شروعات: بنگال- ڄائو معاشيات ۾ نوبل انعام يافته ۽ فلاسافر امرتياسين مطابق جمهوريت هڪ عالمي قدر (Value) آهي. قوميت، نسل، مذهب، ثقافت، ٻولي ۽ جنس جي مت ڀيد کان جمهوريت مٿانهين حيثيت رکي ٿي. اڄ کان 2,600 سال اڳ شهري رياست ايٿينس ۾ هڪ سياستدان ۽ قانونساز ڪليسٿينس(Cleisthenes) 570-508 (ق.م) جمهوريت جو تصور ڏنو. جمهوريت(Democracy) جو اصل لفظ يوناني ٻولي ڊيموڪريٽيا (Demokratia) مان نڪتل آهي، جنهن ۾Demos-Kratos (ڊيموس معنى عوام ۽ ڪريٽوس معنى حڪومت ڪرڻ) مان ورتل آهي. ڪليسٿينس کي جمهوريت جي ابي طور سڃاتو وڃي ٿو. جيتوڻيڪ ساڳئي ئي شهري رياست ايٿينس ۾ اٽڪل 100 سالن کانپوءِ جڳ مشهور فلاسافر افلاطون (427-348 ق.م) جمهوريت جي سخت مخالفت ڪئي ۽ هن جمهوريت کي جاهلن جي حڪومت سڏيو.
سن 1900 ۾ دنيا ۾ ڪٿي به جمهوريت نه هئي، پر اڄ انگلينڊ جي نامياري رسالي، دي ايڪنامسٽ(The Economist) جمهوريت جي انڊيڪس 2023 ۾ 167 ملڪن جي سروي مطابق 1. مڪمل جمهوريتون 24 ملڪن ۾ (آبادي 7.8 سيڪڙو) ڪم ڪن ٿيون، دلچسپ ڳالھ اها آهي ته هنن ملڪن ۾ آمريڪا شامل نه آهي. 2. ناقص جمهوريتون 50 ملڪن ۾ (37.6 سيڪڙو). 3. هائبرڊ حڪومتون (هائبرڊ ريجيم هڪ اهڙو حڪومتي نظام آهي، جيڪو جمهوريت ۽ آمريت جي وچ ۾ هوندو آهي) 34 ملڪن ۾ (آبادي 15.2 سيڪڙو). 4. آمرانه حڪومتون 59 ملڪن ۾ (آبادي 39.4 سيڪڙو) ڪم ڪن ٿيون. جيڪڏهن مڪمل جمهوري ۽ ناقص جمهوري ملڪن کي ملائجي ٿو ته اندازن 45.4 سيڪڙو آبادي جمهوري نظام ۾ رهي ٿي.
جمهوريت ۾ به ڪافي نقص آهن ۽ ان تي تنقيد ٿيندي رهي ٿي، (جيڪو اڳتي هلي تفصيل سان ٻڌايو ويو آهي). ان لاءِ ڪنهن يورپي ڏاهي چيو آهي ته: جمهوريت جي بيمارين جو علاج به جمهوريت سان ئي ڪري سگهجي ٿو.
جمهوريت جي فلاسافي- سماجي معاهدو: جيتوڻيڪ جمهوريت يونان ۾ 2,600 سال اڳ تخليق ڪئي وئي، پر 17 هين ۽ 18 هين صديءَ ۾ سماجي معاهدي جي نظريي ان کي سياسي فلاسافي جو بنياد مهيا ڪيو، جنهن مطابق سڀ انسان برابر آهن، سڀني انسانن کي قدرتي حق حاصل آهن ۽ سڀني انسانن کي پنهنجي مرضيءَ جي زندگي گذارڻ جو اختيار آهي. برطانيه جي فلاسافر جان لاڪ (1632- 1704) جي سماجي معاهدي تحت زندگي، آزادي ۽ ملڪيت(Life, Liberty and Property) جو تصور ڏنو. اڳتي هلي آمريڪا جي آزادي جي پڌرنامي (1776) ۾ زندگي، آزادي ۽ پنهنجي خوشي حاصل ڪرڻ جي جستجو ڪرڻ جو مرڪزي خيال جو اعلان ڪيو. سماجي معاهدي کان اڳ انسان مختلف حوالن سان ديوتائن، بادشاهن، فرعونن ۽ ڏاڍن جا غلام سمجهيا ويندا هئا، پر سماجي معاهدي جي نظريي کانپوءِ انساني آزادي، انساني وقار ۽ انساني حقن باقي سياسي تصورن کي شڪست ڏني.
