ادبنئون

ڪهاڻي: بريڪ اپ کانپوءِ

بازار ۾ اچانڪ منهنجي نظر چئن سالن کان پوءِ هن تي پئي. هو سهيلي سان گڏ شاپنگ ڪري رهي هئي. هلڪي نيري ڊريس ۾ هوءَ تمام پياري ٿَي لڳي.

هن جي سونهن اڳي کان به وڌي وئي هئي.

جڏهن اسان جي محبت جو خاتمو نفرت ۽ بيزاري سان ٿيو هو ته هن جو رنگ ڪاراٺجي چڪو هو. هن جي صحت به پوئتي پئجي چڪي هئي.

اسان جي وچ ۾ جيڪي به جهيڙا ٿيا هئا، تن ۾ سراسر ڏوھ منهنجو هو. مون ۾ شڪ جي عادت گھڻي هئي. ڪنهن نه ڪنهن ڳالھ تي منهنجي ذھن ۾ شڪ اڀري ٿي آيو.

هن ڪافي برداشت کان ڪم ورتو، پر مون وٽ به روز نئون شڪ ۽ جهيڙو هو.

آخر هو بيزار ٿي مونکي ڇڏي وئي ۽ چئن سالن کان پوءِ اڄ کيس ڏٺو ھيم.

ان عرصي دوران 

پڇتاءُ،

اڪيلائي 

پنهنجو خيال نه رکڻ

۽

گھڻا سگريٽ ڦوڪڻ سبب منهنجي صحت پوڻي پئجي چڪي هئي!

هو هڪ بوڪ شاپ ۾ وئي ته مان ان جي پٺيان بوڪ شاپ تي آيس.

هن کي ڪتابن سان بيحد لڳاءَ ھو، منهنجي ويجهو به ڪتابن جي ڪري آئي هئي.

سندس نظر اڃا مون تي نه پئي هئي.

مان ائين ڪتاب کڻندو وري رکندو رهيس. منهنجو سڄو ڌيان هن جي طرف هو.

شاپ ڪيپر جو به سڄو ڌيان هنن طرف هو.

هن پنهنجي پياري مخصوص لهجي ۾ شاپ ڪيپر کان پڇيو:

”حيات حيدر جو ڪو نئون ڪتاب آيو آھي!؟“

منهنجي جسم ۾ ڪا تکي لهر ڊوڙي وئي، هلڪي ڏڪڻي پيدا ٿي ۽ دل جي ڌڙڪن تکي ٿي وئي…

”نه ميڊم حيات حيدر جو نئون ڪتاب ناهي آيو!“ ائين چوندي شاپ ڪيپر جي نظر مون تي پئي ته خوشي مان چيائين:

”اجهو حيات حيدر صاحب پاڻ اچي ويو….!“

ھن ڇرڪي مون طرف ڏٺو ۽ ڪي پل ڏسندي رهي.

…پوءِ رکائي مان چيائين:

”ليکڪ پنهنجي لکڻين ۾ ئي سٺا هوندا آھن.“

…ائين چئي منهنجي ڀرسان بي پرواهي مان گذري وئي…

هن جي انداز

لهجي

۽

جملي 

مونکي الائي ڪيترن حصن ۾ ورهائي ڇڏيو…!!!

***