خاص

سنڌ پوليس ۾ وڏي پئماني تي بدليون، خادم رند ڪراچي پوليس چيف مقرر

اليڪشن ڪميشن طرفان جاري نوٽيفڪيشن مطابق هڪ ايڊيشنل آئي جي، 8 ڊي آئي جي، 31 ايس ايس پي ۽ ايس پي بدلي. نوٽيفڪيشن مطابق خادم حسين کي ايڊيشنل آئي جي اسپيشل برانچ مان بدلي ڪري ايڊيشنل آئي جي ڪراچي مقرر ڪيو ويو آهي. نوٽيفڪيشن مطابق اسد رضا ڊي آئي جي سائوٿ زون ڪراچي، عاصم خان ڊي آئي جي ويسٽ زون ۽ ڪيپٽن رٽائرڊ غلام ظفر کي ڊي آئي جي اِيسٽ زون ڪراچي مقرر ڪيو ويو آهي.