صرف هڪ والرس خاطر ڪينيڊا جي سامونڊي ڪناري تي آتش بازي منسوخ
نئين سال جي موقعي تي بي زبان جانور سان محبت جو هڪ دلچسپ واقعو ان وقت ڏسڻ ۾ آيو، جڏهن سامونڊي ڪناري تي آرڪٽڪ والرس خاطر آتشبازي جون تقريبون منسوخ ڪيون ويون. ڪينيڊا جي ساحلي شهر اسڪاربورو ۾ موجود والرس کي ڏسڻ لاءِ عوام جون قطارون ٻڌجي ويون، جڏهن ته انتظاميه ان کي ڪنهن به قسم جي تڪليف پهچائڻ واري کي سخت سزا ڏيڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو. ٻئي پاسي جنگلي جيوت جي ماهرن هتي غوڙ ۽ آتشبازي کان به منع ڪئي، ڇو ته اهو والرس اتر طرف ويندي ٿوڙي دير اتي ترسي پيو هو.

