بلاگنئون

ٻي عالمي جنگ ۾ يورپ ۽ آمريڪا جي فتح جي تاريخ

ٻي مهاڀاري لڙائي جنهن ۾ 53 قومن 6 سالن تائين وڙهي ساڍا چار ڪروڙ ماڻهو ماريا، اربين ماڻھو بک، بدحالي، بيمارين ۽ خوف جي ور چڙھيا. ٻي مهاڀاري لڙائي ۾ تقريبن ساڍا چار ڪروڙ ماڻهو گولين ۽ بمن جو شڪار ٿيا، تقريبن 71 مهينن تائين لڳاتار جاري رهندڙ هن تاريخ جي سڀ کان وڏي لڙائي ۾ دنيا جون 53 قومون (ملڪ) پاڻ ۾ بمن، توپن، ٽينڪن، جنگي ھوائي ۽ بحري جھازن سان هڪ ٻئي جي آمهون سامهون ٿيون ڪروڙين ٽن بارود ماڻهن ۽ آبادين مٿان وسايو ويو، سوويت يونين جي هڪ شهر اسٽالن گراڊ ۾ 10 لک ماڻهو ماريا ويا، جاپان جا 2 وڏا شهر هيروشيما ۽ ناگاساڪي تاريخ ۾ پهريون ڀيرو ائٽمي هٿيارن سان نقشي تان مٽايا ويا، يورپ، آمريڪا، ايشا ۽ آفريڪا کنڊ هڪ ئي وقت لڙائي جي نتيجي ۾ وڏي حد تائين متاثر رهيا لڙائي جي خاتمي کانپوءِ دنيا جو نقشو بدلجي ويو ۽ دنيا جي معشيت تي انتهائي ناڪاري اثر ظاهر ٿيا، بک، بيروزگاري، خوف جهڙين آفتن منهن ڪڍيو، ٻئي طرف ان وڏي لڙائي جي نتيجي ۾ اقوام متحده جهڙو وڏو ادارو به قائم ڪيو ويو ۽ سائنسي ايجادن ۽ انڪشافن جي هڪ دوُر جي شروعات ٿي، پاڪستان ٺھڻ جو سڀ کان وڏو سبب برطانيه جو ٻي عالمي جنگ ۾ وڏو نقصان ٿيڻ ھو جنھن جي ڪري برطانيه برصغير واري بيٺڪيت مان ھٿ ڪڍيا. جرمني پنهنجي طاقت جي زور تي آسٽريا ۽ چيڪو سلواڪيا تي قبضو ڄمائي چڪو هو، هن وڏي عالمي جنگ جي شروعات پهرين سپٽمبر 1939ع کان ٿي جڏهن جرمني پنهنجي مستي ۾ پولينڊ تي خوفناڪ حملو ڪري ڏنو جنهن جو اڳواٽ ڪوبه اعلان نه ڪيو ويو هو. پولينڊ جا گهوڙا ۽ محدود اسلحو جرمني جي جديد ٽينڪن جو مقابلو نه ڪري سگهيا، اهو حملو ايترو ته شديد هو جو جرمني جي سوين ٽئنڪن ۽ جنگي جهازن صرف 2 ڏينهن جي مختصر عرصي ۾ پولينڊ جي 70 سيڪڙو اهم حصي کي فتح ڪري ورتو اهڙي ڪارروائي جي نتيجي ۾ 3 سيپٽمبر تي برطانيه ۽ فرانس ٻنهي گڏجي جرمني خلاف جنگ جو باقائده اعلان ڪري ڇڏيو. خطري جي پيش نظر فرانس پهرين مهاڀاري لڙائي جي تجربي تحت جرمني سان لڳو لڳ ملڪي سرحد تي محفوظ مورچا ٺاهي ڇڏيا هئا، مورچن جي ان دفاعي لائين کي “ميگي نوٽ ڊفينس لائين“ جي نالي سان سڏبو هو، برطانيه وٽ فوج جي گهٽتائي باوجود ان فرانس کي فوجي مدد ڏني هئي، جرمني کي ناروي جي بندرگاهه ناروڪ جي وسيلي سوڊان مان ڪچو لوھ ملندو هو، جرمني جي هٽلر کي ڊپ هو ته برطانيه جي فوج رستو روڪي سوڊان مان ايندڙ لوھ جي رسد کي نه روڪي، ڇو ته اهو لوھ هٿيارن جي ڪارخانن کي پهچندو رهڻ جرمني لاءِ لازمي هو. ان ڪري به جرمني اپريل 1940ع تي ناروي تي فوج ڪشي ڪئي رستي ۾ ڊينمارڪ جو ملڪ بغير ڪنهن جنگ جي فتح ڪري ورتو، برطانيه جي فوج ناروي کي گهڻو بچائڻ جي ڪوشش ڪئي، پر جرمني جي جنگي هوائي جهازن اهڙي ڪوشش کي بي اثر بڻائي ڇڏيو هو. 3 مهينن تائين جنگ جي نتيجي ۾ ناروي جرمني جي فتح هيٺ اچي چڪو هو. ان طرح جرمني جو هٿيارن جي ڪارخانن تائين ڪچي لوھ جي رسد محفوظ ٿي چڪي هئي. ناروي جو سمنڊ جرمن جي هوائي جهازن ۽ آبدوزن جي لاءِ بهتر ثابت ٿيا، ناروي کي نه بچائي سگهڻ تي برطانيه جي وزيراعظم چيمبرلين 10 مئي 1940ع تي استعيفيٰ ڏئي ڇڏي، جنهن جي جاءِ تي سر ونسٽن چرچل وزيراعظم ٿيو. چرچل پنهنجي پهرين خطاب ۾ برطانيه جي عوام کي مخاطب ٿي چيو ته “مون وٽ توهان کي ڏيڻ جي لاءِ رت، سخت محنت، لڙڪن ۽ پگهر کانسواءِ ٻيو ڪجھ به ناهي“ ان مان جنگي ڪيفيت جو اندازو به ٿئي ٿو.
