بلاگخاصنئون

هائپرسومنيا (ناول: باب تيرهون)

ھو ماريه جي واپس اچڻ کان ٿوري ئي دير پھرين سجاڳ ٿيو ھو، ھن گهر جي لائونج ۾ ھڪ پيڪ ٿيل پينٽنگ ڏٺي، جنھن کي کولي ڏٺائين ته، اھا ساڳي آخري پينٽنگ ھئي، جنھن کي ڏسڻ کان پوءِ پاڻ نمائش اڌ ۾ ڇڏي ھليو آيو ھو.
ھن کي نمائش اڌ ۾ ڇڏڻ سان احساس ٿي رھيو ھو ته، ھو دنيا کان فرار ٿي رھيو آھي… يا ھاڻي دنيا ھن لاءِ برداشت جي قابل نه رھي آھي!؟
ھن سوچڻ شروع ڪيو ھو: يا ممڪن آھي ھاڻ مون منجهه برداشت نه رھي ھجي! پر ٻلي صرف ڪوئي جي شڪار لاءِ ته پيدا ناھي ڪئي وئي نه، ھوءَ ته، پکين جو به شڪار ڪندي آھي. ان پل پکين متعلق سندس احساس جاڳي پيا ھئا ۽ کيس پنھنجي ڇت تي ايندڙ پکين سميت ٻھراڙين جي انھن پکين جي نسل جو به فڪر ٿيڻ لڳو ھو، جن جو پاڻ ماضيءَ ۾ شڪار ڪيو ھئائين. تنھن پل کيس پنھنجي ان دوست جي ڳالھه ياد آئي، جنھن کيس چيو ھو: ‘‘ھر طاقتور جيوِ ڪمزور کي پنھنجو کاڄ بڻائيندو آھي، ھر جيوَ جو ھر قدم پنھنجي پيٽ لاءِ ئي ھوندو آھي!’’
ھو شام جو پکين کي داڻو ڏيندي پنھنجن انھن ننڍن ننڍن خوابن جي منظرن کي ياد ڪري لطف اندوز ٿي رھيو ھو، اھو پھريون ڀيرو ھو جو کيس پنھنجي خوابن سان دلچسپي ٿي رھي ھئي، پھرين ھو پنھنجي ھر خواب کي ياد ڪري پريشان ٿيندو ھو ۽ ان جي سببن کي تلاش ڪرڻ جي ڪوشش ڪندو ھو، پر گهڻن خوابن جي اچڻ ڪري کيس سمجهه ۾ اچي رھيو ھو ته، ھر خواب جي پٺيان ماضيءَ جو ڪو نه ڪو حادثو ھوندو آھي… يا ڪا اڻپوري آس آتش فشان ٿي اڀامندي آھي ۽ ان جو لائو خواب جو روپ ڌاريندو آھي.
انھن ڏينھن ۾ سندس زندگي ٺيڪ گذرڻ لڳي ھئي، کيس خواب گهٽ اچڻ لڳا ھئا… ۽ سندس ننڊ جو مقدار به گهٽجي رھيو ھو، ھو اھڙي تبديليءَ کي محسوس ڪري، بيحد خوش ٿيو ھو، کيس ائين لڳي رھيو ھو ڄڻ کيس نئين زندگي ملي رھي ھجي.
پھرين ھفتي جي دوران ئي عبدالرحيم پنھنجي ڪجهه دوستن سان به ملڻ ويو ھو، جن سان ملي کيس شدت سان احساس ٿيو ھو ته، دنيا کان فرار بي وقوفي آھي. ھو ماريه جي ڳالھه: ‘‘اڪيلائي ھڪ اذيت آھي، دوست ٺاھجن!’’ تي غور ڪرڻ لڳو ھو ۽ آخرڪار ان نتيجي تي پھتو ھو ته، ماريه ٺيڪ چيو آھي… مون کي پنھنجي ھمدرد دوستن ڏانھن واپس وڃڻ گهرجي، اھي منھنجي پناھگاھه آھن… ۽ پوءِ ھن ائين ئي ڪيو ھو، پر سندس اھا واپسي به ھن لاءِ گهڻي مفيد ثابت ٿي نه سگهي ھئي، مھيني سوا کان پوءِ ھڪ ڀيرو ٻيھر ھو پنھنجي انھيءَ ساڳي خوابيدگيءَ ۾ اچي ويو ھو، جنھن مان صرف کيس ميڊيڪل سائنس ئي بچائي پئي سگهي!