آمريڪي 16 هون صدر ابراهام لنڪن (1809-1865) گيٽيزبرگ ۾ 19 نومبر 1863 ۾ پنهنجي جڳ مشهور تقرير ۾ نهايت آسان، خوبصورت ۽ تاريخي لفظن ۾ جمهوري حڪومت کي هيئن بيان ڪيو آهي ته “عوام جي حڪومت، عوام جي ذريعي ۽ عوام لاءِ، ڪڏهن به ڌرتيءَ تان ختم نه ٿيندي”. جمهوريت جو مرڪزي نقطو ۽ محور صرف عوام، عوام جي آزادي، عوام جي حفاظت، عوام جا حق ۽ عوام جي ڀلائي ۽ خوشحالي آهي، جيڪو عوام کي انصاف ۽ قانون جي حڪمراني مهيا ڪري ٿو.
جمهوريت جا قسم: جمهوريت کي 19 هين کان هلندڙ 21 هين صديءَ تائين، ان کي مختلف قسمن ۾ ورهايو ويو. جمهوريت جي (اسم) کان پهريائين صفت (Adjective) لڳائي، ان جي مقصد کي واضح ڪيو وڃي ٿو. مثال؛ سڌي جمهوريت، نمائندگي واري جمهوريت، تناسبي جمهوريت(Proportional democracy) ۽ عوامي جمهوريت وغيره سڏجي ٿي. ملڪن جي نالي سان به جمهوريت کي سڏيو وڃي ٿو، جيئن آمريڪي جمهوريت، برطانوي جمهوريت، هندستاني جمهوريت، روسي جمهوريت ۽ جرمن جمهوريت وغيره جا مثال موجود آهن. سياسي نظريي جي حوالي سان به جمهوريت ۾ فرق رکيو وڃي ٿو، جيئن سرمائيداري جمهوريت، لبرل جمهوريت (فرد جي آزادي)، سيڪيولر جمهوريت، اسلامي جمهوريت، عيسائي جمهوريت ۽ سوشلسٽ جمهوريت اچي وڃن ٿيون.
جيڪڏهن جمهوري ملڪ جو سربراھ صدر آهي ته پوءِ ان کي صدارتي جمهوريت چيو وڃي ٿو، پر جيڪڏهن جمهوري ملڪ جو سربراھ وزيراعظم آهي ته ان کي پارلياماني جمهوريت چيو وڃي ٿو. آسٽريليا جي جين پال گيگنن نالي محقق هڪ وسيع تحقيقي مضمون جمهوريت جون صفتون 2018 ۾ شايع ڪيو، جنهن ۾ هن جمهوريت جون 2,234 صفتن جي فهرست ڏني آهي. جمهوريت جا ايترا قسم آهن جو خود ليکڪ لاءِ به هڪڙو تعجب جو سبب آهن.
جمهوريت جا 16 اصول: ڪيترن ڏاهن، فلاسافرن، سياسي اڳواڻن ۽ سياسي تحقيق ڪندڙن جمهوريت جي فلاسافي، قائدا، قانون ۽ شرط وغيره تي 2,600 سالن تائين اڀياس ڪيو ۽ وقت گذرڻ سان جمهوري نظام ۾ سڌارا آندا. يورپ جي ليکڪ جوناٿن ڊي سڀني جمهوري قانوني قائدن ۽ طريقن جو اڀياس ڪري پنهنجي هڪ مضمون ۾ جمهوريت جا هيٺيان 14 اصول گڏ ڪري پيش ڪيا.