ٽن ملڪن بيلجيم، لڪسمبرگ ۽ هالينڊ جنگ ۾ اڻ ڌريو رهڻ جو اعلان ڪيو ان باوجود تيزي سان غرور جي گهوڙي تي سوار ٿي اڳيان وڌندڙ جرمن فوج 10 مئي 1940ع تي انهن ملڪن تي به حملا ڪيا، جنهن تي ٽنهي ملڪن اتحادين کي امداد جي اپيل ڪئي، امداد اڃان پهتي ئي نه هئي ته جرمني هڪ کان پنجن ڏينهن جي مختصر عرصي ۾ ٽنھي ملڪن کي جهڪائي ڇڏيو هو، برطانيه بيلجيم کي بچائڻ لاءِ جيڪا فوج ۽ امدادي سامان موڪليو هو اهو جرمن فوج جي ور چڙهي ويو، صرف 11 ڏينهن ۾ جرمن فوج برطانيه جون سامونڊي حدون اورانگهي چڪي هئي ۽ انهن اتحادي فوجن کي گهيري ۾ آڻي ڇڏيو هو.برطانيه مقابلي لاءِ هر طرح جا جنگي، واپاري، بحري جهاز ، ٻيڙيون، مڇي مارڻ واريون ٻيڙيون سامونڊي ڪناري تي آڻي بيهاريون، جرمني جي هوائي حملي جي شدت دوُران اتحادي فوج جا 3 لک 38 هزار فوجي رات جي انڌيري جو فائدو کڻي پاڻ بچائڻ لاءِ ڀڄي ويا، جڏهن ته باقي فوج هٿيار ڦٽا ڪرڻ تي مجبور ٿي وئي ، جنهن جو قيمتي ۽ وڏي مقدار ۾ جنگي سامان، کاڌو جرمني جي قبضي ۾ اچي ويو . ڊنڪرڪ بندر تي جنگ جو اهڙو واقعو اتحادي فوج لاءِ ڪڏهن به نه وساري سگهڻ جهڙو واقعو بڻجي ويو، جنهن تي بعد ۾ فلمون به ٺهنديون رهيون، ڊنڪرڪ جي فتح کانپوءِ جرمني جي توجهه فرانس طرف ٿي. فرانس پنهنجي دفاعي پوزيشن جي حوالي سان گهڻو مطمئن هو. انهيءَ جي باوجود 4 جون تي جرمن فوج پيرس ۾ داخل ٿي وئي. ان کان اڳ فرانس جي حڪومت لنڊن فرار ٿي چڪي هئي، ان دوُران 10 جون 1940ع تي اٽلي به فرانس خلاف جنگ جو اعلان ڪري ڇڏيو هو، فرانس جي نئين وزيراعظم رينالڊ جرمني سان جنگ ڪرڻ جو خيال ڏيکاريو مگر فوجي جرنيلن کيس تباهي کان بچائڻ لاءِ روڪي ورتو ۽ فرانس جو 65 سيڪڙو سامونڊي پٽي وارو علائقو جرمني جي قبضي هيٺ ڏيڻ کي تسليم ڪيو ويو، جنهن بعد فرانس پيرس کي ڇڏي دشي شهر کي گادي جو هنڌ بڻايو. 1942ع تائين يورپ جو گهڻو تڻو علائقو جرمني جي هٽلر جي قبضي هيٺ اچي چڪو هو. ھاڻ اڪيلو برطانيه بچيو هو، جيڪو جرمني جو مقابلو ڪري رهيو هو، برطانيه کي شڪست نه ڏئي سگهڻ جا سڀ کان وڏا ڪارڻ 2 هئا جن مان هڪڙو اهو هو ته جرمن فوج بحري فوج طرف گهٽ ڌيان ڏنو ۽ ٻيو سبب اهو هو ته برطانيه وٽ ان وقت جا جديد قسم جا ريڊار هئا جيڪي هوائي جهازن جي تمام پري کان سڃاڻپ ڪري سگهندا هئا، جنهن ڪري جرمني برطانيه تي اوچتي حملي واري صلاحيت کان محروم ٿي ويو هو، هٽلر ان خوش فهمي ۾ به هو ته فرانس جي شڪست کانپوءِ برطانيه هٿيار ڦٽا