ڪهاڻيوننئون

ڪهاڻي: ڊيوٽي آفيسر

غوثپور جي ٿاڻي تان مس وڃي منهنجي جان ڇٽي..! ايئن آزاد ٿيس ڄڻ ڪو سالن جو قيد ٿيل ڏوهاري جيل مان آزاد ٿئي…! غوثپور ٿاڻي تي سڄو ڏينهن ڌاڙيلن، چورن ۽ لوفرن جا ڪٽڪ پيا لامارا ڏيندا هئا. هنن ڪاٽڪن کان علاوه هنن کي پاليندڙ لِڪل ۽ ظاهر هٿن جي فون ڪالن جا آزار الڳ…! ڪا رات خالي ڪونه هوندي هئي جو ڪو ٿاڻي تي سڪون سان سمهي سگهيا هجون. هيسيل هيسيل اهڙا جو ايئن لڳندو هو جو رات جي لانچرن جي حملي کان بچي وياسين ڄڻ نوان ڄاواسين…! ڇو جو ڌاڙيلن وٽ جديد هٿيار ۽ اسان وٽ قديم هٿيار هئا. سکر جي پوش علائقي ۾ بدلي ٿي آيل نئين سب انسپيڪٽر جمال رند ٿاڻي ۾ موجود جماندار کي راز نياز ونڊيندي برجستو حوال ڏنو…

جماندار جان محمد هو سينيئر پوليس وارو سو پنهنجي صاحب کي چيائين ‘صاحب مجموعي طور ڏسجي ته ڳالھ مڙئي ساڳي آهي، جهڙي سٺ تهڙي ٽيويهه… سڄي سنڌ ۾ ڌاڙيلن، چورن ۽ لوفرن جو راڄ آهي، مڙئي نالا ۽ لَقب مٽَ اٿن’… باقي اڄ توهان آهيو اسان جا ڊيوٽي آفيسر هتي مڙئي صبح ٿيڻ کان وٺي اڌ رات تائين ڪيس ايندا رهندا آهن، جيڪي سڀ مختلف نوعيت جا هوندا آهن… توهان جو آهي اڄ پهريون ڏينهن… سو پاڻهين سمجهي ويندئو قصي کي…!

جماندار چئين سچ ٿو…! اڄ منهنجو هتي ڊيوٽي آفيسر ٿيڻ جو پھريون ڏينهن آهي…!

هو ٻئي ۽ ٻيا ڪيترائي سپاهي ٿاڻي ۾ ڪچهري ۾ گم سُم لڳا پيا هئا ته هڪڙو همراهه اچي ٿاڻي ۾ داخل ٿينِ…!

همراهه جا ڪپڙا گند ۾ ميرا لڳا پيا هئا. سفا ڳاڙهو جذباتي لڳو پيو هو.. جذبات ۾ لفظ ايئن کائيندو پئي ويو، جيئن ڪو بکايل جيالو ڀت کائيندو آهي…! پوليس وارن کي ڪجهه سمجهه ۾ نه پئي آيو…

سب انسپيڪٽر سپاهي کي چيو همراهه کي پاڻي پياريو…!

سب انسپيڪٽر صاحب ڪجهه ڳالهائي ان کان اڳ ۾ جماندار ڳالهايو…

توهان هتي جذباتي نه ٿيو، ڪاوڙ نه ڏيکاريو ۽ غصو به نه ڪريو… توهان کي جيڪا به ڪاوڙ ۽ جذبات هئي توهان کي اتي ڪڍڻي هئي..! جنهن سان توهان وڙهيا هئا…! هاڻي ٿڌا ٿيو ۽ اين سي لکرايو ته توهان سان ڪير وڙهيو آهي…!

همراهه ڪجهه ٿڌو ٿيو ۽ پاڻ تي ڪنٽرول ڪري پنهنجي دانهن ڏنائين، ‘مان جيئن ئي گهران نڪتس ته پاڙي واري عورت گهران گند جي ٿيلهي اڇلائي.. سا اچي مون کي لڳي جنهن منهنجي هيءَ حالت ڪئي آهي…!