انھيءَ خوشگوار گذري ويل مھيني سوا جي دوران به ھن پنھنجي ننڊ جي معمول کي ٻه ٽي ڀيرا بگڙجندي محسوس ڪيو ھو ۽ کيس ڪي ئي خواب به آيا ھئا.
جن ۾ آخري خواب ھن ڏٺو ھو ته: کيس ننڊ نه اچي رھي آھي… ۽ ھو گذريل ڪيترن ئي ڏينھن – راتين کان جاڳي رھيو آھي، مسلسل اوجاڳي جي ڪري سندس ڪاريون، گھريون اکيون ڳاڙھيون ٿي ويو آھن، ۽ اھي ڪنھن درندي جي اکين جھڙيون لڳي رھيون آھن… جنھن وقت ھو آئيني ۾ پنھنجي اکين کي ڏسي رھيو ھو ته، کيس ماريه جو آواز ڪنن تي پيو: ‘‘رحيم! ھاڻي ته، تنھنجي اکين ۾ ڏسندي خوف ٿيندو آھي!’’
ماريه جي اھڙيءَ ڳالھه کيس خواب ۾ اداس ڪري ڇڏيو ھو، سندس دل ڀرجي آئي ھئي. ان پل ھيڪر ھن پنھنجو ڪنڌ جهڪايو پر پوءِ آھستي آھستي مٿي کنيائين… ائين جيئن ڪو بگهڙ چانڊوڪيءَ رات ۾ اوناڙ ڪرڻ وقت کڻندو آھي.
ھاڻي، ھو ننڊ ۾ کونگهرا به ھڻڻ لڳو ھو، ماريه کي سندس اھڙي تبديليءَ بيحد پريشان ڪيو ھو، ھن شدت سان چاھيو ھو ته: کيس ڪنھن ڊاڪٽر کي ڏيکارجي.
خاموشيءَ سان گذري ويل انھيءَ سڄي وقت دوران عبدالرحيم پنھنجي زندگي ھڪ نئين احساس سان جيئڻ لڳو ھو، جنھن ۾ سندس ماضيءَ ۽ موجوده المناڪ تبديليءَ جو اثر گهٽ ھو.
جڏھن شھر سمھي رھندو ھو ۽ گهٽيون سنسان ٿي وينديون ھيون ته، پاڻ ان وقت گهر کان ٻاھر نڪري ايندو ھو ۽ ويران گهٽيءَ ۾ پسار ڪندو ھو… کيس رات جي سانت ۽ تنھائي راس اچي وئي ھئي، ھن رات جي اھڙي پھر کي پنھنجي زندگيءَ جي حسين وقت ۾ شمار ڪيو ھو. موسم ھونءَ به گهڻي گرم نه ھئي پرگرميءَ جي ابتداءِ ٿي رھي ھئي، جڏھن رات ٺرندي ھئي ۽ ٿڌي ھوا جو ڇھاءُ کيس سڪون سان سرشار ڪندو ھو، چانڊوڪيءَ ۾ وڻن جي ٽارين کي لڏندي ڏسندو ھو ته، بيحد افسوس سان اظھاريندو ھو: اھڙي دلڪش منظر کي مون ايترا ڏينھن فراموش ڇو ڪيو آھي!؟ پوءِ ھو اڪثر رات جو پنھنجي ھمسفر سان گڏ پسار لاءِ ٻاھر اچڻ لڳو ھو… ائين ئي ھڪ رات جو پسار ڪندي پاڻ زال کي چيائين: ‘‘مون فيصلو ڪيو آھي ته، باقائديءَ سان ورزش ڪيان، جيئن پاڻ کي چست رکي سگهان!’’ ھو ھڪ جملو چئي خاموش ٿيو ته، زال ڳالھايس: ‘‘انھيءَ سان سڄي سستي ختم ٿي ويندئي!’’
’’ھا بلڪل، چاھيان پيو ته، جلد ورزش جون مشيون خريد ڪريون!’’ ھن چيو.
