خاص

اسلام آباد هاءِ ڪورٽ عمران خان خلاف توشه خانه ڪيس جو مڪمل رڪارڊ طلب ڪري ورتو

چيئرمين پي ٽي آئي کي توشه خانه ڪيس جي سزا خلاف اپيل تي سماعت جو تحريري حڪم نامو اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جاري ڪري ڇڏيو، جنهن ۾ عدالت چيئرمين پي ٽي آئي خلاف توشه خانه ڪيس جو مڪمل رڪارڊ طلب ڪري ورتو ۽ رجسٽرار آفيس ۾ چيئرمين پي ٽي آئي جي سزا معطلي جي درخواست جلد مقرر ڪرڻ جي هدايت ڪئي.