ٻي مهاڀاري لڙائي جنهن ۾ 53 قومن 6 سالن تائين وڙهي ساڍا چار ڪروڙ ماڻهو ماريا، اربين ماڻھو بک، بدحالي، بيمارين ۽ خوف جي ور چڙھيا. ٻي مهاڀاري لڙائي ۾ تقريبن ساڍا چار ڪروڙ ماڻهو گولين ۽ بمن جو شڪار ٿيا، تقريبن 71 مهينن تائين لڳاتار جاري رهندڙ هن تاريخ جي سڀ کان وڏي لڙائي ۾ دنيا جون 53 قومون (ملڪ) پاڻ ۾ بمن، توپن، ٽينڪن، جنگي ھوائي ۽ بحري جھازن سان هڪ ٻئي جي آمهون سامهون ٿيون ڪروڙين ٽن بارود ماڻهن ۽ آبادين مٿان وسايو ويو، سوويت يونين جي هڪ شهر اسٽالن گراڊ ۾ 10 لک ماڻهو ماريا ويا، جاپان جا 2 وڏا شهر هيروشيما ۽ ناگاساڪي تاريخ ۾ پهريون ڀيرو ائٽمي هٿيارن سان نقشي تان مٽايا ويا، يورپ، آمريڪا، ايشا ۽ آفريڪا کنڊ هڪ ئي وقت لڙائي جي نتيجي ۾ وڏي حد تائين متاثر رهيا لڙائي جي خاتمي کانپوءِ دنيا جو نقشو بدلجي ويو ۽ دنيا جي معشيت تي انتهائي ناڪاري اثر ظاهر ٿيا، بک، بيروزگاري، خوف جهڙين آفتن منهن ڪڍيو، ٻئي طرف ان وڏي لڙائي جي نتيجي ۾ اقوام متحده جهڙو وڏو ادارو به قائم ڪيو ويو ۽ سائنسي ايجادن ۽ انڪشافن جي هڪ دوُر جي شروعات ٿي، پاڪستان ٺھڻ جو سڀ کان وڏو سبب برطانيه جو ٻي عالمي جنگ ۾ وڏو نقصان ٿيڻ ھو جنھن جي ڪري برطانيه برصغير واري بيٺڪيت مان ھٿ ڪڍيا. جرمني پنهنجي طاقت جي زور تي آسٽريا ۽ چيڪو سلواڪيا تي قبضو ڄمائي چڪو هو، هن وڏي عالمي جنگ جي شروعات پهرين سپٽمبر 1939ع کان ٿي جڏهن جرمني پنهنجي مستي ۾ پولينڊ تي خوفناڪ حملو ڪري ڏنو جنهن جو اڳواٽ ڪوبه اعلان نه ڪيو ويو هو. پولينڊ جا گهوڙا ۽ محدود اسلحو جرمني جي جديد ٽينڪن جو مقابلو نه ڪري سگهيا، اهو حملو ايترو ته شديد هو جو جرمني جي سوين ٽئنڪن ۽ جنگي جهازن صرف 2 ڏينهن جي مختصر عرصي ۾ پولينڊ جي 70 سيڪڙو اهم حصي کي فتح ڪري ورتو اهڙي ڪارروائي جي نتيجي ۾ 3 سيپٽمبر تي برطانيه ۽ فرانس ٻنهي گڏجي جرمني خلاف جنگ جو باقائده اعلان ڪري ڇڏيو. خطري جي پيش نظر فرانس پهرين مهاڀاري لڙائي جي تجربي تحت جرمني سان لڳو لڳ ملڪي سرحد تي محفوظ مورچا ٺاهي ڇڏيا هئا، مورچن جي ان دفاعي لائين کي “ميگي نوٽ ڊفينس لائين“ جي نالي سان سڏبو هو، برطانيه وٽ فوج جي گهٽتائي باوجود ان فرانس کي فوجي مدد ڏني هئي، جرمني کي ناروي جي بندرگاهه ناروڪ جي وسيلي سوڊان مان ڪچو لوھ ملندو هو، جرمني جي هٽلر کي ڊپ هو ته برطانيه جي فوج رستو روڪي سوڊان مان ايندڙ لوھ جي رسد کي نه روڪي، ڇو ته اهو لوھ هٿيارن جي ڪارخانن کي پهچندو رهڻ جرمني لاءِ لازمي هو. ان ڪري به جرمني اپريل 1940ع تي ناروي تي فوج ڪشي ڪئي رستي ۾ ڊينمارڪ جو ملڪ بغير ڪنهن جنگ جي فتح ڪري ورتو، برطانيه جي فوج ناروي کي گهڻو بچائڻ جي ڪوشش ڪئي، پر جرمني جي جنگي هوائي جهازن اهڙي ڪوشش کي بي اثر بڻائي ڇڏيو هو. 3 مهينن تائين جنگ جي نتيجي ۾ ناروي جرمني جي فتح هيٺ اچي چڪو هو. ان طرح جرمني جو هٿيارن جي ڪارخانن تائين ڪچي لوھ جي رسد محفوظ ٿي چڪي هئي. ناروي جو سمنڊ جرمن جي هوائي جهازن ۽ آبدوزن جي لاءِ بهتر ثابت ٿيا، ناروي کي نه بچائي سگهڻ تي برطانيه جي وزيراعظم چيمبرلين 10 مئي 1940ع تي استعيفيٰ ڏئي ڇڏي، جنهن جي جاءِ تي سر ونسٽن چرچل وزيراعظم ٿيو. چرچل پنهنجي پهرين خطاب ۾ برطانيه جي عوام کي مخاطب ٿي چيو ته “مون وٽ توهان کي ڏيڻ جي لاءِ رت، سخت محنت، لڙڪن ۽ پگهر کانسواءِ ٻيو ڪجھ به ناهي“ ان مان جنگي ڪيفيت جو اندازو به ٿئي ٿو.