دنيا جي نصف آبادي وڏي عمر تائين پهچڻ سان ذهني مسئلن ۾ مبتلا ٿي سگهي ٿي
بوسٽن: هڪ تحقيق مطابق دنيا جي نصف آبادي 75 سالن جي عمر تائين پهچڻ کانپوءِ ڊپريشن يا بي چيني جهڙن مسئلن ۾ مبتلا ٿي سگهي ٿي. هارورڊ ميڊيڪل اسڪول ۽ آسٽريليا جي يونيورسٽي آف ڪوئنزلينڊ جي محققن مطابق صحت جي عالمي اداري طرفان ڪيل سروي جو ٻن ڏهاڪن تائين معائنو ڪيو ويو. ان مطابق 29 ملڪن جي 1 لک 56 هزار ماڻهن ۾ ذهني مرض جي تشخيص جو رجحان ڏٺو ويو. اها ڳالهه به سامهون آئي ته ٻن مان هڪ فرد وڏي عمر تائين پهچڻ کانپوءِ گهٽ ۾ گهٽ ڪنهن هڪ ذهني مسئلي ۾ مبتلا ٿي سگهي ٿو. 2019 جي مقابلي ۾ ان جي شرح ۾ واڌ ٿي آهي. مجموعي طور مردن ۾ ڪنهن به ذهني مرض ۾ مبتلا ٿيڻ جا امڪان 46 سيڪڙو جڏهن ته عورتن ۾ 53 سيڪڙو هئا. عورتن جا خاص طور تي پوسٽ ٽراماٽڪ اسٽريس ڊس آرڊر (پي ٽي ايس ڊي) ۾ مبتلا ٿيڻ جا خطرا وڌيڪ هئا، جڏهن ته مردن ۾ شراب نوشي جي استعمال جا امڪان وڌيڪ هئا. آمريڪا ۾ ذهني بيمارين جي شرح بلند ٿيڻ سبب خودڪشين جي تعداد وڌي رهي آهي. تازه ترين تجزيي مان اها ڳالهه ثابت ٿي آهي ته ذهني صحت جو بحران صرف آمريڪا تائين نه، پر پوري دنيا جي سڀني حصن ۾ موجود آهي.