ڪرڻ تي مجبور ٿي ويندو، پر جنگ جي نتيجي ۾ هٽلر جي اهڙي سوچ رڳو ان جو خواب ثابت ٿي، جولاءِ کان آڪٽوبر تائين تقريبن پوڻا چار مهينا جاري رهندڙ هن جنگ ۾ جرمني وٽ هوائي جهازن جي وڏي تعداد باوجود کيس وڏو نقصان ڀوڳڻو پيو، سندس 1750 هوائي جنگي جهاز تباھ ٿيا ۽ کيس هٿيار ڍرا ڪرڻا پيا. ٻئي مهاڀاري لڙائي ٻي طرف دنيا جي ٻين حصن ۾ به تيزي سان پکڙجي رهي هئي، جڏهن جرمني ۽ اٽلي جي ساٿي جاپان آمريڪي بندرگاھ پرل هاربرل تي بمباري ڪري آمريڪا کي وڏو نقصان ڏئي کيس جنگ ۾ شامل ٿيڻ جي اڻ سڌي دعوت ڏني ته ڊسمبر 1941ع تي آمريڪا به ان جنگ جو حصو بڻجي ويو ۽ ان به اتحادي فوج جو ساٿ ڏيڻ جو باقائده اعلان ڪري ڇڏيو، پرل هاربر تي جاپاني حملي ۾ جاپان جا 360 جنگي جهاز استعمال ٿيا، جن آمريڪا جي 5 وڏن جنگي بحري جهازن، 14 ننڍن بحري جهازن ۽ 188 هوائي جنگي جهازن کي چند ڪلاڪن ۾ تباھ ڪري ڇڏيو هو، جنهن ۾ آمريڪا جا 2330 فوجي آفيسر 100 جي لڳ ڀڳ عام شهري قتل ٿيا هئا، جيڪو آمريڪا جو تمام وڏو نقصان ۽ جاپان جي وڏي فتح ثابت ٿيو، (آمريڪا کي ايڏو وڏو نقصان پوري تاريخ ۾ ڪنھن به نه ڏنو ھو نه ڏنو آھي) سو بعد ۾ اڳيان هلي جاپان کي ڏاڍو مهانگو پيو. ان طرح 8 ڊسمبر 1941ع تي برطانيه ۽ فرانس آمريڪا سان گڏجي جاپان سان جنگ جو گڏيل اعلان ڪيو، ٻئي ڏيهن تي چين به اتحادين سان جنگ جو ساٿي بڻيو. جڏهن ته اٽلي ۽ جرمني 11 ڊسمبر تي آمريڪا سان جنگ جو اعلان ڪري ويٺا. اهڙي طرح پولينڊ تي جرمني جي حملي سان شروع ٿيندڙ هي جنگ دنيا جي وڏين طاقتن جي سڀ کان وڏي جنگ جي شڪل اختيار ڪري وئي، آمريڪا جيڪو شروع ۾ خاموشي اختيار ڪري ويٺل هو تنهن جنگ جو سڌو حصو بڻجڻ تي پنهنجي اتحادين کي ان زماني جا جديد هٿيار مهيا ڪيا ۽ پنهنجا هڪ ڪروڙ 60 لک فوجي جنگ ۾ شامل ڪيا ۽ 6 سالن جي جنگي عرصي دوُران ان زماني۾ تقريبن 3 کرب 60 ارب ڊالرن جو تمام وڏو خرچ ڪيو، جيڪو ان وقت جو تمام وڏو خرچ هو. جنگ ۾ آمريڪا جا 3 لکن کان وڌيڪ هوائي، بحري ۽ بري فوجي قتل ٿيا، پرل هاربر تي جاپاني حملي جو پهريون وڏو رد عمل اهو سامهون آيو جو آمريڪا پنهنجي ملڪ ۾ موجود هڪ لک 10 هزار جاپانين کي گهرن مان ٻاهر گرم ترين ريگستاني علائقي ۾ ڪيمپن ۾ قيد ڪيو، انهن مان 75 هزار جاپاني اهڙا هئا جيڪي آمريڪا ۾ پيدا ٿيا هئا. اهڙي نظربندي جنگ جي خاتمي تائين جاري رهي، مطلب ته جاپاني فوج جي غلطي جو نتيجو آمريڪا ۾ رهندڙ هڪ لک کان وڌيڪ جاپانين کي ڀوڳڻو پيو.