’’انھيءَ کان بھتر ناھي ته، ڪنھن ورزش خاني ۾ ميمبرشپ وٺين، ائين ڪرڻ سان ماڻھو نئين ماحول جو حصو ٿيندو ۽ ڪجهه نون ماڻھن سان ملاقات به ٿيندي، جنھن سان اڪيلائي گهٽ ٿيندي!’’ ماريه کيس چيو… ۽ پوءِ ھو خاموشيءَ سان پسار ڪرڻ لڳا ھئا.
انھيءَ پسار دوران ھن پنھنجو اھو خواب ياد ڪيو، جنھن ۾ خودڪشي ڪئي ھئائين.
انھيءَ پل اھو خواب سندس سامھون ٻيھر پنھنجي ڀيانڪ صورت سان نموردار ٿيڻ جي ڪوشش ڪري رھيو، پھرين اھو خواب سندس ۽ منيزه جي ڪچھريءَ دوران ظاھر ٿيو ھو، جنھن ۾ منيزه سان خواب جي ھيبتناڪ پسمنظر تي ڳالھايو ھئائين. انھيءَ ڪچھريءَ ۾ منيزه پڻ کيس پنھنجو ھڪ خواب ٻڌايو ھو.
ھن کيس ٻڌايو ته: ‘‘مان ملڪ جي ڪنھن ڳوٺ ۾ آھيان، جتي جهنگ آھي، انساني آبادي گهٽ آھي. ھڪ پکي آھي، جنھن کي اڳي ڪڏھن ڏٺو نه اٿم، ڏسڻ ۾ ڳيري جھڙو آھي، پر سندس چھنب ان کان وڏي آھي، ۽ ھيئت ۾ پڻ ان کان ڪجهه ڳرو آھي، گهڻي ڪوشش جي باوجود به پکيءَ کي سڃاڻي نه پئي سگهان… مان گهر جي اڱڻ مان کيس ڏسي رھي آھيان، پھرين اھو پکي اڪيلو آسمان ۾ اڏامڻ لڳو آھي، ٿوري دير کانپوءِ وري ھيٺ زمين تي لھي آيو آھي، زمين تي لھي، ھن ٻولڻ شروع ڪيو آھي… سندس ٻولڻ جو آواز تيز آھي، پر وڻندڙ آھي، سندس ٻولڻ ۾ ھڪ پڪار محسوس ٿي رھي آھي. انھيءَ جي ٻولڻ سان ئي آھستي آھستي ٻيا به ان جھڙا پکي آسمان ۾ اڏامڻ لڳا آھن… ۽ پوءِ آسمان ۾ جهڙ ڀرجڻ لڳو آھي، ڪڪرن جي ڇانءَ ۽ ھوا سان ماحول بيحد خوشگوار ٿي ويو آھي، پوءِ جئين انھن سمورن پکين گڏجي ٻولڻ شروع ڪيو آھي ته، انھيءَ سان گڏ زوردار مينھن وسڻ لڳو آھي! مينھن گهڻو تيز ٿي ويو آھي، کنوڻ جا چمڪاٽ ٿي رھيا آھن… پکي خلا مان گم ٿي ويا آھن، پر سندن پراسرار آواز اچي رھيو آھي، ھاڻي، مان پکين ۽ بارش جي آواز کان ڊڄي رھي آھيان. اھو گڏيل آواز مون کي موت جھڙو ڀاسي رھيو آھي… . ائين ھڪ گوڙ جو ڌماڪيدار آواز پيدا ٿيو ته، منھنجي اک کلي وئي ھئي!’’
عبدالرحيم سندس خواب ٻڌي حيرانيءَ جي شام ۾ داخل ٿي چڪو ھو، کائنس پڇيائين: ‘‘انھيءَ خواب کي گهڻو وقت ٿيو آھي؟’’
’’ٻه ٽي مھينا ٿيندا.’’
’’انھيءَ کان پوءِ مينھن وسيو آھي!؟’’ عبدالرحيم کائنس پڇيو.
’’نه.’’ ھڪ پل رکي وري چيائينس: ‘‘نه، انھيءَ کان پوءِ بارش ناھي پئي!’’
