بشريٰ بي بي جي مبينه ڊائري جي معاملي تي پي ٽي آئي وضاحت جاري ڪري ڇڏي
پي ٽي آئي ترجمان طرفان جاري رد عمل ۾ چيو ويو آهي ته مبينه ڊائري ۽ ان جي متن جي ترديد ڪريون ٿا، ان سان بشريٰ بي بي جو ڪوبه تعلق نه آهي. پي ٽي آئي جي ترجمان جو چوڻ آهي ته هيءَ ڊائري عمران خان يا سندس گهر واري جي نه آهي ته پوءِ ان ۾ لکيل متن بشريٰ بي بي سان منسوب ڪيئن ٿو ٿي سگهي. پي ٽي آئي مطابق اهو ڊرامو پاڪستان جي اصل مسئلن خاص طور حڪومتي فسطائيت، ظلم ۽ جبر ۽ آئين ۽ قانون جي پامالي تان توجهه هٽائڻ جي هڪ ناڪام ڪوشش آهي.