جنگ ۾ آمريڪي فوجي طاقت جي وڏي پيماني تي استعمال سان جنگ جو پاسو ئي بدلجي ويو هو. 1941ع جي آخر تائين جرمني سواءِ برطانيه جي يورپ جي گهڻن ملڪن تي قابض ٿي ويو هو. هاڻي گهڻي تڻي جنگ ٻئي پاسي تي وڙهي پي وئي، 1942ع جي آخري مهيني تائين سويت يونين جي فوج جرمني جي اڳراهي کي روڪي ڇڏيو هو، هڪ طرف جرمني اڳتي وڌي ويو هو ته ٻئي طرف ان جا ساٿي ملڪ اٽلي ۽ جاپان به تيزي سان وڌي رهيا هئي، جن جي اتحاد ۾ آسٽريا ۽ چيڪو سلواڪيا به شامل هئا، ٻئي پاسي وري برطانيه، آمريڪا ۽ سويت يونين جي اتحاد ۾ دنيا جا ٻيا 50 جي لڳ ڀڳ ملڪ شامل ٿي ويا هئا. ان طرح سڄي دنيا ۾ سموريون طاقتون ٻن وڏن جنگي گروپن ۾ ورهايل هيون. مئي 1942ع ۾ جرمني جي جرنيل روميل جنهن کي “ريگستان جي لومڙي“ جو لقب ڏنو ويو هو، اڳراهي ڪندي برطانيه جي فوج جو دفاع ٽوڙي ڇڏيو ۽ اڳيان وڌيو، العالمين جي مقام تي جرمني ۽ برطانيه جي فوجن وچ ۾ ٽئنڪن جي مشهور ۽ وڏي جنگ لڳي ان دوُران برطانيه اٿوپيا ۾ اٽلي کي شڪست کي ويجهو رسايو ۽ جرمني جي ڪوشش باوجود اٽلي نقصان کان نه بچي سگهيو، هٽلر طاقت جي مڳي سبب يورپ جي اڃان به وڌيڪ ملڪن کي فتح ڪرڻ جي ارادي سان قدم اڳيان وڌايو، يوگو سلاويا جي حڪومت هٽلر جو ساٿ ڏئي ان سان هڪ ٺاھ تي صحيح ڪئي ته يوگو سلاويا جي فوج بغاوت ڪري حڪومت تي قبضو ڪري ورتو جنهن تي جرمن فوج 19 اپريل 1941ع تي يوگوسلاويا تي يلغار ڪئي ۽ 11 ڏينهن اندر پوري ملڪ تي پنهنجو قبضو ڄمائي ڇڏيو، هٽلر عملي طور تي پاڻ سان گڏ شامل ٻين ملڪن جي فوج جو ڪمانڊر هو جنهن سبب سندس ڊڪٽيٽرشپ واري رويي سان گڏ ذهني صلاحيتون به هيون، ان جو ساٿي ۽ ذاتي دوست اٽلي جو وزيراعظم مسوليني اهڙي رويي کي پنهنجي بي عزتي تصور ڪندو هو. ڇو جو مسوليني به پنهنجن روين ۾ وڏو ڊڪٽيٽر هو. هڪڙو ڊڪٽيٽر ٻي ڊڪٽيٽر کي فطري طور تي ڪئين ٿو پسند ڪري سگهي، اهو ئي سبب هو جو مسوليني هٽلر جي هدايتن تي عمل ڪرڻ بجاءِ پنهنجي طور جنگ ۾ وڏو ڪارنامون ڪري ڏيکارڻ جي ذاتي خواهش تحت يونان تي حملو ڪري ان کي فتح ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي، ان وقت اٽلي جي مقابلي ۾ يوناني فوج نه صرف تعداد ۾ گهٽ هئي پر ان فوج وٽ اٽلي جي مقابلي ۾ جديد هٿيار به هئا. اها ڳالھ پنهنجي جاءِ تي سچي آهي ته جنگ جي ميدان ۾ فوج جو تعداد ۽ جديد هٿيار نه پر جذبو وڙهندو آهي، اھو ئي ٿيو جيڪو اٽلي جي هٽلر ۽ مسوليني جي وهم ۽ گمان ۾ به نه هو. اٽلي يونان کان نه رڳو شڪست کاڌي پر يوناني فوج کان پنهنجا ڪي علائقا به ڦرايا. ان دوُران برطانيه به يوناني فوج جي مدد لاءِ ماڻهو ۽ سامان موڪليو جنهن جي مقابلي ۾ هٽلر وڏي تعداد ۾ فوج اٽلي جي مدد لاءِ اماڻي نيٺ يونان به فتح ڪيو ويو. بلقان ۽ يونان ۾ برطانيه جي فوج کي شڪستن سبب سخت پريشانيون درپيش آيون، جرمني جو به وڏو نقصان ٿيندو رهيو، نه ته هٽلر پنهنجي فوج کي سويت يونين خلاف استعمال ڪري ان کي به فتح ڪرڻ جو ارادو رکندڙ هو، جنهن ۾ 2 مهينا دير ٿي وڃڻ ڪري سردي جي موسم شروع ٿي وئي جيڪا جرمن فوج کي سويت يونين ۾ جنگ دوُران ڏاڍي مهانگي پئي، ان جا فوجي سردي ۽ تيز برساتن ۾ وڏي تعداد ۾ مئا.
جرمني ۽ سويت يونين هڪ ٻئي جا دوست ملڪ هئا پر هڪ جهڙا مقصد ۽ مفاد رکڻ تي ٻئي هڪ ٻئي جا ڪٽر دشمن بڻجي آمهون سامهون ٿيا، جرمني جو هٽلر ان ڪري به سويت يونين جي ليڊر مارشل اسٽالن تي ڪن سببن ڪري چڙيل هو، هٽلر ان ڪري سويت يونين کي پنهنجي قبضي هيٺ آڻڻ جو خيال رکندو هو، جو هن جي نظر تيل پيدا ڪندڙ علائقن تي هئي. هٽلر سويت يونين سان نه وڙهڻ جو ٺاھ صرف ان لاءِ ڪيو هو جو هن پاسي کان مطمئن ٿي اولھ يورپ جي ملڪن کي با آساني فتح ڪري سگهي، هيڏانهن سويت يونين وري 1939ع ۾ جرمني سان ٺاھ جو به ساڳي نوعيت جو فائدو حاصل ڪيو، هن فن لينڊ، پولينڊ ۽ اوڀر يورپ جي ٻين ملڪن تي قبضن جي رٿا هئي، جنهن تحت نومبر 1939ع تي سويت يونين فن لينڊ تي حملو ڪيو ۽ سخت لڙائي کان پوءِ ان تي قبضو ڪري ورتو. ان طرح ان جي يورپ جي سمنڊن تائين رسائي ٿي وئي. گرمين جي موسم دوُران سويت يونين اسٽونيا، لٽويا ۽ لٿوانيا تي قبضا ڄمايا انهن ئي ڏينهن دوُران هٽلر سويت يونين تي حملي ۽ قبضي جي رٿابندي ڪري ورتي هئي، هن سويت يونين کي ٻين ملڪن ۾ جنگ طرف مصروف ڏسي 22 جون 1941ع تي مٿس چڙهائي ڪري ڏني، اهو حملو ايترو ته اوچتو ۽ بي خبري ۾ هو جو سويت يونين جون فوجون لڏي ويون. جيستائين فوجين پاڻ کي سنڀاليو تيستائين جرمني جون فوجون سويت يونين جي حدن ۾ داخل ٿي چڪيون هيون، جنهن ۾ سويت يونين جا لکين فوجي مارجي ويا، اهڙي صورتحال کي ڏسي سويت يونين جي ماڻهن منصوبابندي سان سوين فيڪٽريون ، ڊيم ۽ ريلوي لائينون پاڻ تباھ ڪري ڇڏيون ته جئين جرمن فوج انهن مان ڪو فائدو حاصل نه ڪري سگهي.
