تحريڪ انصاف پرتشدد احتجاج ختم ڪرڻ جو اعلان ڪري ڪيسن کي منهن ڏئي: بلاول ڀٽو
پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته تحريڪ انصاف پرتشدد احتجاج ختم ڪرڻ جو اعلان ڪري ڪيسن کي منهن ڏئي، پي ٽي آءِ تي پابنديءَ جا مخالف آهيون، پر پابندي آخري آپشن طور موجود ضرور آهي. ڪراچي ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي بلاول ڀٽو زرداري چيو ته پي ٽي آءِ تي پابندي لاءِ مڪمل طور قانوني طريقو اختيار ڪرڻو پوندو، ڪوشش آهي ته اهڙو نتيجو ڪڍيو وڃي جو ملڪ ۾ استحڪام اچي. پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري چيو ته اهو فيصلو پي ٽي آءِ کي ڪرڻو پوندو ته ڇا اها سياسي جماعت طور ڪم ڪرڻ چاهي ٿي يا رياست خلاف هٿياربند ويڙهه ڪرڻ گهري ٿي. جي ايڇ ڪيو تي طالبان کانپوءِ پي ٽي آءِ حملو ڪيو. تحريڪ انصاف کي پرتشدد ڪارروائيون ڇڏي ڪيسن کي منهن ڏيڻ گهرجي. هن جو چوڻ هو ته بلوچستان ۾ جناح جي گهر تي بي ايل اي ۽ لاهور ۾ جناح هائوس تي پي ٽي آءِ حملو ڪيو، پي ٽي آءِ هر ريڊ لائين ڪراس ڪري ڇڏي آهي، سياسي ڌرين کي جمهوريت جي دائري ۾ رهي ڪم ڪرڻو پوندو.