حڪومت ۾ شهرين جي شموليت. 2. شهرين جي بنا ڪنهن مت ڀيد جي (رنگ، نسل، قوميت، جنس، ٻولي ۽ ثقافت وغيره) کان مٿانهون ٿي برابري. 3. حڪومت جو مڪمل احتساب. 4. حڪومتي وهنوار ۾ شفافيت. 5. سياسي برداشت جو ڪلچر. 6. گهڻ پارٽين وارو نظام. 7. حڪومتي طاقت جي استعمال تي ضابطو. 8. شهرين کي معاشي آزادي. 9. انساني حقن جو تحفظ ۽ آئين ۾ شامل ڪرڻ. 10. انساني حقن جو احترام. 11. آزاد ۽ منصفاڻيون چونڊون. 12. آزاد عدالتي نظام. 13. چونڊ نتيجي کي تسليم ڪرڻ. 14. قانون جي حڪمراني. هن مضمون جي ليکڪ ٻه وڌيڪ نقطا جمهوريت جي اصولن ۾ شامل ڪيا آهن، جنهن ۾ 15. حڪومتي طاقت جي آئيني ورڇ (قانونسازي، حڪومتڪاري ۽ عدليه) ۽ 16. اڪثريتي حڪومت ۽ اقليتن جي حقن جي حفاظت. وقت گذرڻ سان گڏ ٻيا اهم نقطا جمهوريت جي اصولن ۾ جهڙوڪ؛ معاشي نابرابريءَ تي ضابطو، عالمي امن ۾ حصيداري ۽ موسمي تبديلي تي ضابطو آڻڻ وغيره به شامل ڪري سگهجن ٿا.
جمهوريت تي تنقيد: جيئن اڳ ۾ ٻڌايو ويو آهي ته جمهوريت ۾ ڪيترائي نقص آهن ۽ ان تي تنقيد ٿيندي رهي ٿي. سياسي عالمن، فلاسافرن ۽ اڳواڻن ان تي سنجيدگيءَ جا سوال اٿاريا آهن. مثال؛ افلاطون مطابق عام ماڻهوءَ کي صحيح ڄاڻ ۽ تجربو ناهي جو هو حڪومتڪاريءَ ۾ حصي وٺڻ جو اهل هجي، تنهنڪري جمهوريت ۾ جاهلن جي حڪومت ٺهي ٿي. مشهوريت سياسي اڳواڻ (Populist Leaders) سونهري نعرن ذريعي ماڻهن کان ووٽ وٺي وري آمرانه سياسي نظام رائج ڪن ٿا. جمهوريت تي اها به تنقيد آهي ته مختلف نظريا عوام جي وچ ۾ ويڇو وڌائين ٿا ۽ ڪن حالتن ۾ تشدد جي سياست کي جنم ڏين ٿا. گذريل ڪيترن سالن جو تجربو ٻڌائي ٿو ته سرمائيدار/ شاهوڪار چونڊن ۾ سيڙپڪاري ڪري پنهنجي سياسي پارٽيءَ کي کٽائي پوءِ حڪومت کان پنهنجي پسند جي ذاتي مفاد لاءِ پاليسيون ٺهرائي عوام کي جائز حقن کان محروم ڪن ٿا. جمهوريت ۾ وڌيڪ اها به تنقيد ٿئي ٿي ته مذهب، ثقافت، ٻولي، قوميت، نسل ۽ ٻين فَرقن(Differences) کي اُڀاري پوري سماج کي ٽوڙي ڇڏين ٿا. فرانس جي 19 هين صديءَ جو فلاسافر ايلڪس ڊي ٽوڪويلي (1805-1859) مطابق جمهوريت ۾ اڪثريت جو راڄ هوندو آهي ۽ اها اڪثريت اقليتن تي پنهنجا ناجائز فيصلا مڙهي انهن کي حقن کان محروم ڪري ٿي. هن وقت مختلف سماجن ۾ جيڪا معاشي نابرابري پيدا ٿي آهي، ان لاءِ لبرل جمهوريت کي ذميوار قرار ڏين ٿا. اهو به ڏٺو ويو آهي ته مختلف قسم جون طاقتور مافيائون جمهوريت جي نالي ۾ حڪومتون ڪنديون آهن ۽ اُهي چونڊ جي مرحلي کان وٺي قانونسازي، سياسي ۽ معاشي پاليسين تائين پنهنجن مفادن لاءِ فيصلا ڪرائينديون آهن، جنهن کي هائبرڊ جمهوريت جو نالو ڏنو ويو آهي، ايتري قدر جو اهڙيون مافيائون ملڪن جي وچ ۾ جنگيون به ڪرائينديون آهن. هاڻي جمهوريت جي مفڪرن، اڳواڻن ۽ فلاسافرن لاءِ اهو وڏو چئلينج آهي ته هُو جمهوريت تي ٿيندڙ تنقيد جا سبب معلوم ڪري ان جي خاتمي لاءِ نوان طريقا ڳولهي دنيا ۾ صحيح جمهوري حڪومتن جو قيام عمل ۾ آڻين.
