پاڪستانخاصنئوننيو‍‍ز

برگيڊيئر رٽائرڊ اعجاز شاهه وفاقي داخلا وارو وزير مقرر

گذريل ڏينهن وزير اعظم عمران خان پاران ڪابينا ۾ رد و بدل ڪندي 5 وزيرن جا قلمدان تبديل ڪري ڇڏيا. جنهن بعد اڄ صبح جو رٽائرڊ برگيڊيئر اعجاز شاهه وفاقي داخلا واري وزارت جو عهدو سنڀالي ورتو آهي. واضح رهي ته پي ٽي آءِ حڪومت ۾ شروع کان ئي ڪو به وزير داخلا نه هو ۽ وزير اعظم عمران خان اهو قلمدان پاڻ وٽ ئي رکيو هو. جڏهن  ته شهريار آفريدي کي مملڪتي وزير داخلا جو عهدو مليل هو. ان ڪري اعجاز شاهه ئي پهريون وزير داخلا آهي. ڪابينا ۾ اعجاز شاهه کي آڻڻ تي پيپلز پارٽي پاران تنقيد ڪئي وئي آهي. ڇاڪاڻ ته بينظير ڀٽو  پنهنجي هڪ خط ۾ لکيو هو ته جيڪڏهن هُن کي قتل ڪيو وڃي ته اعجاز شاهه خلاف تحقيقات ڪرائي وڃي. اعجاز شاهه آءِ ايس آءِ ۽ آءِ بي ۾ ڪم ڪري چڪو آهي ۽ هو پرويز مشرف جي ويجهن ساٿين ۾ شمار ڪيو ويندو آهي.