گوادر جي آمدني جو 91 سيڪڙو چين کڻندو

شپنگ ۽ پورٽش جي وفاقي وزير مير حاصل بزنجو پاران سينيٽ کي ٻڌايو ويو ته گوادر پورٽ جي آمدني جو 91 سيڪڙو 40 سالن لاءِ چائنا کي ملندو. جڏهن ته صرف 9 سيڪڙو ئي پاڪستان کي حاصل ٿيندو. هن مدي ۾ پاڪستان گوادر جو ڪنٽرول پاڻ وٽ رکندو. سينيٽر ڪلثوم پروين (مسلم ليگ ن) پاران سينيٽ کي ٻڌايو ويو ته ان ايگريميٽ تي اڃان صحيحون نه ڪيون ويون آهن جڏهن ته سينيٽر جاويد عباسي ان بابت چيو ته هن قسم جو ايگريمينٽ پاڪستان کي تمام گهڻو فائدو ڏيندو. سي پيڪ جي ڪري 56 بلين ڊالرن جي سيڙپ ڪاري ٿيندي ان ۾ انفرااسٽرڪچر جي تعمير به ٿيندي جنهن کان علاوه بجلي ٺاهيندڙ منصوبا به جوڙيا ويندا جنهن سان پاڪستان کي وڏو فائدو حاصل ٿيندو. ان کان علاوه وڏي تعداد ۾ روزگار جا موقعا به پيدا ٿيندا.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *