غوثپور جي ٿاڻي تان مس وڃي منهنجي جان ڇٽي..! ايئن آزاد ٿيس ڄڻ ڪو سالن جو قيد ٿيل ڏوهاري جيل مان آزاد ٿئي…! غوثپور ٿاڻي تي سڄو ڏينهن ڌاڙيلن، چورن ۽ لوفرن جا ڪٽڪ پيا لامارا ڏيندا هئا. هنن ڪاٽڪن کان علاوه هنن کي پاليندڙ لِڪل ۽ ظاهر هٿن جي فون ڪالن جا آزار الڳ…! ڪا رات خالي ڪونه هوندي هئي جو ڪو ٿاڻي تي سڪون سان سمهي سگهيا هجون. هيسيل هيسيل اهڙا جو ايئن لڳندو هو جو رات جي لانچرن جي حملي کان بچي وياسين ڄڻ نوان ڄاواسين…! ڇو جو ڌاڙيلن وٽ جديد هٿيار ۽ اسان وٽ قديم هٿيار هئا. سکر جي پوش علائقي ۾ بدلي ٿي آيل نئين سب انسپيڪٽر جمال رند ٿاڻي ۾ موجود جماندار کي راز نياز ونڊيندي برجستو حوال ڏنو…
جماندار جان محمد هو سينيئر پوليس وارو سو پنهنجي صاحب کي چيائين ‘صاحب مجموعي طور ڏسجي ته ڳالھ مڙئي ساڳي آهي، جهڙي سٺ تهڙي ٽيويهه… سڄي سنڌ ۾ ڌاڙيلن، چورن ۽ لوفرن جو راڄ آهي، مڙئي نالا ۽ لَقب مٽَ اٿن’… باقي اڄ توهان آهيو اسان جا ڊيوٽي آفيسر هتي مڙئي صبح ٿيڻ کان وٺي اڌ رات تائين ڪيس ايندا رهندا آهن، جيڪي سڀ مختلف نوعيت جا هوندا آهن… توهان جو آهي اڄ پهريون ڏينهن… سو پاڻهين سمجهي ويندئو قصي کي…!
همراهه جا ڪپڙا گند ۾ ميرا لڳا پيا هئا. سفا ڳاڙهو جذباتي لڳو پيو هو.. جذبات ۾ لفظ ايئن کائيندو پئي ويو، جيئن ڪو بکايل جيالو ڀت کائيندو آهي…! پوليس وارن کي ڪجهه سمجهه ۾ نه پئي آيو…
سب انسپيڪٽر سپاهي کي چيو همراهه کي پاڻي پياريو…!
سب انسپيڪٽر صاحب ڪجهه ڳالهائي ان کان اڳ ۾ جماندار ڳالهايو…
توهان هتي جذباتي نه ٿيو، ڪاوڙ نه ڏيکاريو ۽ غصو به نه ڪريو… توهان کي جيڪا به ڪاوڙ ۽ جذبات هئي توهان کي اتي ڪڍڻي هئي..! جنهن سان توهان وڙهيا هئا…! هاڻي ٿڌا ٿيو ۽ اين سي لکرايو ته توهان سان ڪير وڙهيو آهي…!
همراهه ڪجهه ٿڌو ٿيو ۽ پاڻ تي ڪنٽرول ڪري پنهنجي دانهن ڏنائين، ‘مان جيئن ئي گهران نڪتس ته پاڙي واري عورت گهران گند جي ٿيلهي اڇلائي.. سا اچي مون کي لڳي جنهن منهنجي هيءَ حالت ڪئي آهي…!
جماندار پڇيس توهان جو گهر ڪهڙي گهٽيءَ ۾ آهي..؟
جنهن تي همراهه چيس ڪالي چانھ واري هوٽل کان ٻه گهٽيون پريان جيڪا گهٽي آهي، ان ۾…!
جنهن تي سب انسپيڪٽر صاحب روب ۾ ڳالهائيندي چيو توهان سڀ کلو ڇو ٿا…؟
جماندار چيو صاحب ان گهٽيءَ جون مايون بدنام آهن.. شل نه ڪو اڇا ۽ ڌوتل لٽا گهران پائي نڪري ته پوءِ ان جو خير ڪونه هوندو آهي. ايئن لڳندو آهي ته ڪو گند جون ٿيلهيون هٿن ۾ آڌر ڀاءُ ڪرڻ جي لاءِ کنيون بيٺيون هجن….!
جماندار ڳالهايو، هن کان تيل جا هزار رپيا وٺو ۽ ٻه سپاهي موڪلي ڏيوس ته جيئن هن جو مسئلو حل ٿئي ۽ اڳتي هن ويچاري سان ههڙي جُٺ نه ٿئي…!
ايئن صبح سان ئي ڪمپلينس جي برسات شروع ٿي وئي. ڪنهن جو ناليءَ تي مسئلو ته ڪنهن جو مس ڪال ڪرڻ تي مسئلو هجي…! ڪو پاڙي وارن کي بنا اطلاع جي ڪوٺي تي چڙهي ويو ته مسئلو، ڪنهن جو چتائي ڏسڻ تي مسئلو. يعني هڪ ٻئي سان رنجشُن جا ايڏا وڏا ڍير جيڏا چنگيز خان ماڻهو ماري مينار ٺاهيندو هو…! ايئن ٿاڻي ۾ روس ۽ آمريڪا واري ڪولڊ وارِ واري ڪارِ وارو سِلسلو سڄو ڏينهن هلندو رهيو. ٽپهريءَ مهل هڪڙي تمام گهڻي سهڻي عورت بنا ڪنهن چادر ۽ رَئي جي سينو کولي ٿاڻي ۾ گهڙي آئي…!