ملڪ جي مختلف حصن ۾ برسات جي اڳڪٿي، ڌنڌ ختم ٿيڻ جي اميد
موسميات کاتي ايندڙ ٻن يا ٽن ڏينهن ۾ برسات جي اڳڪٿي ڪئي آهي. رپورٽ مطابق ايندڙ ڏينهن ۾ برساتن جو سلسلو شروع ٿي ويندو جيڪو چئني صوبن ۾ پکڙجي ويندو. سومر کان اڱاري تائين پنجاب ۽ ڪي پي ڪي، جي مختلف علائقن ۾ مينهن پوڻ جي اڳڪٿي ڪئي وئي آهي. هن وقت ڌنڌ پنجاب جي ڪيترن ئي شهرن ۾ پکڙيل آهي، جنهن سبب ڪيترائي حادثا به ٿي رهيا آهن. جڏهن ته پنجاب حڪومت اسڪولن جي ٽائيم کي اڳتي ڪيو آهي جيئن اهي صبح سوير نه کلي سگهن.