جمهوريت لاءِ خطرا ۽ ان جي حفاظت: جمهوريت سماج جي اندر ڪم ڪندي آهي ۽ ان کي سدائين اندريان ۽ ٻاهريان خطرا موجود رهن ٿا. ان ڪري جمهوريت کي مفت ۾ عطا ٿيل شيءِ بلڪل به نه سمجهڻ گهرجي، پر ان جي سخت حفاظت لازمي ڪرڻ گهرجي. هن وقت تائين مصنوعي ذهانت چيٽ جي پي ٽي مطابق جيڪا تحقيق ٿي آهي ان مطابق جمهوريت کي هي وڏا خطرا آهن؛ 1. ملڪ ۾ سياسي ڪرپشن ۽ چونڊن ۾ ڌانڌلي. 2. نسلي، مذهبي، معاشي ۽ سماجي ٽڪراءُ ۽ جمهوريت کي آمريت ۾ تبديل ڪن ٿا. 3. عالمي يا علاقائي طاقتور قوتن جي مداخلت سان ڪنهن به ڪمزور ملڪ جي جمهوريت کي نقصان رسائي سگهن ٿا. 4. معاشي نا برابري، آزاد صحافت تي پابندي، عدليه جي ڪمزوري، انساني حقن جي لتاڙ، قانون جي حڪمراني جي ڪمزوري به جمهوريت کي هائبرڊ نظام ۾ تبديل ڪري سگهي ٿي، ان ڪري جمهوريت جي حفاظت ڪرڻ تمام ضروري آهي. تنهنڪري جمهوريت جي حفاظت لاءِ لازمي آهي ته جمهوري سياسي جماعتون، سول سوسائٽي، ميڊيا ۽ ٻيا سرگرم شهري پنهنجي پنهنجي سماج ۾ جمهوريت کي مضبوط ڪرڻ لاءِ گڏجي مڃيل جمهوري اصولن جي حفاظت ڪن، جنهن ۾ آزاد ۽ شفاف چونڊون، قانون جي حڪمراني، حڪومت جو احتساب، ميڊيا جي آزادي، عدالتي نظام کي مضبوط ڪرڻ ۽ انساني حقن جي حفاظت شامل آهي. ان طريقي سان جمهوريت کي مضبوط ڪري سگهجي ٿو.
جمهوريت جا فائدا: جمهوريت انسانن کي ديوتائن، بادشاهن، آمرن، فرعونن، نمرودن ۽ وحشي وڏيرن کان آزاد ڪرايو ۽ انهن کي انساني آزادي، وقار، برابري ۽ انساني حق وٺي ڏنا. جمهوريت انسانن کي حڪومت جو مالڪ بڻايو. جمهوريت هڪ اهڙو سياسي نظام آهي جنهن ذريعي انسان کي پنهنجي مرضيءَ جي زندگي گذارڻ جو حق ملي ٿو. هي نظام شهريءَ کي سياسي سماج ۾ ڀرپور اجازت ڏئي ٿو ته شهريءَ کي پنهنجي مرضيءَ سان حڪومت کي چونڊين ۽ انهن کي اِهو به حق ڏئي ٿو ته جيڪڏهن حڪومت صحيح ڪم نٿي ڪري ته ان کي ڊاهڻ جي حق جي به طاقت ملي ٿي. جمهوريت ۾ شهرين جي مليل ٽيڪس جو حساب ورتو وڃي ٿو ۽ انهن جي ووٽ جو احترام ڪري انهن جي جان، مال ۽ ملڪيت جي حفاظت، قانون جي حڪمراني ۽ سماجي انصاف ڏئي ٿو. جمهوريت شهرين کي سماجي ڀلائي ۽ معاشي ترقيءَ جا موقعا ڏئي ٿو. بِقول امرتياسين جي ته جمهوريت ۾ ڪڏهن به ڏڪار پيدا نه ٿيو آهي. هن حڪومتي نظام ۾ جيڪڏهن ڪنهن شهريءَ سان حڪومت جو عملدار، فرد يا گروھ ناانصافي ڪري يا ان کي جسماني تڪليف ڏئي ٿو ته اهو شهري عدالت ذريعي انصاف وٺي سگهي ٿو. جمهوريت ۾ هر شهريءَ جي آزادي ۽ حق محفوظ آهن. جمهوريت ۾ هر شهريءَ کي موقعو ملي ٿو ته هو پنهنجي محنت، تخليق ۽ ڪردار سان وڏي ۾ وڏو سياسي عهدو وٺي سگهي ٿو. مثال؛ نيلسن منڊيلا جيڪو هڪ قيدي هو ان پنهنجي جدوجهد ذريعي صدارت جو عهدو ماڻيو. جمهوريت جي اصولن تي ٻڌل حڪومت ۾ شهرين کي خوشي ملي ٿي. مثال؛ فن لينڊ گذريل 8 سالن کان وٺي خوشيءَ جي انڊيڪس ۾ پهريون نمبر ملڪ رهيو آهي. 2025 جي رپورٽ مطابق ان پنهنجي پهرين نمبر جي حيثيت برقرار رکي آهي ۽ اهو سڀ جمهوريت جي ڪارڻ آهي.