جماندار پڇيس توهان جو گهر ڪهڙي گهٽيءَ ۾ آهي..؟

جنهن تي همراهه چيس ڪالي چانھ واري هوٽل کان ٻه گهٽيون پريان جيڪا گهٽي آهي، ان ۾…!

همراهه جيئن ئي اها ايڊريس ٻڌائي ته سڀ سپاهي وٺي کليا…!

جنهن تي سب انسپيڪٽر صاحب روب ۾ ڳالهائيندي چيو توهان سڀ کلو ڇو ٿا…؟

جماندار چيو صاحب ان گهٽيءَ جون مايون بدنام آهن.. شل نه ڪو اڇا ۽ ڌوتل لٽا گهران پائي نڪري ته پوءِ ان جو خير ڪونه هوندو آهي. ايئن لڳندو آهي ته ڪو گند جون ٿيلهيون هٿن ۾ آڌر ڀاءُ ڪرڻ جي لاءِ کنيون بيٺيون هجن….!

جماندار ڳالهايو، هن کان تيل جا هزار رپيا وٺو ۽ ٻه سپاهي موڪلي ڏيوس ته جيئن هن جو مسئلو حل ٿئي ۽ اڳتي هن ويچاري سان ههڙي جُٺ نه ٿئي…!

ايئن صبح سان ئي ڪمپلينس جي برسات شروع ٿي وئي. ڪنهن جو ناليءَ تي مسئلو ته ڪنهن جو مس ڪال ڪرڻ تي مسئلو هجي…! ڪو پاڙي وارن کي بنا اطلاع جي ڪوٺي تي چڙهي ويو ته مسئلو، ڪنهن جو چتائي ڏسڻ تي مسئلو. يعني هڪ ٻئي سان رنجشُن جا ايڏا وڏا ڍير جيڏا چنگيز خان ماڻهو ماري مينار ٺاهيندو هو…! ايئن ٿاڻي ۾ روس ۽ آمريڪا واري ڪولڊ وارِ واري ڪارِ وارو سِلسلو سڄو ڏينهن هلندو رهيو. ٽپهريءَ مهل هڪڙي تمام گهڻي سهڻي عورت بنا ڪنهن چادر ۽ رَئي جي سينو کولي ٿاڻي ۾ گهڙي آئي…!

ڪاٿي آهي ايس. ايڇ. او صاحب…!

سپاهين سِڌو مون ڏي موڪليس… اهو ويٺو اٿوَ اڄ جو آفيسر…!

عورت اهڙي سهڻي جو ماڌوريءَ جي جوانيءَ جو سڪون پئي لاهي…! ههڙي سهڻي عورت ڏسي مان ته پهريان وٺجي ويس…! پوءِ پاڻ سنڀالي هڪڙي سپاهيءَ کي ھڪل ڪيم ته اهو رومال ته هيڏي ڏي…! رومال وٺي سهڻي عورت کي ڏنو ته پهريان سينو ته ڍڪيو..! پوءِ ڪمپلين به لکون ٿا…! جيستائين اها عورت پنهنجو سينو ڍڪي تيستائين ڪجهه سپاهي ته سيني جو ايڪسري به ڪڍي ويا…! ماڌوريءَ جهڙي سهڻي عورت ڪمپلين لکائڻ شروع ڪئي. پاڙي جي شاعر غني غمدل ۽ غنڊي بالوءَ گڏجي منهنجي گهر ۾ ڌاڙو هنيو آهي…! منهنجون ٻه سونيون دُهريون، ٽي منڊيون ۽ هڪ سوني چين چوري ڪري ويا آهن. سو منهنجو داد فرياد ڪيو صاحب! اهڙي دينا دستي…! مون سان انصاف ڪيو وڃي…!

سهڻي عورت اٿي وڃي صاحب کي هٿ ۾ هٿ وڌو ته اٿو هلو صاحب مون سان انصاف ڪيو..!

جماندار سينيئر هو سو هن کي سڀ خبر هئي..!

