بلاگنئون

طالبان جي اونداهي دور ڏانهن واپسي

افغان طالبان جڏهن ڪابل ۾ ڦرلٽ ڪئي، جڏهن مغربي حمايت يافته طالبان تاش جي پتن وانگر ورهائجي ويا تڏهن غير ملڪي مددگارن افغانستان جي 20 سالن جي حڪومت هٿن مان آسانيءَ سان ڪڍي ڇڏي. مغرب سميت سڀئي غير اسلامي ملڪ ان ڳالھ تي راضي هئا ته ڀلي طالبان افغانستان ۾ واپس اچن، سي آءِ اي جي ڌماچوڪڙي جڙي رهي ۽ کيل هلندو رهي. 1996 کان وٺي 2001 تائين جي اقتدار افغانستان ۾ جڏهن انهن وچولي دور جي ضابطن کي لاڳو ڪيو، تڏهن طالبان جا پنهنجي پراڻي دور ۽ اوائلي طريقي تي واپس ورڻ جا حقيقي خدشا جڙي آيا هئا ۽ ظاهر هو ته طالبان واپس ايندا، ان ڪري ته آمريڪي آشيرواد هنن جي مٿان ڪجھ ججها ٿي پيا هئا ۽ هنن تي جيڪا سختي نائن اليون کانپوءِ هئي سا مڙئي ڪجھ جهڪي هئي، جو وليم برنر پاڻ طالبان جي ڳالهين ۾ لهي آيو هو ۽ پاڪستان سرڪار به ٻاجھ واري نظر ڏيکاري هئي. جڏهن ته ڪيترن ئي طريقن سان نئون طالبان گهڻو ڪري پراڻن طالبان وانگر آهي، اهي ئي فرسودگيون، پراڻيون سوچون، اها ئي طرز ۽ اهي ئي طريقا جيڪي 20 سال پهرين هنن جي حڪومت ۾ رائج هئا سي هاڻي به اٿن، پر ڪجھ افغاني علائقن ۾ طالبان جا گروھ اعتدال پسند پڻ ڏيکاريا ويا هئا يا انهن ڪجھ علائقن ۾ طالبان سان حڪمرانن به ڪا ناانصافي ڪئي هئي ۽ هاڻي اهي ئي طالبان انهن اڳوڻن حڪمرانن سان اهي ئي ناانصافيون ڪندا ٿا وتن. انهن سڀني ڳالهين مهاڙين ۾ عورتن جي حقن ۽ ٻين بنيادي انساني حقن جو تحفظ به شامل آهي، جيڪي حَق طالبان پورا ڪرڻ ۾ مڪمل ناڪام ويا آهن. مثال طور: طالبان جي سخت گير گروھن اڃان تائين ڇوڪرين جي ثانوي (سيڪنڊري) اسڪولن کي ٻيهر کولڻ جي اجازت ناهي ڏني، جڏهن ته عورتن جي بازارين ۾ گهمڻ ڦرڻ، اڪيلي سر بازار ۾ وڃڻ جي آزادي تي به پابنديون برقرار آهن.

ان کان علاوه حڪومت ۾ حصو وٺڻ لاءِ طالبان گروھ انهن عناصرن کي به اجازت ناهي ڏني هئي، جيڪي نظرياتي طور تي انهن سان اختلاف رکندا هئا، پر ملڪ گهڻو ڪري طالبان جي اندروني دائري اختيار تي هلي رهيو هو، پر عالمي برادريءَ جي لاءِ سڀ کان وڌيڪ اهم مسئلو ملڪ ۾ غير ملڪي ويڙهاڪن جي موجودگي آهي، جن ۾ خود ساخته اسلامڪ اسٽيٽ گروھ ۽ ڪجھ پابندي مڙهيل تحريڪ طالبان جا گروھ به شامل آهن. ان کان علاوه القائده جي سربراھ ايمن الظواهري جي مارجي وڃڻ کانپوءِ هڪ طالباني جماعتي امير ڪابل جي مضافات ۾ هڪ آمريڪي ڊرون حملي ۾ دنيا کي اهو يقين ڏياريو هو ته طالبان دهشتگردن سان وڙهڻ جي عزم بابت سنجيده هئا ته اهي پنهنجن طالبان دهشت گروهن سان وڙهندا. انهن پيچيده خيالن جي باوجود حقيقت اها به آهي ته طالبان دنيا جي لاءِ ۽ خاص طور تي مغربي دنيا جي لاءِ هڪ ناپسنديده حقيقت پڻ آهن، پر بين الاقوامي برادريءَ پاڻ کي طالبان کان پري نٿا ڪري سگهن.

