فضائي آلودگي سڄي دنيا جي آباديءَ جون زندگيون گهٽائي رهي آهي، نئين تحقيق
فضائي آلودگي خاص طور تي 2.5 پي ايم جا ذرڙا سڄي دنيا جي آبادي کي بيمار ڪري رهيا آهن ۽ ائين سندن سراسري زندگي گهٽجي رهي آهي. هيءَ رپورٽ ايئر ڪوالٽي لائف انڊيڪس نالي اداري ۽ ويب سائٽ پيش ڪئي آهي، جنهن کي هڪ ڀرپور ڊيٽا چئي سگهجي ٿو. رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته جيڪڏهن سڄي دنيا ۾ آب و هوا کي صحت جي عالمي اداري (ڊبليو ايڇ او) جي معيار تي آندو وڃي ته ان سان مرضن جو بوجهه گهٽ ٿي سگهي ٿو. سراسري زندگي 2.03 سال وڌندي يعني مجموعي طور تي دنيا وارن جي زندگي ۾ 17 ارب وڌيڪ سالن جو اضافو ٿي سگهندو. رپورٽ ۾ اهو به چيو ويو ته آلوده فيڪٽريون، گاڏيون ۽ ٻارڻ جي سڙڻ سبب پي ايم 2.5 نالي ذرڙا خارج ٿين ٿا، اهي ڦڦڙن ۾ جاءِ والارين ٿا ۽ رت ۾ شامل ٿين ٿا ۽ طرح طرح جي بيمارين جو سبب بڻجن ٿا.