ايڊيٽوريل

سپريم ڪورٽ اظهار آزادي جي حق کي روڪڻ تي ناراض

هن وقت جڏهن ايف آئي اي طرفان يوٽيوبر صحافين تي ڪيس داخل ڪيا ويا آهن. جواز اهو ٿو ٻڌايو وڃي ته انهن پنهنجون صحافتي ذميواريون پوريون نه ڪيون آهن. انهن جي ويلاگن ۾ الزام تراشي، غلط خبرون ڏيڻ جو ذڪر پڻ آهي.
هن وقت ٻه صحافي ايف آئي اي جي حراست ۾ آهن. انهيءَ ڪيس جي ٻڌڻي دوران چيف جسٽس آف پاڪستان جسٽس قاضي فائز عيسيٰ ايف آئي اي تي ۽ آئي جي پوليس اسلام آباد تي ڪاوڙ جو اظهار ڪيو آهي. سندس چوڻ هو ته هتي صحافين کي گوليون لڳيون، صحافي اغوا ٿي ويا. انهن واقعن کي چئن سالن کان مٿي عرصو گذري ويو آهي، پر اڃا تائين اهڙا واقعا ڪرڻ وارن کي قانون جي ڪٽهڙي ۾ نه آندو ويو آهي، پر جيڪڏهن صحافي ڀلي يوٽيوب تي پنهنجو ويلاگ رکي ٿو ته ان جي مٿان اهي قلم به لڳايا ٿا وڃن، جيڪو جرم انهن صحافين ڪيو به نه آهي. چيف جسٽس اهو به چيو ته اوهانجي جي آئي ٽي ۾ آئي ايس آئي جي نمائندگي جي ڪهڙي ضرورت آهي. آئي ايس آئي ته هڪ انٽيليجنس ايجنسي آهي، پوءِ انهيءَ جو قانون نافذ ڪرڻ وارن ادارن ۾ تفتيش ڪرڻ ۾ ڪهڙو عمل دخل ٿئي ٿو. واضح ڪريو ته هي ڪيس انهيءَ صحافي تي ايف آئي اي طرفان داخل ڪيو ويو، جنهن پنهنجون صحافتي حدون اورانگهي صحافتي اخلاقيات کان هٽي چيف جسٽس آف پاڪستان کي ذاتي طور تي نشانو بڻايو. ان جي لاءِ اخلاق کان ڪريل لفظ استعمال ڪيا ۽ ان بابت ڪوڙين خبرن جي پروپيگنڊه پڻ ڪئي. اهڙي صحافت کي ان صحافي طرفان اظهارِ آزادي جو حق قرار ڏنو ويو، پر ان صحافي اهو نه ٻڌايو ته اظهارِ آزادي اخلاقيات کان هٽي ڪري هڪ ڇڙواڳي هوندي آهي. جنهن جو ان صحافي ڀرپور مظاهرو ڪيو هو. هن وقت جڏهن ميڊيا جو هڪ نئون روپ سوشل ميڊيا جي ذريعي ظاهر ٿيو آهي ۽ اسان وٽ سوشل ميڊيا جو جهڙي نموني سان غلط استعمال ٿي رهيو آهي. ان جي لاءِ قانونسازي ٿيڻ ضروري آهي. الزام تراشي، اخلاق کان ڪريل زبان، ڪوڙي پروپيگنڊه صرف انهيءَ ڪري ته اهڙي سماجي مهم کي تمام گهڻي پذيرائي ٿي ملي. الزام تراشي ڪرڻ وارا، تهمتون هڻڻ وارا صحافي ڏينهن ۾ مشهور ٿي وڃن ٿا ۽ يوٽيوب جي ذريعي پنهنجي ڪمائي ڪن ٿا، کين انهي ڳالهه سان ڪوبه واسطو نه آهي ته سندن زبان، سندن الزام ۽ سندن ڪوڙين خبرن جي ڪري معاشري جي اندر جيڪو انتشار ۽ نفرت پيدا ٿئي ٿي ۽ جهڙي زبان انهن صحافين جي ذريعي نوجوان سکي رهيا آهن، اهو ڪنهن به صورت ۾ صحافت جي لاءِ مناسب نه آهي. انهيءَ کي هو اظهارِ آزادي نه ڪوٺين ته وڌيڪ بهتر ٿيندو.
وري به جس آهي چيف جسٽس کي جنهن پنهنجي ذات کي هڪ پاسي رکي ايف آئي اي ۽ پوليس تي ناراضگي جو اظهار ڪيو آهي، ائين به چيو آهي ته اهڙي آئي جي کي اوهان اسلام آباد پوليس مان هٽايو ڇو نه ٿا. اسين سمجهون ٿا ته ڪنهن به صحافي جي قلم کي، زبان کي، نه روڪيو وڃي ڇو ته اهي صحافي ئي آهن، جن جي ذريعي ملڪي پاليسي جي خبر عوام الناس کي پوي ٿي، پر هن وقت ڪجهه صحافي اهڙا به آهن جيڪي پنهنجي صحافتي ذميوارين کي صرف شهرت ۽ پئسي جي لاءِ استعمال ڪري رهيا آهن، پوري دنيا ۾ قانون ٺهيل آهن، ته توهان ڪنهن به ماڻهو تي ڪوڙو الزام نه ٿا لڳائي سگهو. جيڪڏهن ڪنهن ائين ڪيو ته انهي تي هتڪ عزت جو قانون لڳي وڃي ٿو. جنهن ۾ ان صحافي کي ڏنڊ، معافي ۽ ڪڏهن ڪڏهن قيد جي سزا پڻ ڏني وڃي ٿي. اسين به چاهيون ٿا ته اسان وٽ به اهڙي قسم جو قانون ٺاهيو وڃي، جنهن ۾ ڪنهن به ماڻهو جي مٿان جيڪڏهن ڪو غلط الزام لڳائي ان جي شهرت کي نقصان پهچائي ٿو ته اهو قانون حرڪت ۾ اچي. آفيسر پنهنجي مرضي جا فيصلا ڪرڻ جي لاءِ پسند ۽ ناپسند جي بنياد تي ڪجهه صحافين کي قابو ڪن ۽ ڪجهه صحافين کي ڇڙواڳ ڇڏين. سپريم ڪورٽ جي چيف جسٽس مان اها اميد آهي ته هو اظهارِ آزادي جي حق کي نه روڪيندو، پر صحافت جي آڙ ۾ جيڪي شخص ناجائزيون ڪن ٿا. انهن کي قانون جي ڪٽهڙي ۾ ضرور آڻيندو.