مڇر ڪالوني واقعي ۾ پيش امام جو ڪردار مثبت هو: آءِ جي سنڌ

آءِ جي سنڌ غلام نبي ميمڻ سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ واقعي بعد پيش ڪيل رپورٽ ۾ ڄاڻايو آهي ته مڇر ڪالوني سانحي ۾ نامزد سمورا 15 جوابدار گرفتار ڪيا ويا آهن. هن چيو ته 4 جوابدارن جي سڃاڻپ پريڊ ٿي آهي، سانحي ۾ مسجد جي پيش امام جو ڪردار ناڪاري نه پر هاڪاري هو، آءِ جي سنڌ سانحي بابت پنهنجي رپورٽ چيف جسٽس سنڌ هاءِ ڪورٽ آڏو پيش ڪري ڇڏي. ڊي آءِ جي عرفان بلوچ ۽ ايس ايس پي ڪياماڙي به عدالت ۾ پيش ٿيا، گذريل ڏينهن چيف جسٽس واقعي جو نوٽيس وٺندي آءِ جي سنڌ ۽ ٻين کي طلب ڪيو هو. آءِ جي سنڌ پيشي بعد ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته گرفتار ڪيل جن جوابدرن وٽ قومي سڃاڻپ ڪارڊ نه آهن انهن خلاف ڌار ڪارروائي به ڪئي ويندي. آءِ جي ٻڌايو ته گرفتار ڪيل اڪثر جوابدار ميانمار جي روهنگيا نسل جا آهن، پر هنن وٽ قومي سڃاڻپ ڪارڊ آهن ۽ هو پاڪستاني آهن. غلام نبي ميمڻ چيو ته احتجاج ڪرڻ سڀني جو حق آهي، پر بغاوت جو ڪيس انهن تي داخل ٿيو آهي جن رياست خلاف ڳالهايو.

0 0 votes
Article Rating
Subscribe
Notify of
guest
0 Comments
Inline Feedbacks
View all comments