هٽلر جي پهرين رٿابندي ماسڪو تي حملي جي هئي جيڪا بعد ۾ لينن گراڊ ۽ ٻئي طرف ڪريميا طرف حملي لاءِ تبديل ٿي ڪئي ويئي جنهن جي رٿابندي ۾ نئين سر وڌيڪ ٽائيم لڳو ان دوُران اسٽالن کي نئين فوج تيار ڪرڻ ۾ وقفو ملي ويو. جيڪو سويت يونين کي فائدي وارو ثابت ٿيو. جرمني فوج جڏهن ڪيف شهر کي فتح ڪري ورتو ته ان وقت موسم جي تبديلي اچي چڪي هئي برساتون شروع ٿي ويون هيون جنهن سان جرمني جون ٽئنڪون ۽ فوجي گپ ۾ ڦاسي بي اثر ٿي ويا، ٻئي طرف جرمني اسٽالن گراڊ جو گهيرو ڪيو ته ان دوُران غيرمتوقع سردي شروع ٿي وئي جيڪا ڪاٽو 40 ڊگري سينٽي گريڊ تائين پهچڻ ڪري جرمن فوج لاءِ تمام وڏو مسئلو ٿي پئي، 1943ع ۾ اسٽالن گراڊ ۾ سويت يونين ۽ جرمن فوجن ۾ وڏو مقابلو به ٿيو ۽ وڏي خون ريزي باوجود جرمني کي شڪست کانسواءِ ٻيو ڪجھ به نصيب ۾ نه آيو. جڏهن اسٽالن گراڊ ۾ جرمني کي سويت يونين هٿان شڪست ملي رهي هئي ته انهن ئي ڏينهن دوُران ٻئي طرف، ڏکڻ آمريڪا ۾ به جرمن فوج جي شڪست جي شروعات ٿي وئي هئي. هر جنگ ۾ مخالف تي سب کان وڏو وار اهو سمجهيو ويندو آهي ته ان جي فوج جي هٿيارن، کاڌي خوراڪ ۽ ٻين سهوليتن جي رسد کي روڪيو وڃي. جرمني جي به اها ڪوشش هئي ته برطانيه کي شڪست ڏيڻ لاءِ ان کي اتر آمريڪا مان سمنڊ رستي ملندڙ رسد کي روڪي، جڏهن ته ان رسد کي کليو رکڻ برطانيه لاءِ زندگي موت جو مسئلو هو. جرمني لاءِ ڏکيائي ۽ ان جي بدقسمتي اها هئي جو ان جي بحري طاقت ڪمزور ٿي وئي هئي، ان ڪري هٽلر رڳو بري ۽ هوائي فوج تي انحصار ڪيو هو. ان ڪري جرمني برطانيه جي آمريڪي رسد جي ناڪابندي جي لاءِ هوائي جهازن ذريعي بمباري جو سهارو ورتو، برطانيه ان جي جواب ۾ جرمني جي سڀ کان وڏي ۽ اهم ترين بحري ٻيڙي بسمارڪ کي گهيري ۾ آڻي ڇڏيو ۽ ان تي بمباري ڪري ان کي تباھ ڪري ٻوڙي ڇڏيو. اهڙي واقعي کان پوءِ جرمني جي بحري طاقت اڃان به وڌيڪ ڪمزور ٿي وئي. بحري جنگ ۾ جيتري تيزي سان جرمني جون آبدوزون تباھ ٿيون ايتري رفتار سان اهي نيون تيار نه پي ٿي سگهيون ان ڪري جرمني کي ان ميدان ۾ شڪست کي منهن ڏئيڻو پيو. 1942ع ۾برطانيه جنگي پاليسي ۾ تبديلي آڻي لنڊن جي شهري آبادي تي ٿيندڙ حملن جو جواب جرمني جي شهري آبادي تي حملن سان ڏيڻ شروع ڪيو، 30 مئي 1942ع تي برطانيه جي 900 جنگي هوائي جهازن جرمني جي شهرن تي سخت بمباري ڪري وڏو نقصان ڪيو. آمريڪا جا جديد جهاز بي 17، جرمني جي هٿيارن جي ڪارخانن ۽ هٿيارن جي زخيرن تي بمباري ڪرڻ لڳا، جنگ جي آخري ڏهن مهينن دوُران جرمني جي عام شهرين تي لکين بم وسايا ويا، جنهن سان جرمني کنڊرات جو ڍير بڻجي چڪو هو. ڪا عمارت، فيڪٽري گهر سلامت نه رهيو هو. رستا ۽ ريلوي لائينون به تباھ ٿي ويا هئا. لکين عام ماڻهو بمن جي برسات جي نتيجي ۾ زندگيون وڃائي ويٺا هئا. تقريبن سڄي ملڪ جا سمورا ماڻهو بي گهر ٿي چڪا هئا. ان جي باوجود جرمن سائنسدانن همت ڪري ريڊار تيار ڪيا جن سان جهازن جي اچڻ جي اڳواٽ خبر پوڻ تي انهن تي حملن ۾ آساني ٿي، 1944ع ۾ جرمني جي سائنسدانن جيٽ انجڻ تي جيٽ جنگي جهاز ايم اي 262 تيار ڪيو ۽ برطانيه جي خلاف گائيڊيڊ ميزائيل استعمال ڪيا جن برطانيه ۾ به وڏي تباهي آندي هئي. پر اهو وقت اهڙو هو جيڪو اتحادين جي حق ۾ تبديل ٿي چڪو هو. ٻئي طرف ڏکڻ آفريڪا جي محاذ تي فتح کانپوءِ اتحادي فوجين اٽلي جي سڀ کان وڏي جنگي اڏي سسلي تي بمباري جو سلسلو شروع ڪيو هو. 10 جولاءِ 1943ع تي اتحادي فوج سسلي تي لهڻ ۾ ڪامياب ٿي وئي جتي 39 ڏينهن تائين زبردست جنگ ۾ وڏي پيماني تي خون ريزي ٿي 17 آگسٽ تي آخري فوجي به اتان نڪري ويا يا سڀ مري ويو.
ٻئي عالمي جنگ گهڻو ڪري يورپ ۽ آمريڪا ۾ وڙهي وئي جتي جرمني ۽ اٽلي سان گڏ قبضي هيٺ آيل ڇھ ملڪ به شامل هئا. اوڀر ۾ جاپان اڪيلو وڙهي رهيو هو، جاپان پرل هاربر تي حملي کان پوءِ ڇتو ٿي ويو هو. هن ان کانپوءِ هانگ ڪانگ ۽ چين تي بمباري شروع ڪئي انهن ئي ڏينهن ۾ جاپان ٿائي لينڊ تي به حملو ڪيو 1941ع جي آخر تائين جاپان هانگ ڪانگ تي قابض ٿي چڪو هو. ان بعد هن ملايا ۽ برما تي حملو ڪيو. جنوري 1942ع تائين سنگاپور به جاپان فتح ڪري ورتو هو. جيڪي سڀ برطانيه جون بيٺڪون هيون، سنگاپور ۾ جاپان، برطانيه کي شرم ناڪ شڪست ڏئي ان جا 85 هزار فوجي قيد ڪيا، جاپان آمريڪا جي ڪيترن ئي جزيرن تي به حملا ۽ قبضا ڪيا، فلپائن ۾ جاپان کي ڪجھ مشڪلاتون درپيش آيون پر 9 اپريل 1942ع تي آمريڪا ۽ فلپائن جي 75 هزار فوجين جاپاني فوج اڳيان هٿيار ڦٽا ڪري ڇڏيا. جن کي 65 ڪلوميٽرن تائين پنڌ ڪرائي ڪيمپن ۾ بند ڪيو ويو، قيدي فوجين جي ان سفر کي تاريخ ۾ “ڊيٿ مارچ“ جي نالي سان ياد ڪيو وڃي ٿو. جاپان ۽ آمريڪا جي بحري جنگ جيڪا آخري وڏي جنگ هئي سا فلپائن جي سمنڊ ۾ 1944ع ۾ وڙهي وئي هئي. جنهن ۾ ٻنهي طرفن کان 282 جنگي جهاز استعمال ٿيا جنهن ۾ جاپان جي بحري فوج مڪمل طور تي تباھ ٿي وئي هئي. فلپائن جي ان لڙائي ۾ جاپاني فوجين ڪيترائي خودڪش حملا به ڪيا، پر پوءِ به شڪست تي جاپان جا ساڍا ٽي لک ۽ آمريڪا جا صرف 14 هزار فوجي مارجي ويا هئا. فلپائن ۾ شڪست کانپوءِ جاپان جي چيلھ چٻي ٿي وئي هئي، جنهن بعد برما ۽ چين جا علائقا به جاپان کان خالي ڪرايا ويا هئي. پهرين سيپٽمبر 1939ع تي جاري ٿيندڙ هي ٻي عالمي جنگ 29 اپريل 1945ع تي جرمن فوج جي هٿيار ڦٽا ڪرڻ ۽ 7 مئي 1945ع تي هٽلر جي خودڪشي تي ختم ٿي، 8 مئي لنڊن ۾ لکين ماڻهن گڏ ٿي ان ڏينهن کي وڏي خوشي جو ڏينهن قرار ڏئي ملهايو. برطانيه ۾ ان ڏينهن عام موڪل ڪرائي وئي ۽ ان ڏينهن کي “يورپ جي فتح جو