طالبان جي ڪابل تي پهرين ڪنٽرول کي ٻه ڏهاڪا ۽ هاڻوڪي ضابطي کي ٻه سال کن گذري ويا آهن، پر افغانستان جون حالتون اڃان ساڳيون آهن، حالانڪه افغانستان جي قدامت پسند اسلامي حڪومت کي آمريڪي فوجن پاران نائين اليون واري واقعي کانپوءِ ختم ڪيو ويو هو. جيتوڻيڪ پنهنجن واعدن ۽ مغربي طاقتن سان ڪيل ڳالهين سبب طالبان ڪجھ اعتدال جي واعدي سان پنهنجي پراڻي رستي تان هٽي نئين حڪمت عملي تي هلي سگهن ٿا، پر بدقسمتيءَ سان طالبان جي حڪومت مڪمل طور تي پنهنجي پراڻي روش ڏانهن موٽي آئي آهي. جڏهن ته افغانستان ۾ طالباني جنگ ختم ٿي چڪي آهي ۽ اتي نسبتن امن آهي، پر افغانستان پوءِ به هڪ وڏي پسماندگيءَ جي شاهدي ڏئي رهيو آهي، ڇاڪاڻ ته اتي بنيادي انساني حقن کي سختيءَ سان ننديو ۽ ختم ڪيو ويو آهي. تنهن هوندي به بين الاقوامي برادري شايد طالبان انتظاميا سان پاڻ کي ڳنڍي رهي آهي، پر انهن کي باضابطا طور تي تسليم ڪرڻ جي ڪا نشاني ناهي. عورتن ۽ ٻين انساني حقن جي حوالي سان انهن جي سخت گير قوتن جي هٿان پروان چڙهندڙ طالبان جي پنهنجي مداخلت ۽ انهن جي ڪيل واعدن جي مسلسل خلاف ورزي توڻي جو عالمي برادريءَ طرفان باضابطا مڃتا جي راھ ۾ رڪاوٽ بڻيل آهي. انهن ملڪن لاءِ به سخت ڳڻتي آهي، جيڪي طالبان جي لاءِ وڌيڪ نرمي واري روش جي حق ۾ هئا. اهڙيءَ طرح ٻه سال گذرڻ کانپوءِ به افغانستان مسلسل بين الاقوامي اڪيلائي کي منهن ڏئي رهيو آهي، ڇو ته طالبان جيڪي مذهبي قانون جي سخت تشريح جا حامي آهن، اهي پنهنجن واعدن کان پوئتي هٽي ويا آهن، جيڪي عورتن جي تعليم ۽ سرڪاري آفيسن ۾ عورتن جي حوالي سان پنهنجي موقف کي اعتدال پسند ڪرڻ وارا هئا.

ان کان علاوه طالبان اهلڪارن عورتن کي ٽيڪسين ۾ سفر ڪرڻ تي به پابندي لڳائي ڇڏي آهي، جيستائين خاندان جو ڪو مرد 70 ڪلو ميٽرن کان وڌيڪ فاصلي تائين انهن سان گڏ نه هجي. اهڙيون ڪارروايون نائن اليون کان اڳ طالبان جي ملا عمر جي حڪومت پاران ٺاهيل ۽ نافذ ڪيل سخت قاعدا ياد ڏيارين ٿيون. پاڻ کي بين الاقوامي دٻاءُ هيٺ آڻيندي طالبان اڳ ۾ اعلان ڪيو هو ته هو ڇوڪرين لاءِ هاءِ اسڪول ٻيهر کوليندا، پر هنن پنهنجي ئي فيصلي کي جلد ئي رد ڪري ڇڏيو، جنهن 10 لک ڇوڪرين جي خوابن ۽ اميدن کي ٽوڙي ڇڏيو، جيڪي پنهنجي پڙهائي ڏانهن موٽڻ بابت پرجوش هيون. طالبان جي تعليمي اختيارين پاران سندن عمل لاءِ اهو دليل ڏنو ويو هو ته اسڪولن کي ٻيهر کولڻ لاءِ اسلامي اصولن تي ٻڌل هڪ منصوبو تيار ڪيو ويندو ۽ تيستائين ڇوڪريون انهن اسڪولن ۾ داخل نه ٿي سگهنديون، پر طالبان ان ڳالھ تي زور ڏين ٿا ته مسلمان عورتن کي محدود تعليم ملي، توڻي جو ڪو به ٽائيم فريم ناهي ته اهي اسڪول ڪڏهن ٻيهر کلي ويندا.