سهڻي عورت کي چيائين توهان بس ڪري ويهو ته توهان جو مسئلو حل ٿا ڪيون…! جماندار ڊيوٽي آفيسر کي ٿورو پاسي تي وٺي سمجهائڻ لڳو ته صاحب هيءَ سکر جي مشهور سيڪس ورڪر خانم آهي..! سکر به ٿي ويو آهي وڏو شهر سو ايڪسٽرا ميريٽل رليشن شپ (غير ازدواجي جنسي تعلقات) کي ڪير عيب ڪونه ٿو سمجهي…! غير ازدواجي جنسي تعلقات وڌي وڃڻ جي ڪري هنن سيڪس ورڪرس جي ڌنڌي ۾ موڙي لڳي پئي آهي…! سو وتن ٿيون پوليس آفيسرن کي اوسا پاسا هڻنديون…! هن وٽ ڪٿان آيو ايترو سون… غني غمدل به آهي سُڃيو ماستر ۽ بالو به ڪو وڏو ڪونه، پر هلڪو گهٽيءَ جو غنڊو آهي…! ٻئي شام جو آڌيو کن شراب جو وَرَ ۾ هڻي پيا هن ڏي ڀيرا ڀريندا آهن. توهان هتي نوان آهيو سو هيءَ به آئي آهي توھان کي پاڻ ڏانهن متوجهه ڪرڻ..!

جماندار ٻن سپاهين کي ھڪل ڪئي ته وڃو هن کي گھر ڇڏي اچو ۽ غني غمدل ۽ بالوءَ کي کنڀي کڻي اچو…!

جنهن تي سهڻي عورت رومال اڇلائي احتجاج ڪيو ته ڊيوٽي آفيسر پاڻ هَلي هن جو مسئلو حل ڪري..!

جنهن تي جماندار ڪڙڪيدار آواز ۾ ڳالهائيندي عورت ۽ سپاهين کي روانو ڪيو..!

سانجهي جيئن ئي ٿي ته هڪڙي ٻي عورت به اچي ٿاڻي تي ڪڙڪي…! جنهن کي هٿ ۾ منرل واٽر جي بوتل هئي، پر ان مان سميل الڪوهل جي اچي رهي هئي…! هن خُمارن مان پئي ڳالهايو ته ڪاٿي آهي ايس. ايڇ. او پنجو پنجَ مِنٽي..!

هن مهل تائين منهنجي بنگلي تي ناهي آيو… ڇو..؟

مائيءَ جي دانهن ڊيوٽي آفيسر کي منجھائي ڇڏيو..!

جماندار ڊيوٽي آفيسر کي چيو صاحب توهان پريشان نه ٿيو..! اڙي سپاهي هن سوشل ورڪر منڊم کي ته ٻاهر عزت ۽ احترام سان ڇڏي اچ…! صاحب توهان گهڻو اسٽريس نه وٺو…! پنجو پنجَ مِنٽي معنيٰ جيڪو اڳوڻو ايس. ايڇ. او هو اهو پنجن منٽن ۾ جوابدارن کان ڏوھ باسرائيندو هو…! هو وڏو ڪڙڪ ايس. ايڇ. او هو..! پنجو پنجَ مِنٽيءَ جو ڪو ٻيو غلط مطلب نه سمجهجو..! ها باقي هيءَ عورت ان جي اڳوڻي سنگتياڻي آهي..! جيڪا ڪڏهن ڪڏهن جڏهن نشا چوٽ تي چڙهندا اٿس ته اچي ٿاڻي جو در کڙڪائيندي آهي..! ايئن شهري ماڻهن جي شڪايتن جا انبار هئا، جيڪي کٽڻ وارا ته هئا ئي ڪونه..

رات جا يارنهن ٿي ويا..! ڊيوٽي آفيسر جماندار کي چيو! جماندار مان هاڻ هلانءِ ٿو.. سڄو ڏينهن پرايون دانهون ٻُڌي ٻُڌي ڪَڪِ ٿي ويو آهيان…! ڊيوٽي آفيسرَ موڪلائڻ جي ڪري رهيو هو ته هڪڙو جوڙو اچي ٿاڻي ۾ نڪتو..!

هو هڪٻئي کي مھڻا ڏئي رهيا هئا. تون هيئن تون هونئن…

ڊيوٽي آفيسر به سڄي ڏينهن جي باهه هنن مان ڪڍي…!

صفا ڪڙڪيدار آواز ۾ ڳالهايائين….! اها مِمِ چِمِ…. مِمِ چِمِ…… ڇا جي آ.. توهان جو مسئلو ڇا آهي؟ توهان هاڻي ٿاڻي ۾ آهيو… پنهنجو مسئلو ٻڌايو… نه ته مان گهر ٿو وڃانوَ..!

