بلاگنئون

ڪامريڊ مگھنو ڪولهي: ڪارونجهر جو شينهن

تحرير: ڪلاونتي راجا

ٿرپارڪر جي ريگستان ۾، جتي ڪارونجهر جا پهاڙ آسمان کي ڇُهڻ جي ڪوشش ڪندا آهن، هڪ آواز هميشه لاءِ 13 فيبروري 2026 تي خاموش ٿي ويو. ڪامريڊ مگھنو ڪولهي، هاري، منظم ڪندڙ، گجگوڙ جھڙي تقرير ڪندڙ ۽ پڪو پليجسٽ اڳواڻ هو. سندس وڃڻ سان رڳو هڪ انسان نه، پر جدوجهد جي هڪ طاقت به رخصت ٿي وئي، جيڪا قرباني ۽ حوصلي جي ڌاڳن سان ٺهيل هئي.

مگھنو ڪولهي ڪنهن به قسم جي سهولت يافته زندگيءَ جو حصو نه هو. نه وٽس اعليٰ تعليم هئي، نه سياسي ڪرسي، نه ڪو وراثتي اثر، هو ڏکڻ، اوڀر سنڌ جي پٺتي پيل ڪولهي برادري جو ماڻهو هو، هڪ اهڙي برادري جيڪا صديون ظلم ۽ جاگيرداري جبري پورهئي هيٺ رهي آهي، پر سياست ۾ سندس حيثيت ۽ عزت انهن سڀني کان اوچي هئي، جن وٽ لقب ۽ طاقت آهن. سندس اصل طاقت سندس سچائي ۽ قرباني هئي.

هو رسول بخش پليجي جو جانثار ساٿي هو. پليجو صاحب جي نظرياتي سبقن کي هن عملي زندگي ۾ ائين لاٿو ھو  جو اهي لفظ ڪتابن ۾ نه، پر ريگستان جي رستن ۽ ڳوٺن ۾ گونجن ٿا. سندس لاءِ مارڪسزم ڪو خيال نه، پر زندگيءَ جو دستور هو. هو عملي طور تي هر ڳوٺ، هر ماڻهو ۽ هر مسئلي سان جُڙيل هو.  سندس زندگي جدوجهد ۽ تڪليفن سان ڀريل هئي. عوامي تحريڪن دوران بااثرن جي اشاري تي کيس پنجاهه کان وڌيڪ ڪوڙا ڪيس برداشت ڪرڻا پيا. گرفتاريون ۽ کيس حراسان ڪرڻ وارا واقعا سندس روزمره جي زندگيءَ جو حصو هئا، پر هر دٻاءُ سندس ارادي کي وڌيڪ مضبوط ڪندو رهيو. جتي انتظاميا ۽ جاگيردار گڏ ٿي آواز دٻائڻ جي ڪوشش ڪندا هئا، اتي مگھنو ڪارونجهر جيان اٽل بيٺو رهيو ۽ ڪڏهن به نه جهڪيو.

مون کيس پهريون ڀيرو تڏهن ڏٺو، جڏهن اسلام ڪوٽ کان ڪراچي تائين لانگ مارچ تي نڪرڻ لاءِ گڏ ٿيا هئاسين. هو ڪڏهن به گاڏيءَ تي نه چڙهندو، نه آرام ڪندو هو، پر شروعات کان آخر تائين گڏ هلندو رهيو. ماڻهن جي بيچيني ۽ نظم و ضبط جو خيال رکندو ۽ هر قدم تي همٿ ڏياريندو رهندو هو.

ننگرپارڪر ۾ احتجاج ۽ مظاهرو ڪرڻ ماڻهن لاءِ نئون ڪم هو، پر مگھنو ڪولهي ان کي روايت بڻائي ڇڏيو. ڪالا باغ ڊيم، ٻٽو نظام يا مقامي مسئلا هر بنيادي اشو تي هو اڳواڻي ڪندو رهيو. عوامي تحريڪ مقبول ٿي، پر ننگرپارڪر ۾ مگھنو ڪولهي ئي ان جي ڌڙڪندڙ دل هو. سندس سڀ کان وڏي خاصيت بي لوثي هئي. ڪيترائي ساٿي جاگيردارن جي چمڪ دمڪ کان متاثر ٿي ويا، پر مگھنو ڪڏهن نه جهڪيو. خالي کيسا، اڌڙي چانهه، ڊگهيون ڪچهريون، سندس زندگي سادي، پر اخلاقي طور وڏي هئي. جسم ڪمزور ٿيو، پر جذبو ۽ نظريو هميشه جوان رهيو. تاريخ رڳو راڄڌانين ۾ نٿي لکي وڃي؛ اها ريگستانن ۽ ڳوٺن ۾ ٺهي ٿي، جتي ماڻهو ظلم قبول ڪرڻ کان انڪار ڪن ٿا. پارڪر جي مزاحمت جي تاريخ ۾ مگھنو ڪولهي جو نالو هميشه زنده رهندو.

سندس دفن آڌيگام جي مٽيءَ ۾ علامتي آهي. هو ان ڌرتيءَ ڏانهن موٽي ويو، جنهن جي عزت ۽ وقار لاءِ هن سڄي عمر جدوجهد ڪئي. ڪارونجهر بيٺو رهندو، هوائون هلنديون رهنديون ۽ مظلوم دلين ۾ سندس آواز هميشه گونجندو رهندو.