واضح آهي ته ڇوڪرين جا هاءِ اسڪول ٻيهر نه کولڻ جي فيصلي واري ڳالھ مان ظاهر ٿو ٿئي ته سخت گير ڌريون انتظاميا کي دٻايو ويٺيون آهن، اهي انتظاميا کي ڪند ذهن ٿا سڏين، ان ڪري طالبان انتظاميا کي پوري طرح ڪنٽرول ڪيو ويٺا آهن، جيڪو قدم ڪائونسل جي اجلاس کانپوءِ سامهون آيو. ان دوران انهن جي قدامت پسند رٽ کي وڌيڪ ڊيگهارو ڪيو، ان مسلسل ڇڪتاڻ ۾ حڪومت ملڪ ۾ ميڊيا تي پابنديون پڻ لاڳو ڪيون ۽ پرامن احتجاج کي ختم ڪري ڇڏيو. اهڙيون حرڪتون فقط هڪ ڳالھ واضح ڪن ٿيون، جنهن ۾ طالبان چاهين ٿا ته سندن غير جانبدار نظريو بين الاقوامي ڌرين تي غالب رهي ۽ ائين ڪرڻ لاءِ انهن ۾ موجود شدت پسندن کي طالبان جو طبقو وڌيڪ اعتدال پسند عناصرن کي وڌيڪ پاسيرو ڪرڻ ۾ ڪامياب وڃي. اهڙو رويو يقينن افغانستان کي عذاب جو نشانو بڻائيندو، جيڪو اڳ ۾ ئي ڪيترن ئي معاشي، سماجي ۽ سياسي چئلينجن جي گهيري ۾ آهي. طالبان جي صفن ۾ اهو احساس گهٽ نظر اچي رهيو آهي ته ملڪ جا مسئلا ڪاميابيءَ سان حل ٿي سگهن، جڏهن ته افغانستان باقي دنيا کان اڪيلو رهجي ويو آهي، جڏهن ته دنيا هڪ رجعت پسند حڪومت کي قبول ڪرڻ لاءِ تيار ناهي، پر اهڙي رجعت پسندي بنيادي انساني حقن ۽ عورتن جي برابريءَ جي حقن کي روڪي ٿي. بين الاقوامي برادري جي ڪجھ انساني امداد جي باوجود جنهن افغانستان ۾ گذريل سياري جي مصيبت کي گهٽائڻ ۾ مدد ڪئي ۽ افغانستان بحران ختم ٿيڻ کان ڪجھ بچيل رهيو، پر هاڻي بين الاقوامي اڪيلائپ وڌڻ سان افغانين جي حالت خراب ٿيندي. انساني حقن جي اهڙي گهٽ اهميت سان جنهن ۾ طالبان جي يوٽرن کي يقيني بڻائڻ تي ڇوڪرين کي تعليم حاصل ڪرڻ ڊونرز جو هڪ اهم شرط آهي. جيڪڏهن افغانستان کي غير ملڪي امداد لاءِ تسليم ڪرڻ آهي ته اهو ممڪن ناهي ته ڊونرز اڳتي اچن، توڻي جو افغان حڪومت ڪروڙين ڊالرن جي پرڏيهي امداد ٻين ڪمن جي لاءِ خرچ ڪري سگهي ٿي، پر عورتن جي تعليم جي لاءِ هڪ ڊالر به نه.

افغانستان ۾ استحڪام ۽ علائقائي سلامتي کي يقيني بڻائڻ لاءِ پرڏيهي رياستن کي مستقبل جي لاءِ طالبان سان گڏجي ڪم ڪرڻو پوندو. انهيءَ سان گڏ مغربي رياستن جي لاءِ طالباني گروهن تي اهڙن مطالبن جي لاءِ زور ڏيڻ هڪ غير منصفاڻو رويو هوندو، پر ساڳي جاءِ تي هڪ سخت گير قبائلي تنظيمن کان افغانستان کي مغربي طرز جي لبرل جمهوريت ۾ تبديل ڪرڻ جي اميد رکڻ به هڪ تصوراتي ڳالھ هوندي، جيڪا ممڪن ناهي. حقيقت ۾ طالبان کي ڀت سان لڳائڻ انهن کي اڃان به وڌيڪ انتها پسند تنظيمن سان گڏائي سگھي ٿو، تنهنڪري اڳتي وڌڻ جو رستو عملي ۽ لبرل هجڻ گهرجي. بين الاقوامي برادريءَ کي اصرار ڪرڻ گهرجي ته طالبان ڇوڪرين جي تعليم جو حق، عورتن جا آفيسن ۾ ڪم ڪرڻ جا حق، بازارين ۾ آزاد گهمڻ ۽ حرڪت ڪرڻ جا حق بحال ڪن، پر طالبان کي انهن ڳالهين تي عملي طور ڪم ڪرڻ گهرجي ۽ جيڪي به انساني حقن جو ڳالهيون آهن انهن جي لاءِ عملي قدم کڻڻ گهرجي، پر حقيقت اها به آهي ته افغانستان ۾ پرڏيهي ويڙهاڪن لاءِ به ڪا گنجائش نٿي ٿي سگهي، جڏهن ته طالبان کي گهرجي ته روايتي طريقن جهڙوڪ: گرانڊ جرڳن کي چالو ڪن، جن ۾ ملڪ جي وڌيڪ گروهن ۽ قبيلن کي شامل ڪيو وڃي ۽ آخر ۾ حقيقي جمهوري حڪومت ڏانهن به وڌڻ گهرجي، جنهن ۾ انساني آزادي شامل آهي ۽ ماڻهن جا بنيادي حق به بحال ڪيا وڃن. ان ڪري افغانستان جي تباهي کي روڪڻ ۽ ان طرح جي انتشار ۾ دنيا کي طالبان سان ڳالهيون ڪرڻ گهرجن ته جيئن افغانستان حڪمومت ۽ عالمي برادري وچين رستي تي متفق ٿي سگهن.