سڀ کان وڏي ڳالھ اها آهي ته جمهوريت ۾ حڪومتي نظام پنهنجو پاڻ سڌارڻ جي(Self-Correcting) صلاحيت رکي ٿو، جنهن جي معنى آهي ته جيڪڏهن سماجي، معاشي يا حڪومتي نقص پيدا ٿين ٿا يا شهرين کي ڪا تڪليف پهچي ٿي ته سياسي پارٽيون پنهنجي چونڊ پروگرام ذريعي اقتدار وٺي اهو مسئلو حل ڪن ٿيون، ان سان گڏ جمهوري حڪومت قانونسازي ذريعي شهرين جي ڀلائي، ترقي ۽ خوشيءَ لاءِ وقت بوقت عمل ۾ مصروف رهي ٿي.
پڄاڻي: جمهوريت ايٿينس جي شهري رياست ۾ 2,600 سال اڳ تخليق ٿي جنهن جي معنى آهي عوام جي حڪومت ۽ اڄ اُها جمهوريت 45.4 سيڪڙو آباديءَ کي فائدو پهچائي ٿي. جمهوري حڪومت لاءِ آمريڪا جي 16 هين صدر ابراهام لنڪن تاريخي لفظ چيا ته “عوام جي حڪومت، عوام جي ذريعي ۽ عوام لاءِ، ڪڏهن به ڌرتيءَ تان ختم نه ٿيندي”. جمهوريت کي عطا ڪيل (Taken for Granted) بلڪل نه وٺڻ گهرجي ڇو جو اها سدائين سماج ۾ اندرئين ۽ ٻاهرين خطرن ۾ گهيريل رهندي آهي.
جمهوريت لاءِ هن وقت تائين 16 اصولن جي لاءِ تحقيق ٿي آهي ۽ اهي 16 اصول جامع آهن. جمهوريت کي نوبل انعام يافته امرتياسين جمهوريت کي هڪ عالمي قدر(Value) سمجهيو آهي. جمهوريت جي وڏي ڪاميابي اها آهي ته اها انسانن کي ديوتائن، بادشاهن، فرعونن ۽ ظالم جاگيردارن کان آزاد ڪرائي ٿي، جتي به صحيح جمهوريت آهي اتان جا ماڻهو امن، سڪون ۽ خوشي سان رهن ٿا، جنهن ۾ فن لينڊ ملڪ جو مثال سامهون آهي. جمهوريت جا ڪيترائي قسم آهن ۽ هڪ محقق مطابق جمهوريت جا 2,234 صنفي قسم آهن. جمهوريت ۾ ڪيترائي نقص يا خال آهن، پر جمهوريت ئي ان کي حل ڪري سگهي ٿي ۽ پنهنجو پاڻ کي سڌارڻ (Self-Correcting) جي صلاحيت رکي ٿي. ضروري آهي ته نه صرف سياسي جماعتون، سول سوسائٽي ۽ ٻيا جمهوريت پسند شهري ان جي حفاظت ڪن ۽ ان جي بنيادي اصولن تي عمل ڪن.