خاص

پهرين کان اٺين جماعت تائين شاگردن کي پروموٽ ڪرڻ جو فيصلو

تعليم کاتي طرفان پهرين کان اٺين جماعت تائين شاگردن ۽ شاگردياڻين کي بغير امتحان اڳئين درجن ۾ موڪلڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي. ميٽرڪ ۽ انٽر جي امتحانن بابت ڪاميٽي 24 ڪلاڪن ۾ رپورٽ پيش ڪندي. سعيد غني چيو آهي ته حالتون بهتر نه ٿيون ته ايندڙ 6 کان 8 مهينا وڌيڪ اسڪول بند ٿي سگهن ٿا. ميٽرڪ ۽ انٽر جي شاگردن کي بغير امتحان جي اڳئين درجن ۾ موڪلڻ لاءِ قانوني مشڪلاتون آهن. ان حوالي سان ڪالهه سنڌ جي تعليم کاتي بابت اسٽيئرنگ ڪاميٽي جو اجلاس تعليم کاتي واري صوبائي وزير سعيد غني جي صدارت ۾ ٿيو جنهن ۾ سنڌ ۾ تعليمي سال، موڪلن، بغير امتحانن جي شاگردن کي اڳئين درجن ۾ ترقي ڏيڻ سميت مختلف معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. اجلاس ۾ خانگي اسڪولن جي انجمنن جي نمائندن سڀني معاملن تي پنهنجن خيالن جو اظهار ڪيو. اجلاس کانپوءِ سنڌ اسيمبلي جي آڊيٽوريم ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي سنڌ جي تعليم واري وزير سعيد غني چيو ته پهرين کان اٺين درجي تائين ٻارن لاءِ امتحان نه ڪيا ويندا ۽ انهن کي اڳئين درجن ۾ ترقي ڏني ويندي. ميٽرڪ ۽ انٽر جي امتحانن بابت تعليم کاتي جي اسٽيئرنگ ڪاميٽي آغا خان بورڊ ۽ سيڪريٽري تعليم، ڪاليجن، بورڊن ۽ يونيورسٽين سميت سمورن بورڊن جي چيئرمينن جي هڪ ڪاميٽي ٺاهي آهي، جيڪا ايندڙ 24 ڪلاڪن ۾ پنهنجي رپورٽ تيار ڪندي، جيڪا آئون نيشنل ڪوآرڊينيشن ڪاميٽي ۾ رکندس جتي فيصلو ڪيو ويندو. هن چيو ته جيڪڏهن صورتحال ساڳي رهي ته اسان 5 سال به تعليمي ادارا بند رکي سگهون ٿا، پر متبادل تعليم متعارف ڪرائي ويندي