ايڊيٽوريلنئون

ملڪ جي ماڻهن جا بنيادي حق

            سياسي پارٽيون پنهنجي منشور ۾ ملڪ جي ماڻهن جي بنيادي حقن جي ڳالهه ڪنديون رهيون آهن. انهن کي اهي حق ملن، انهن لاءِ شايد جيتري سنجيدگي جي ضرورت آهي اوتري نظر نه ايندي آهي، نتيجي ۾ ماڻهن جون بنيادي ضرورتون جيڪي انهن جو حق آهن انهن کي نٿيون ملن. وفاق کان وٺي صوبن تائين تعليم ۽ صحت جي شعبن ۾ ته اوتريون سهولتون موجود نه آهن، جيترين سهولتن جي ڳالهه وفاقي ۽ صوبائي سرڪارون ڪنديون ٿيون رهن ۽ اهي بنيادي حق ۽ ضرورتون ماڻهن جي بنيادي گهرج آهن. ساڳي حالت قانون ۽ انتظام جي آهي. انتظامي ابتري به چوڌاري نظر اچي ٿي ۽ قانون جو نفاذ به جهڙوڪر آهي ئي ڪونه. ملڪ جي آبادي 24 ڪروڙ کان مٿي آهي انهيءَ مان 64 سيڪڙو آبادي زرعي شعبي سان لاڳاپيل آهي جيڪا ٻهراڙين ۾ رهي ٿي.

            اسان جي ارباب اختيار ڪڏهن اهو سوچيو آهي ته اسان جي ڳوٺن ۾ زراعت سان لاڳاپيل ماڻهن جي آمدني ڪيتري آهي ۽ سرڪار ان آمدني ۾ ڪيتري واڌ ڪري سگهي ٿي، اها واڌ زرعي پيداوار ۾ اضافي سان ئي ممڪن آهي. تڏهن اسان جون زراعت سان لاڳاپيل وزارتون، زراعت سان لاڳاپيل ادارا ڀاڻ ۽ ٻج پهچائڻ وارو نظام آبادگار جي وقتائتي مدد ڪري سگهيا آهن؟ اسان جي زرعي شعبي کي جيڪو اسان جي کاڌ خوراڪ جي ضرورت پوري ڪري رهيو آهي انهيءَ کي سنڀالڻ جي ضرورت آهي. ڇاڪاڻ جو زراعت جي شعبي جي ڪري ملڪ جي گهڻو ڪري آبادي جو روزگار ۽ سڄي ملڪ جي کاڌ خوراڪ جي ضرورت پوري ٿئي ٿي. ملڪ جي عام ماڻهو جو خيال جيڪڏهن سياسي اڳواڻ رکن ٿا ته اسين انهيءَ کي سٺي ڳالهه سمجهون ٿا. صحت جي شعبي ۾ پاڪستان پيپلز پارٽي جي سنڌ صوبي جي سرڪار بهتر ڪم ڪيو آهي. ڇاڪاڻ جو صوبي ۾ صحت جي شعبي ۾ ڪجهه اهم ادارا ڪم ڪري رهيا آهن، جن جي بنياد ۽ انتظام ۾ پيپلز پارٽي جو عوام دوست رويو ظاهر ٿيو آهي. اسان وٽ ميڊيڪل يونيورسٽيون ۽ ڪاليج آهن صحت جي شعبي ۾ تعليم ڏيڻ واري عمل ۾ انهن جي ناماچاري آهي. انهيءَ حقيقت جي باوجود ته سڄي ملڪ ۾ سرڪاري ادارا ڪم ڪرڻ لاءِ تيار نه آهن. اسان وٽ صحت جي شعبي ۾ ڪم ٿي رهيو آهي. اسپتالن جو وسيع سلسلو آهي جيڪو صوبي جي ڳوٺن تائين ڦهليل آهي. ٽن اهم ادارن صحت جي شعبي ۾ گهڻو نالو ڪمايو آهي اهي آهن ايس آءِ يو ٽي، نيشنل انسٽيٽيوٽ آف ڪارڊيو ويسڪيولر ڊزيزز(NICVD)  ۽ گمبٽ انسٽيٽيوٽ آف ميڊيڪل سائنسز ۽ تعليم جي شعبي ۾ به صوبي ۾ اسڪولن جو سلسلو ڳوٺن تائين ڦهليل آهي. ڪاليج ۽ يونيورسٽيون تعليم جي شعبي ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪري رهيون آهن ۽ ڇوڪرين جي تعليم سنڌ صوبي ۾ ڇوڪرن جي تعليم جيتري اهم سمجهي وڃي ٿي. صنعتي شعبو اسان وٽ ايترو عروج نه ماڻي سگهيو آهي جيترو موجود جديد دور ۾ انهيءَ کي ماڻڻ گهرجي. صنعتي شعبو نه صرف ماڻهن جون بنيادي ضرورتون پوري ڪري ٿو، سيڙپڪار جي انهيءَ ۾ دلچسپي آهي ۽ روزگار جو مسئلو خوش اسلوبي سان حل ٿي سگهي ٿو. ڪنهن به سماج ۾ روزگار ماڻهو جي بنيادي ضرورت آهي. انهيءَ ڪري سنڌ سرڪار کي صنعتي شعبي جي ترقي ۾ ڪردار ادا ڪرڻ گهرجي ۽ انهيءَ شعبي ۾ سيڙپ جي آجيان ڪرڻ گهرجي. اها ڳالهه اسين پاڪستان پيپلز پارٽي جي چيئرين بلاول ڀٽو زرداري صاحب جي رتيديري ۾ ڪيل خطاب جي سلسلي ۾ ڪري رهيا آهيون. هتي پاڻ واٽر سپلاءِ اسڪيم جي افتتاح دوران سڌ سماءَ جي ذريعن سان ڳالهائيندي چيو ته پاڻي هر ڪنهن جو حق آهي، اسان جي اها ذميواري آهي ته اسين ماڻهن جي اها بنيادي ضرورت پوري ڪندا رهون. هن اهو به چيو ته پاڪستان پيپلز پارٽي لوڪل، صوبائي ۽ بين الاقوامي اشوز کي ھميشه سنجيدگي سان ورتو آھي. هن ان ڳالهه جو اقرار ڪيو ته پاڪستان جو عوام معاشي صورتحال کان پريشان آھي، عوام پنھنجي سياسي اڳواڻن ۽ نمائندن ڏانھن نھاري رهيو آهي. هن اها ڳالهه ڪئي ته سياسي رهنما پنهنجي انا ۽ ذاتيات کي ڇڏي ملڪ جا جيڪي اهم مسئلا آهن انهن تي ڌيان ڏين. ڇاڪاڻ جو سڀ گڏباسين ته انهن مسئلن سان مقابلو ڪري سگهنداسين.

            ملڪ جي اهم سياسي جماعت پاڪستان پيپلز پارٽي جي چيئرمين پنهنجي اباڻي تڪ ۾ عوام جي بنيادي حقن جي ڳالهه ڪئي آهي ۽ ان خواهش جو اظهار ڪيو آهي ته سڀ سياسي اڳواڻ گڏجي ماڻهن جا بنيادي مسئلا حل ڪرڻ طرف قدم وڌائين. سياست ۾ اها هاڪاري سوچ آهي ۽ ماڻهن جي بنيادي حقن ۽ ضرورتن جو خيال جيڪڏهن چونڊيل نمائندا ڪندا ته انهيءَ سياسي عمل جي نتيجي ۾ بهتر راهه نڪري سگهي ٿي.