بلاگنئون

آمريڪي اسرائيلي جنگي جنونيت ختم ڪرائڻ گھرجي

ويجھڙائيءَ وارن ڏينھن دوران دنيا ۾ امن قائم ڪرڻ جون ڪوڙيون بيان بازيون ۽ دعوائون ڪندڙ آمريڪي صدر ٽرمپ جي جنگي جنون، ڌمڪين ۽ آمريڪي برتري جي غرور ۾ مبتلا رھڻ سبب انسانيت ھڪ عجيب خوفائتي ۽ بيچيني واري ڌٻڻ ۾ ڦاٿل ڏسجي ٿي. اھو ٽرمپ جنھن مسلمانن جي دشمن ملڪ اسرائيل  سان گڏجي ۽ مڪمل ساٿ سان ھزارين فلسطينين جو رت وھائي وسنديون اجاڙي ھزارين لکين غزه جي انسانن کي  زخمي ۽ معذورين جا درد ڏئي بين الاقوامي ڏوھ ڪري چڪو آھي. وري ان جي نالي تي ڪجھه حمايتي ملڪن کي پاڻ سان ساٿ ۾ ملائي امن جي ڳالھه ڪندي پنھنجا ھڪطرفا فيصلا مڙھڻ لڳو آھي. اھڙي ريت  گڏيل قومن جي اداري کي ڪمزور ڪندي ان کي نالي ماتر قائم رکي ھڪ ٻيو امن جو دوکيبازي تي ٻڌل پروگرام منظر عام تي آندو آھي. ھن موجوده ھلندڙ جنگي جنونيت واري دور ۾ آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جون روزانو ايران قيادت مٿان سخت گير موقف پنھنجي برتري ڏيکارڻ واسطي موتمار ڌمڪيون ۽ دٻاءُ بعد نيٺ 28 فيبروري ماھ مبارڪ جي ڏھين روزي جي صبح ڌاري اسرائيل سان گڏجي حملو ڪري دنيا کي جنگي خوف ۾ مبتلا ڪري ڇڏيو. اھڙي ريت تازو امن جون ڪانفرنسون ڪندڙ آمريڪا خود ايران مٿان جنگ جي شروعات ڪري ڇڏي آھي.

جيڪو بين الاقوامي اصولن انساني حقن جي تنظيم جي قاعدن کان ابتڙ عمل آھي جنھن ڪري دنيا جي امن پسند عوام ۽ جنگين کان نفرت ڪندڙ انسانن جون دعائون ۽ اخلاقي حمايت ايران سان ڏسجي ٿي. دنيا جي امن پسند عوام جي خواھش ھئي ته جنگ نه ٿئي، پر جنگجو ٽرمپ نيٺ پاڳل پڻي سان ايران مٿان حملو ڪري ڇڏيو آھي. جنھن کي ڪوبه امن پسند غير ضروري سمجھندي ناپسند ڪري ٿو. ايران پنھنجي بچاءُ لاءِ ڪوششن ۾ آھي ته جيئن دنيا ڏسي ۽ دنيا جا امن پسند، دنيا جي ميڊيا، اينڪرز، اديب، صحافي، سياستدان، سماجي اڳواڻ، مولوي صاحبان،  سياست جي تعليم جا استاد شاگرد، واپاري تنظيمون، بين الاقوامي ادارا، انساني حقن جون تنظيمون، عيسائين جا بزرگ، گرجائون،  خود آمريڪي، برطانيا، ڪئناڊا، جرمني جي عوام ڏسي ته ايران مٿان ناجائزي ڪندي داداگيري، جارحيت پسندي ڪندي آمريڪي جنگجو انسان دشمن صدر ٽرمپ طرفان پرامن ملڪ اسلامي جمھوري ايران مٿان وحشياڻو حملو ڪرائڻ لاءِ جنگي ٻيڙن جي گھيري ۾ آڻي حملا ڪرڻ کي ڪنھن به ريت  بھتر نٿو چئي سگھجي. ھن منظر نامي ۾ ھڪ طرف امن لاءِ مذاڪرات جا وفد ڳالھيون ڪري رھيا ھئا ته ٻئي طرف جنگجو جھازن جو رخ ايران طرف ڪرائي خوفناڪ حملو ڪرايو ويو آھي. جنھن سان پوري خطي ۾ جنگي خوف جي فضا قائم ٿي وئي آهي. ٽرمپ جھڙي فسادي نمبر ون  دنيا کي ھڪ عجيب غريب انتشار واري آزار ۾ مبتلا ڪندي گھڻن ملڪن خاص ڪري عرب ملڪن کي به اذيت ۾ وجھي ڇڏيو آھي.

تازو ٿيل امن ڪانفرنس ۾ امن جون ڳالھيون فقط ڏيکاءُ لڳيون. گڏيل قومن جي اھم اداري جي حيثيت کي به ٽرمپ سرڪار داءُ تي لڳائي ان جي ڪردار ۽ ڪارڪردگيءَ تي سواليا نشان ھڻي ڇڏيا آھن. ايران ڪڏھن به اڳرائي ڪندڙ ملڪ نه رھيو آھي. ايران پنھنجي وس ۽ جذبي آھر ڪنڌ مٿي ڪري ٽرمپ جي جنگي جنونيت کي ڏسندي محفوظ رھڻ جون ڪوششون ڪرڻ سميت امن خاطر ڳالھين جي ميز تي ويھي معاملات بھتر بڻائڻ کي اوليت ڏني. پوءِ به جنوني آمريڪي صدر جنگ جو طبل وڄائي عالمگير امن داءُ تي لڳائي ڇڏيو آهي.  ايران اڳ ۾ واضح ڪري ڇڏيو ھو ته سندس مٿان جنگي حملا خاص ڪري عرب ملڪن جي آمريڪي اڏن تان حملا ٿيا ته ايران جوابي طور انھن جو جواب ضرور ڏيندو. ان مناسبت سان قطر، بحرين ۽ ابوظھبي جي آمريڪي اڏن سبب جوابي ميزائيل حملا جن رپورٽون نشر ٿيون آھن. ھنن جنگي حملن دوران ايران جي وزير خارجه پاران پاڪستان سان رابطو ڪندي نائب وزيراعظم ۽ پرڏيھي وزير اسحاق ڊار سان جنگي صورتحال تي فون وسيلي ڳالھه ٻولھه ڪئي آھي. ڊار طرفان ايران مٿان حملن جي شديد مذمت ڪئي وئي آھي. آخر ۾ جنگين کان نفرت ۽ عالمي امن جي دعائن سان رب سائين ايران کي فتح سان سر بلند رکي.