انسان ئي رهندا اچن، جيڪي ٻن ٽنگن تي بيهن ٿا ۽ وڏا دماغ رکن ٿا. جيڪڏهن تيرهين صديءَ جي فرانس ۾ جان نالي ڪنهن صاحب ويگن ٺاهيندڙ ورڪشاپ ٿي کوليو، ته هو بذات خود واپار هو. جيڪڏهن سندس تيار ڪيل ويگن خريد جي هفتي اندر خراب ٿئي ٿي پئي ته ان جو ستايل خريدار جان صاحب تي ذاتي طور تي ڪيس ڪندو هو. جيڪڏهن جان صاحب ورڪشاپ اڏڻ لاءِ 1000 سونا سڪا اڌارا وٺندو هو ته ڌنڌو ناڪام ٿيڻ جي صورت ۾ کيس ئي قرض واپس ڪرڻو پوندو هو، پوءِ ڀلي ان لاءِ کيس سندس ذاتي ملڪيت گھر، ڍڳي يا زمين ئي وڪڻڻي ڇو نه پوي. جيڪڏهن اهي به وٽس ناهن ته پوءِ شايد کيس پنهنجا ٻار به ڪنهن جي غلامي ڪرڻ لاءِ وڪڻي پنهنجو قرض لاهڻو پوندو هو. جيڪڏهن وٽس ٻار به ڪونهن ته پوءِ کيس يا ته جيل ڀوڳڻو پوندو هو يا وري کيس پاڻ قرض ڏيندڙن جي غلاميءَ ۾ وڃڻو پوندو هو. هُو پنهنجي ورڪشاپ وارن فرضن جي ڪوتاهيءَ جي صورت ۾ لامحدود حد تائين ڏنڊ ڀري ڏيڻ جو ذميوار هو. جيڪڏهن اوهان ان دور ۾ رهندا هجو ها، ته پنهنجو ڪاروبار کولڻ جو سوچڻ به اوهان لاءِ وڏو معرڪو هجي ها ۽ حقيقت ۾ اهائي قانوني صورتِحال هئي جنهن ڪاروبار کي اسرڻ کان روڪيو. ماڻهو نئون ڪاروبار شروع ڪرڻ ۽ معاشي جوکم کڻڻ کان لهرائيندا هئا. اهڙو قدم کڻڻ تمام ڏکيو هوندو هو جنهن ۾ ساري ڪٽنب جو مستقبل داوَ تي لڳي وڃي. اهو ئي سبب آهي جو ماڻهن محدود ذميواري ڪمپنين جي وجود جو اجتماعي تصور قائم ڪرڻ شروع ڪيو. اهي ڪمپنيون قانوني طور تي انهن ماڻهن کان آزاد هيون، جن انهن کي قائم ڪيو ٿئي، انهن ۾ رقم سيڙائي ٿئي، يا وري انهن کي هلايو ٿئي. گذريل ڪن صدين کان اهڙيون ڪمپنيون اقتصادي ميدان ۾ مکيه ڪردار ادا ڪري رهيون آهن ۽ اسين انهن سان ايترو مانوس ٿي چڪا آهيون جو پاڻ کي اها ڳالهه وسري وئي آهي ته انهن جو وجود صرف پنهنجي تصور ۾ آهي. آمريڪا ۾ محدود ذميواري ڪمپنين کي ڪارپوريشن چوندا آهن. ڪارپوريشن لاطيني لفظ ڪارپسCorpus مان نڪتل آهي، جنهن جي معنيٰ آهي “جسم”، پر پنهنجي معنيٰ جي ابتڙ، ڪارپوريشنس ڪنهن به قسم جي جسم کان عاري آهن. جيتوڻيڪ وٽن ڪوبه حقيقي جسم نه آهي، آمريڪي قانوني سرشتو ساڻن هڪ طبعي فرد وارو سلوڪ ڪندو آهي، ڄڻ اهي ڪمپنيون ماس ۽ رت هاڻا انسان هجن.
