وفاق جلد سنڌ ۾ 440 ارب رپين جا نوان منصوبا شروع ڪندو: خسرو بختيار
گورنر هائوس ۾ سنڌ جي گورنر سان گڏجي پريس ڪانفرنس ڪندي هن چيو ته وفاق گرين لائين بس منصوبي لاءِ 11 ارب رپيا ڏيندو جنهن جي منظوري سي ڊي ڊبليو پي پاران ڏني وئي آهي. ان کان علاوه وفاق ريڊ لائين بس منصوبي ۽ ييلو لائين منصوبي تي به ڪم ڪري رهيو آهي. هن وڌيڪ چيو ته ڪي فور منصوبو به وفاق مڪمل ڪرائيندو پوءِ ڀلي ان تي ڪيترو به خرچ اچي. ساڳي ريت ڪي ون ۽ ڪي ٽو منصوبن ۾ به سنڌ حڪومت جو ساٿ ڏنو ويندو. ساڳئي وقت ڪراچي جي منگهو پير روڊ جي تعمير تي به جلد ڪم شروع ڪيو ويندو. هن وڌيڪ چيو ته ڪراچي جي لاءِ ورلڊ بينڪ ۽ ايشيائي ترقياتي بينڪ کان 450 ارب رپين جا قرض منظور ڪرايا آهن. ان کان علاوه سي پيڪ تحت ڪراچي سر ڪلر ريلوي جي منصوبي کي به ترجيح ڏيئي رهيا آهيون.