ڏينهن“ جو نالو ڏنو ويو، مگر پوءِ اها فتح ان ڪري به اڌوري هئي جو جاپان اڃان تائين هٿيار نه ڇڏيا هئا. اتحادي طاقتن جي مقابلي ۾ هاڻي اڪيلو جاپان وڃي بچيو هو. جنهن جرمني جي شڪست ۽ هٽلر جي خودڪشي بعد جنگ بندي تي غور ڪيو هو پر هٿيار ڦٽا نه ڪيا هئا. جاپان کي جهڪائي فتح ڪرڻ لاءِ آمريڪا هڪ ڳجهي رٿابندي ڪئي هئي جنهن کي “آپريشن اولمپڪ“جو نالو ڏنو ويو هو. جنهن تي نومبر 1945ع کان عمل ٿيڻو هو مگر جرمن سائسندان آئن اسٽائن پاران آمريڪا کي ٺاهي ڏنل ايٽم بم جي جولاءِ 1945ع ۾ ڪامياب تجربي کانپوءِ آمريڪا جنگ ۾ نقصان کڻڻ ۽ جاپان کان پرل هاربر واري حملي جو بدلو چڪائڻ لاءِ جاپان تي ايٽم بم سان حملو ڪرڻ جو فيصلو ڪيو. اصل ۾ اهڙو فيصلو جولاءِ 1945ع ۾ نئين آمريڪي صدر ٽرومين، اسٽالن ۽ چرچل جي آخري گڏجاڻي جيڪا جرمن جي شهر پوٽسڊ ۾ ٿي هئي ان ۾ ڪيو ويو هو. آمريڪا کي اهو اندازو هو ته جاپان سان جنگ ۾ کيس وڏو نقصان رسي سگهي ٿو ان ڪري جاپان کي زير ڪرڻ لاءِ سومر 6 آگسٽ 1945ع تي ان جي شهر هيروشيما تي پهريون ايٽمي حملو ڪيو ويو، جنهن وڏي تباهي مچائي ڇڏي هئي، سڄو علائقو کنڊر بڻجي ويو هو ۽ لکين ماڻهو اک ڇنڀ ۾ مري ويا ۽ ٻيا لکين معزور ۽ زخمي ٿيا، آمريڪا جي اهڙي سنگين ترين ڪاروائي جو جاپان ڪو مناسب اثر نه ورتو ته آمريڪا صرف ٽن ڏينهن جي وقفي کانپوءِ جاپان جي هڪ ٻئي شهر ناگاساڪي تي ٻيو ايٽم بم به اڇلائي ٻيهر لکين ماڻهن جي زندگين کي موت جي ننڊ سمهاريو. جنهن بعد جاپاني شهنشاھ هيروهيٽو جاپاني حڪومت کي جنگ بند ڪرڻ ۽ شڪست قبول ڪرڻ جو حڪم ڏنو ۽ خود ريڊيو تي اچي اهڙو اعلان به ڪيو. جڏهن ته شهنشاھ هيروهٽيو ان کان اڳ ۾ سياست جي معاملي ۾ ڪا مداخلت نه ڪئي هئي. اهڙي صورتحال کانپوءِ لکين جاپاني فوجين خودڪشي ڪري ڇڏي ۽ 2 سيپٽمبر 1945ع تي جاپان هٿيار ڦٽا ڪري شڪست کي عملي طور تي قبول ڪري ورتو. ان ڏينهن ٽوڪيو ۾ آيل آمريڪي جنگي جهاز ميسوري تي هڪ تقريب رچائي ويئي جنهن ۾ وڏي خوشي ملهائي وئي هئي، جتي جاپان جي جرنيل اميزو جاپان پاران هٿيار ڦٽا ڪرڻ واري دستاويز تي صحيح ڪئي، جنهن کان پوءِ آمريڪا جاپان جي چارج سنڀالي ورتي ساڳئي ڏينهن تي 436 آمريڪي جنگي جهازن ٽوڪيو مٿان پروازون ڪيون ته جئين جاپانين تي آمريڪي فضائي قوت جو مظاهرو ٿي سگهي. ان وقت ۾ 42 بحري جهاز خليج ٽوڪيو ۾ داخل ٿيا، ۽ رات ٿيڻ کان اڳ 13 هزار وڌيڪ فوج به جاپان ۾ داخل ڪئي وئي 4 سيپٽمبر تي جاپاني شهنشاھ ھيرو ھيٽو قوم کي هدايت ڪئي ته آمريڪا جا سمورا شرط پورا ڪيا وڃن ۽ سمورا هٿيار آمريڪي فوج حوالي ڪيا وڃن، 8 سيپٽمبر 1945ع تي آمريڪا پنهنجو جهنڊو ٽوڪيو ۾ ڦڙڪايو جنهن بعد پوري دنيا کي پنهنجي گهيري ۾ آڻيندڙ هي ٻي عالمي وڏي جنگ مڪمل طور تي ختم ٿي.
