افغان طالبان جڏهن ڪابل ۾ ڦرلٽ ڪئي، جڏهن مغربي حمايت يافته طالبان تاش جي پتن وانگر ورهائجي ويا تڏهن غير ملڪي مددگارن افغانستان جي 20 سالن جي حڪومت هٿن مان آسانيءَ سان ڪڍي ڇڏي. مغرب سميت سڀئي غير اسلامي ملڪ ان ڳالھ تي راضي هئا ته ڀلي طالبان افغانستان ۾ واپس اچن، سي آءِ اي جي ڌماچوڪڙي جڙي رهي ۽ کيل هلندو رهي. 1996 کان وٺي 2001 تائين جي اقتدار افغانستان ۾ جڏهن انهن وچولي دور جي ضابطن کي لاڳو ڪيو، تڏهن طالبان جا پنهنجي پراڻي دور ۽ اوائلي طريقي تي واپس ورڻ جا حقيقي خدشا جڙي آيا هئا ۽ ظاهر هو ته طالبان واپس ايندا، ان ڪري ته آمريڪي آشيرواد هنن جي مٿان ڪجھ ججها ٿي پيا هئا ۽ هنن تي جيڪا سختي نائن اليون کانپوءِ هئي سا مڙئي ڪجھ جهڪي هئي، جو وليم برنر پاڻ طالبان جي ڳالهين ۾ لهي آيو هو ۽ پاڪستان سرڪار به ٻاجھ واري نظر ڏيکاري هئي. جڏهن ته ڪيترن ئي طريقن سان نئون طالبان گهڻو ڪري پراڻن طالبان وانگر آهي، اهي ئي فرسودگيون، پراڻيون سوچون، اها ئي طرز ۽ اهي ئي طريقا جيڪي 20 سال پهرين هنن جي حڪومت ۾ رائج هئا سي هاڻي به اٿن، پر ڪجھ افغاني علائقن ۾ طالبان جا گروھ اعتدال پسند پڻ ڏيکاريا ويا هئا يا انهن ڪجھ علائقن ۾ طالبان سان حڪمرانن به ڪا ناانصافي ڪئي هئي ۽ هاڻي اهي ئي طالبان انهن اڳوڻن حڪمرانن سان اهي ئي ناانصافيون ڪندا ٿا وتن. انهن سڀني ڳالهين مهاڙين ۾ عورتن جي حقن ۽ ٻين بنيادي انساني حقن جو تحفظ به شامل آهي، جيڪي حَق طالبان پورا ڪرڻ ۾ مڪمل ناڪام ويا آهن. مثال طور: طالبان جي سخت گير گروھن اڃان تائين ڇوڪرين جي ثانوي (سيڪنڊري) اسڪولن کي ٻيهر کولڻ جي اجازت ناهي ڏني، جڏهن ته عورتن جي بازارين ۾ گهمڻ ڦرڻ، اڪيلي سر بازار ۾ وڃڻ جي آزادي تي به پابنديون برقرار آهن.