ڪجهه قدمن جي خاموشيءَ ۾ کيس اھو خواب ياد آيو، ھن ھڪدم انھيءَ خواب مان پنھنجي پاند آجو ڪرڻ چاھيو ھو، ھو پنھنجي خوابن جيان منيزه جي خواب کان به پريشان ٿي ويو ھو، ھن انھيءَ پريشانيءَ ۾ ٻاھر قدم رکڻ لاءِ ماريه سان ڳالھائڻ شروع ڪيو ھو: ‘‘خاموش ۽ تنھا زندگي گذارڻ ۾ ئي اھو سڪون لڪل آھي، جنھن کي حاصل ڪرڻ لاءِ اسان ھر ٻئي پاسي وڃون ٿا… ۽ ناڪام ٿيون ٿا! ھڪ پل رکي وري چيائينس: ‘‘… پر ڪڏھن به اسان کي ان جو ادراڪ ٿي ناھي سگهندو.’’
ماريه سندس ڳالھه ٻڌي کيس چيو:‘‘رحيمَ! تنھنجي معاملي ۾ زندگي جو خاموش ۽ تنھا ھجڻ ٻي معنيٰ رکي ٿو پر منھنجي معاملي ۾ اھا خاموشي ۽ اھا تنھائي ھميشه رھي آھي، ۽ شايد مرڻ تائين ڪڏھن به ختم نه ٿئي!’’ عبدالرحيم سندس ڳالھه ٻڌي، غور ڪرڻ چاھيو پر سمجهي نه سگهيو ھو، عورت جي اندر جي ڳالھه، جنھن ۾ درد لڪل ھجي سمجهڻ سمنڊ جي گھرائيءَ جو ڪاٿو لڳائڻ مثل آھي.
‘‘مون نه سمجهيو!؟’’ عبدالرحيم کائنس وضاحت وٺڻ چاھي ھئي، ھنن جي وچ ۾ اھڙي صورتحال گهڻي عرصي کان پوءِ پيدا ٿي ھئي، جو کيس وضاحت وٺڻي پئي ھئي، نه ته ھو ھڪٻئي کي پنھنجين اکين ۽ پنھنجن روين مان سمجهي وٺندا ھئا… احساسن جي انھن ئي تندن سان سندن ازدواجي زندگيءَ جو سفر سبيل ھو.
‘‘پاڻ کي اولاد ٿي نه سگهيو آھي، مون کي ان جو ڏک آھي!’’ ماريه کيس چيو.
ھو سندس ڳالھه ٻڌي سن ٿي ويو ھو، ھڪ خطرناڪ خاموشي مٿس ڪنھن پراڻي عمارت جيان ڪري پئي ھئي، ھو ماريه جي ڏک جي ڍير ھيٺ دٻجي ويو ھو… عبدالرحيم کيس ڪو به جواب نه ڏنو ھو، وٽس آٿت جي لاءِ ڪي به لفظ نه ھئا… ھن سمجهي ورتو ھو ته، اڪيلي عورت کي لفظي آٿت ڏيڻ جي بجاءِ کيس ڀاڪر پائي، ان جي زندگيءَ جي اڻ گهٽ ڏک جو تدارڪ ڪجي… ۽ پوءِ ھن پنھنجي زال کي ويران گهٽيءَ ۾ ڀاڪر پاتو ھو، جنھن جي تاثير ماريه پنھنجي روح تائين محسوس ڪئي ھئي، ھن بي اختيار ٿي روئي ڏنو ھو… ۽ پوءِ سندس انھيءَ روئڻ خاموشيءَ جو روپ ڌاري ورتو ھو… اھا خاموشي وڌي، وسيع ٿي ڪنھن اونھي غار جي صورت ۾ تبديل رھي ھئي.
عبدالرحيم کيس موتمار خاموشيءَ جي اھڙي غفا مان ڪڍڻ لاءِ ساڻس بي پناھه پيار ڪرڻ لڳو ھو، ماريه کي پيار جو احساس درياءَ ۾ ٻيڙيءَ تي سفر ڪرڻ جيان محسوس ٿي رھيو ھو… ۽ پوءِ ھوءَ ڪي ئي ڏينھن ۽ ڪي ئي راتيون انھيءَ درياءَ جي وھڪرن ۾ رھي ھئي.