ٻنهي عالمي جنگين جي نتيجي ۾ دنيا جي معشيت، عالمي امن، اعتماد ۽ ڪروڙين انساني جانيون ته تباھ ٿيون پر دنيا جو هر ملڪ عدم تحفظ واري احساس جو شڪار ٿي ويو، جنهن سان دنيا ۾ هٿيارن جي هڪ تڪڙي ۽ ڊگهي دوُر جي به شروعات ٿي، سائنسي ترقي جو گهڻو تڻو مقصد جديد ترين هٿيارن جي تياري رهيو، نئون عالمي بيٺڪيت وارو نظام قائم ٿيو، جنهن تحت عالمي طاقتون پنهنجي ئي ملڪ ۾ ويهي دنيا جي ڪمزور ملڪن تي اڻ سڌي حڪمراني ڪرڻ لڳيون، نيپام، هائيڊروجن ۽ ايٽم بم جهڙا خطرناڪ هٿيار جن کي هزارين ڪلوميٽرن تائين کڻي صحيح نشاني تي مار ڪندڙ جديد ميزائيل هيل تائين آمريڪا سميت 6- 7 ملڪن وٽ موجود آهن، جن جي زخيري ۾ هر ملڪ اضافو آڻي رهيو آهي، جن ملڪن وٽ ايٽم بم جي صلاحيت ناهي اهي پاڻ کي عدم تحفظ ۾ سمجهي رهيا آهن. ٻي عالمي جنگ ۾ آمريڪا پاران جاپان کي گوڏا کوڙائڻ لاءِ ان جي شهرن تي 2 ايٽمي حملا ڪري لکين ماڻهن کي اک ڇنب ۾ مارڻ واري عمل کانپوءِ آمريڪا دنيا جو لٺ سردار بڻجي ويو آهي، ٻئي عالمي جنگ جي خاتمي کي هيل تائين تقرين72 سال جو عرصو پورو ٿي ويو آهي، اهي ملڪ جن جا هڪ ٻئي سان سڌا مقابلا ٿيا ۽ انهن هڪ ٻئي کي وڏا مالي ۽ جاني نقصان رسايا سي وري به ان کان به وڌيڪ خطرناڪ پوزيشن ۾ اچي ويا آهن، جيڪا جديد دوُر جي جديد عالمي جنگ جي تقاضا تصور ڪئي وڃي ٿي. پهرين عالمي جنگ ۾ جرمني پنهنجي شڪست باوجود 20 کان 21 سالن بعد نازي ازم جي بنياد تي پوري دنيا فتح ڪرڻ جو خواب ڏسي جنگ جي ٻيهر شروعات ڪئي، سندس خيال هو ته نازي قوم دنيا جي اهڙي قوم آهي جيڪا دنيا تي حڪمراني جو حق رکي ٿي اهو خيال کڻي جرمني ٻيهر جنگ جي شروعات ڪئي ۽ اکيون پوري دنيا ۾ ان جا فوجي ڪاهي پيا نتيجي ۾ جرمني جو خواب ته پورو نه ٿي سگهيو پر ان پهرين کان وڌيڪ بدتر شڪست کاڌي ۽ سندن ملڪ جنگ جي نتيجي ۾ ٻن حصن ۾ ورهائجي ويو. جيترا ماڻهو جنگ دوران گولين ۽ بمن سان دنيا ۾ مئا ان کان ٻيڻا ماڻهو جنگ بعد پيدا ٿيل معاشي حالتن ۽ بيمارين وگهي اڃ، بک ۽ علاج جي سهوليتن جي اڻ هوند ۾ مئا. ھن وقت به دنيا جي ترقي پزير ملڪن جا 75 سيڪڙو وسيلا ڪنھن وڏي جنگ جي ڊپ تحت انهن جي دفاعي خرچن ۾ لڳي رهيا آهن، جيڪو عمل خود مستقبل ۾ جنگ جي تياري وارو عمل آهي، پر ان جي نتيجي ۾ ترقي پزير ملڪن جي عام ماڻهن جي وڏي اڪثريت بک بدحالي، بيروزگاري ۽ مهنگائي واري بم جو لڳاتار شڪار رهندي آئي آهي. دنيا اندر 25 اهڙا ملڪ به موجود آهن جن وٽ ڪابه فوج ۽ فوجي سازو سامان موجود ناهي پوءِ به اهي ملڪ “عاشقن جي جنت“ تصور ڪيا وڃن ٿا ۽ خوش آهن، شايد انهي ڪري به جو اهي ملڪ ڪنهن سپر پاور جي توجه جا مرڪز نه رهيا آهن، انهن مان ڪنهن ڀر واري ملڪ کي ڪو خطرو ڪونهي. آمريڪا خود ايٽم بم جو انساني آبادين تي پھريون ڀيرو 2 ڀيرا استعمال ڪري چڪو آهي، ان ڪري ان کي اهو خوف شدت سان آهي ته دنيا کيس سندس سوال جو ساڳيو جواب به نه ڏئي، ان ڪري جن ملڪن وٽ ايٽمي قوت آهي، آمريڪا کي انهن ملڪن مان ڀلي اهو خطرو نه به هجي ته به اهي ملڪ مٿس ڪڏھن نه ڪڏھن حملو ڪندا، اهو خطرو هر پل آهي ته انهن ملڪن جا جديد هٿيار ڪنهن اهڙي طاقت جي هٿ نه چڙهن جيڪا آمريڪا جي خلاف آهي، اهڙو داخلي خوف آمريڪا کي اهڙي طرح پريشان ڪري رهيو آهي، جنهن سان هو عدم تحفظ جو هر پل شڪار آهي، ان خوف تحت پاليسين جي ڊوڙ خود اهڙو عمل آهي جيڪو ڪنهن ٽين عالمي جنگ کي جنم ڏئي سگهي ٿو ۽ اها عالمي جنگ اهڙي هوندي جهڙي اڳ ۾ ڪا ٿي هئي. ھاڻ ڪا ٽين عالمي جنگ لڳي ته اھا جنگ نه پر قيامت ھوندي جنھن جو تصور مذھبي ۽ آسماني ڪتابن ۾ موجود آھي.