فرانسيسي قانوني سرشتي به 1896ع ۾ بلڪل ايئن ئي ڪيو، جڏهن پنهنجي والدين کان ورثي ۾ سائيڪلون، ڪاتيون ۽ اسپرنگ ٺاهيندڙ ڌات خانوMetal Workshop حاصل ڪندڙ آرمان پَجو Armand Peugeot آٽوموبائيل واپار اختيار ڪرڻ جو فيصلو ڪيو. ان ڏس ۾ هن محدود ذميواري ڪمپني قائم ڪئي. هن پنهنجو نالو ڪمپنيءَ تي رکيو، پر ڪمپني کانئس آزاد حيثيت رکندڙ هئي. جيڪڏهن ڪنهن جي گاڏي خراب ٿي ٿي وئي ته هو پَجو ڪمپنيءَ خلاف دعويٰ ڪري سگھيا ٿي، پر ذاتي طور تي آرمان پَجو تي مقدمو دائر ڪري نه ٿي سگھيا. جيڪڏهن ڪمپني ڪي لکَ فرانڪ قرض وٺڻ کانپوءِ ڏيوالپڻي جو شڪار ٿئي ٿي، ته ان صورت ۾ به آرمان پَجو قرض ڏيندڙن وٽ هڪ فرانڪ جو به قرضدار نه هو. قرض صرف ڪمپنيءَ کي ڏنو ويو هو، عاقلمان آرمان پَجو کي نه. آرمان پَجو 1915ع ۾ گذاري ويو، جڏهن ته پَجو ڪمپني اڃان تائين جيئري ۽ چاڪ و چوبند آهي.آرمان پَجو نالي فرد، پَجو نالي ڪمپني نيٺ به ڪيئن تخليق ڪئي؟ بلڪل ايئن ئي جيئن تاريخ منجھه پادرين ۽ جادُوگرن خدا ۽ شيطان تخليق ڪيا ۽ جيئن فرانسيسي نجات گر هر آچر تي ضلعي انتظاميه هيٺ هلندڙ چرچُن ۾ عيسيٰ مسيح جي جسم کي پيدا ڪندا هئا. ان سڄي مشق جو مقصد ماڻهن کي قصا ٻڌائڻ ۽ کين انهن تي يقين ڏيارڻ هو. فرانسيسي نجاتگرن جي آڏو اهم ترين ڪهاڻي ڪيٿولڪ چرچ جو بيان ڪيل عيسيٰ مسيح جي زندگي ۽ موت وارو قصو آهي. ان قصي مطابق، جيڪڏهن پاڪ لباس ۾ ملبوس ڪيٿولڪ پادري، صحيح وقت تي صحيح لفظ چوندو ته ماني ۽ شراب خدا جي ماس ۽ رت ۾ تبديل ٿي ويندا. پادري لاطيني ٻوليءَ ۾ واڪو ڪيو، “اوڪ ايست ڪارپُوس ميئم” (“هي منهنجو جسم آهي!” جي لاطيني)، ۽ ڇُو منتر ماني عيسيٰ مسيح جي ماس ۾ تبديل ٿي وئي. جڏهن ماڻهو پادريءَ کي سليقي ۽ اورچائيءَ سان سڀ عمل ڪندي ڏسن ٿا، تڏهن لکين فرانسيسي ڪيٿولڪ عقيدتمند بلڪل ايئن محسوس ڪن ۽ ڪرائين ٿا، ڄڻ واقعي پڙهيل ماني ۽ شراب ۾ خدا موجود هجي.
پُراثر آکاڻيون ٻڌائڻ ڪو سولو ڪم نه آهي. آکاڻي ٻڌائڻ ۾ ڪا ڏکيائي نه آهي، پر ماڻهن کي ان تي يقين ڏيارڻ ڏکيو ڪم آهي. تاريخ جو ڳچ حصو ان سوال جي چوڌاري گھمندو رهيو آهي: لکين ماڻهن کي خدائن، قومن ۽ محدود ذميواري ڪمپنين متعلق آکاڻين تي ڪيئن يقين ڏيارجي؟ پر جي ايئن ڪرڻ ۾ ڪاميابي ٿئي ٿي ته پوءِ ان سان عاقلمان کي تمام گھڻي طاقت ملي ٿي. ڇاڪاڻ ته ان سان لکين اوپرا ماڻهو هڪ ٻئي سان سهڪار ڪن ٿا ۽ گڏجي ڪو مقصد حاصل ڪرڻ طرف ڪم ڪن ٿا. اوهان ٿورو سوچو ته رياستون، چرچ ۽ قانوني سرشتا ٺاهڻ ڪيترو نه ڏکيو ڪم هجي ها، جيڪڏهن اسين صرف طبعي وجود رکندڙ شين جي باري ۾ ڳالهائي سگھون ها جھڙوڪ نديون، وڻ ۽ شينهن وغيرہ.