عورت ڳالهايو… آفيسر صاحب ڳالهه ٻڌو هي منهنجو مڙس آهي، جنهن کي بينڪ ۾ نوڪري آهي. سڄو ڏينهن ڊيوٽي تي هوندو آهي..! هاڻي گهر موٽي آيو آهي.

ڊيوٽي آفيسر اهو هاڻي ڪهڙو مسئلو ٿيو.. بينڪ وارن جي نوڪري سخت آهي، هنن کي سڄو ڏينهن ڊيوٽيءَ تي لڳي ويندو آهي..!

مسئلو اهو ناهي آفيسر صاحب..! مسئلو اهو آهي ته هو صبح سان بيٽري چارج تي ڪونه رکي ويو هو..! هاڻي اسان بنا چارج بئٽري جي پکا ڪيئن هلائينداسين. اسان جا ٻه ننڍڙا ٻار به آهن اهي رات ننڊ ڪيئن ڪندا..!

ان وچ ۾ نوجوان به ڳالهايو.. ‘جيڪڏھن مان بئٽري چارج تي نه رکي هئي ته ڀلا تون ئي چارج تي رکين ها.. مون کان ته بئٽري چارج تي رکڻ وئي وسري…’

وري عورت ڳالهايو هن کان ته گهر جو ڪم ڪار وسري ويندو نه، ڇو جو هن جا خيال ئي آفيس ۾ ڪم ڪندڙ فيميل اسٽاف ڏانهن هوندا آهن… پوءِ ڇو ڪونه بئٽري چارج تي رکڻ وسري ويندي…!

وري نوجوان ڳالهايو توهان عورتن سان بحث ئي اجايو آهي، ڪاٿان جي ڳالھ ڪاڏي ٿا کڻي وڃو…! جيڪڏهن مان کان ڳالهه وسري وئي ته ڀلا تون ئي بئٽري چارج تي رکين هان..!

عورت وري ڳالهايو سڄو ڏينهن گهر جي ڪم ڪارَ ڪري مان کان به ڳالهه وسري وئي…

ڊيوٽي آفيسر وچ ۾ ڳالهايو ‘‘هاڻي مان توهان جو مسئلو سمجهي ويس ته توهان جي بئٽري چارج ناهي..! پوءِ ڪهڙو مسئلو آهي رات بجلي ايندي ته چارج ڪجو ۽ ننڍڙن ٻارن کي به سمھارجو.. بس..!’

ٻنھي زال ۽ مڙس گڏجي ڳالهايو مسئلو اڃان اهو ناهي آفيسر صاحب… مسئلو اهو آهي ته شام پاڙي جو ٽرانسفارمر به سڙي ويو آهي…! هاڻي سڄي رات ننڍڙا ٻار ڪيئن ننڊ ڪندا..!

ڊيوٽي آفيسر ٻنهي کي هڪ ترش نظر سان ڏسي.. ڳالهايو توهان ٻئي پڙهيل لکيل سٺا ۽ معزز شهري ٿا لڳو..! سو جماندار اڄوڪي رات ٿاڻي واري جيڪا هڪ ايڪسٽرا بئٽري چارج ٿيل آهي اها هنن ٻنهي کي ڏي..! ها ۽ سڀاڻي اسان کي اها واپس ڏئي وڃجو..!

هن جوڙي جو مسئلو حل ڪري سب انسپيڪٽر صاحب به پنهنجي گهر روانو ٿيو…!

سب انسپيڪٽر صاحب جيئن ئي گهر پهتو ته سينڊل اچي سيني ۾ ٺڪاءُ ڪيس..! سينڊل جي آواز کانپوءِ هن جي زال جو ڪڙڪيدار آواز آيو…! مئا ماريا! سڄو ڏينهن ڊيوٽي..! هينئر رات جو ڏيڍ وڳين گهر وري… جي لاءِ آيو آهين… اڄ سڄو ڏينهن بجلي ڪونهي آئي… بئٽريءَ جي چارج ختم… منهنجي موبائيل جي چارج ختم…!

***