ڪيتري عرصي کان ماڻهن ناقابل يقين حد تائين آکاڻين جي انتهائي پيچيده ڄار کي اڻيو آهي. انهيءَ ڄار منجھه، پَجو جو افسانو نه صرف وجود رکي ٿو بلڪه، تمام گھڻي طاقت به گڏ ڪري ورتي آهيس. ان ڄار وسيلي ماڻهو جيڪي شيون تخليق ڪن ٿا، علمي حلقن ۾ انهن کي افسانا، سماجي جوڙجڪ، يا تصوراتي حقيقتون سڏجي ٿو. تصوراتي حقيقت ڪوڙ نه آهي. ڪوڙ تڏهن چئبو جڏهن آئون چوان ته نديءَ ڪناري شينهن آهي، چڱيءَ ريت ڄاڻندي به ته اتي شينهن نه آهي. ڪوڙ ڳالهائڻ ڪا خاص ڳالهه نه آهي. ساوا ڀولڙا ۽ چمپڙا ڪوڙ ڳالهائي سگھن ٿا. مثال طور، ساوا ڀولڙا ڪو به شينهن نه هوندي به “خبردار! شينهن پيو اچئي!” جا سڏ ڪندي نظر آيا آهن. اهڙيءَ ريت ساٿي ڀولڙو جنهن اڃان ڪيلا لڌا ئي هئا سو ڊپ ۾ ڪيلا ڇڏي ڀڄي وڃي ٿو ۽ سندن لڌل ڪيلا ڪوڙي ڀولڙي کي ڦٻجن ٿا. ڪوڙ جي ابتڙ، تصوراتي حقيقت اها شَيءِ آهي جنهن تي سڀ يقين ڪن ٿا، ۽ جيستائين ان جي سماجي ساک بحال رهي ٿي اها دنيا ۾ پنهنجي طاقت جو مظاهرو ڪندي رهي ٿي. ٿي سگھي ٿو ته اسٽاڊل غار جو سنگ تراش شيرمان Lion-man واري نگهبان فرشتي جي وجود ۾ خلوص سان يقين رکندو هجي. ڪي جادُوگر واقعي ڍونگي آهن، پر گھڻا حقيقت ۾ شيطانن ۽ خدائن جي وجود تي يقين رکن ٿا. گھڻا ڪروڙ پتي حقيقت ۾ پئسن ۽ محدود ذميواري ڪمپنين جي وجود تي يقين رکن ٿا. ڪيترائي انساني حقن جا ڪارڪن خلوص سان انساني حقن جي وجود تي يقين رکن ٿا. 2011ع ڌاري جڏهن گڏيل قومن جي اداري لبيا جي حڪومت کان سندس شهرين جي انساني حقن جو احترام ڪرڻ جو مطالبو ڪيو تڏهن ڪنهن به ڪوڙ ڪو نه پئي ڳالهايو، توڻي جو سڀ جا سڀ، گڏيل قومن جو ادارو، لبيا ۽ انساني حق پنهنجي زرخير تخيل جو گمان آهن.
شناسائي انقلاب جي برپا ٿيڻ کان وٺي، عاقلمان دهري حقيقت منجھه جِي رهيا آهن. هڪ پاسي درياءُ، وڻ، ۽ شينهن جهڙيون معروضي حقيقتون آهن، ۽ ٻئي پاسي خدا، قوم، ۽ شراڪتدارين جهڙيون تصوراتي حقيقتون آهن. جيئن جيئن وقت گذرندو ويو تيئن تيئن تصوراتي حقيقتون طاقتور کان طاقتوَر تر ٿينديون ويون ۽ هاڻ صورت حالت اها وڃي بيٺي آهي جو دريائن، وڻن ۽ شينهن جي بقاوَ جو دارومدار آمريڪا جي گڏيل رياستن ۽ گوگل جهڙين تصوراتي حقيقتن جي رحم و ڪرم تي ٽيڪيل آهي.
***
مترجم يونائيٽيڊ ڪنگڊم جي جامعه لِوَر پُول ۾ محقق طور ڪم ڪري رهيو آهي. مصنف جي نقطهءِ نظر سان سندس متفق هجڻ لازمي نه آهي.