لينڊ پورٽ اٿارٽي بل بين الاقوامي معاهدن ۽ ڪنوينشنز تحت پاڪستان جي ذميدارين کي پورو ڪرڻ ۾ ڪردار ادا ڪندو. ياد رهي ته 7 آگسٽ تي قومي اسيمبلي پاڪستان لينڊ پورٽ اٿارٽي بل 2025 منظور ڪري ڇڏيو هو، جنهن تحت سرحدي لنگهن تي مال ۽ فردن جي چرپر کي آسان بڻايو ويندو.
هن بل جي منظوريءَ کانپوءِ پاڪستان، بنگلاديش ۽ ڀارت کانپوءِ ٽيون ڏکڻ ايشيائي ملڪ بڻجي ويو آهي، جنهن وٽ لينڊ پورٽ اٿارٽي هوندي. بنگلاديش ۾ 2002ع ۾ ۽ ڀارت ۾ مارچ 2012ع ۾ لينڊ پورٽ اٿارٽي جوڙي وئي. هي قانون ملڪ جي سرحدن تي ٺهندڙ بندرگاهن ۾ انتظاميه کي جديد بنائڻ ۾ مددگار ٿيندو ۽ اميد آهي ته ان سان واپاري سرگرميون وڌنديون، جنهن سان واپار ۽ سفر وڌيڪ آسان ٿي ويندو. هي نئون ادارو زميني بندرگاهن تي واپار، مسافرن جي اچ وڃ ۽ ٽرانسپورٽ کي سنڀالڻ ۽ بهتر بنائڻ جي ذميداري کڻندو، جنهن سان سڄي ملڪ جي انتظاميه کي منظم ۽ بهتر بنائڻ ۾ مدد ملندي.
پاڪستان کي لينڊ پورٽ اٿارٽي جهڙي قانوني اداري جي گهڻي وقت کان گهرج هئي. ان اداري جي غير موجودگيءَ ۾ سرحدن تي بي ترتيب ۽ غير منظم طريقي سان واپاري سرگرميون ۽ ماڻهن جي اچ وڃ ٿي رهي هئي. ڪسٽم، ايف آءِ اي، ايف سي ۽ ٻيا مختلف ادارا پنهنجي پنهنجي ريت ڪم ڪندا هئا. جڏهن هڪ مرڪزي ادارو نه هوندو آهي ته ٻين ادارن جي وچ ۾ هم آهنگي ناهي رهندي ۽ ماڻهن کي هڪ ڪم لاءِ ڪيترن ئي آفيسن ۾ وڃڻو پوندو آهي جنهن سان وقت ۽ پئسو ضايع ٿيندو آهي. ان کان علاوه پاليسيءَ ۾ هڪجهڙائي نه هجڻ جي ڪري مختلف سرحدن تي مختلف ضابطا ٿي سگهن ٿا، جنهن سان واپار ڪندڙ ماڻهن کي رڪاوٽون درپيش اچن ٿيون. ان کان علاوه سرحدن تي ماڻهن جي رش ٿي وڃي ٿي، گاڏين جون قطارون لڳي وڃن ٿيون ۽ هر گاڏيءَ کي مختلف ادارو چيڪ ڪري ٿو، جنهن سان تمام گهڻو وقت لڳي وڃي ٿو، جنهن سان درآمد ۽ برآمد متاثر ٿئي ٿي.
سڀ کان وڏو نقصان ته هڪڙي عام ماڻهو کي رسي رهيو هو جيڪو سفر دوران هر هر چيڪنگ ۽ مختلف ٽيبلن تي وڃي ٿي بيٺو، سندس سفر تمام مشڪلن جو شڪار هو. ان اداري جي ضرورت ان ڳالهه جي لاءِ به تمام ضروري هئي ته هڪ مرڪزي اٿارٽي نه هجڻ جي ڪري نگرانيءَ جو مسئلو پيدا ٿي رهيو هو، جنهن جي ڪري سرحدن تي اسمگلنگ، منشيات ۽ غير قانوني سرگرميون روڪڻ ۾ ڏکيائي درپيش هئي.
لينڊ پورٽ اٿارٽي ٺاهڻ جو مقصد سڀني مسئلن کي حل ڪرڻ آهي ته جيئن هڪ ئي مرڪزي نظام تحت سرحدن تي منظم، جديد ۽ وڌيڪ موثر نظام لاڳو ڪري سگهجي. هن اداري جي قيام سان سرحدن تي ٿيندڙ سرگرمين ۾ هڪ مرڪزي ۽ جديد نظام قائم ٿيڻ سان گڏوگڏ شفافيت پيدا ٿيندي، جنهن سان پرڏيهي سيڙپڪاري کي هٿي ملندي. جڏهن ماحول بهتر ٿيندو ته مختلف پرڏيهي سيڙپڪار پاڪستان ۾ سيڙپڪاري ۾ دلچسپي وٺندا ۽ پاڪستان جي عوام لاءِ نوان موقعا پيدا ٿيندا.
لينڊ پورٽ اٿارٽي بل مان سڀني صوبن کي فائدو رسندو، پر ڪجهه صوبن کي سڌو ۽ وڌيڪ فائدو رسندو، ڇو ته اهي سرحدي علائقن ۾ واقع آهن ۽ انهن جون بين الاقوامي سرحدون آهن. جيئن بلوچستان جون سرحدون ايران ۽ افغانستان سان ملن ٿيون. تفتان (ايران) سان ۽ چمن (افغانستان) سان جهڙيون سرحدي چوڪيون، هن بل تحت سڌارن سان سڀ کان وڌيڪ فائدو حاصل ڪنديون. واپار ۽ ٽرانسپورٽ جي آسان ٿيڻ سان بلوچستان جي مقامي معيشت تي مثبت اثر پوندو. ان کان علاوه خيبر پختونخواهه افغانستان سان گڏيل آهي ان ڪري طورخم ۽ غلام خان جهڙيون سرحدي چوڪيون هن قانون جي دائري ۾ اينديون.
ان قانون تحت قبائلي علائقن جي ماڻهن کي فائدو رسندو. پنجاب جي سرحد واگها بارڊر سان ڳنڍيل آهي، اتي به واپاري سرگرميون وڌيڪ منظم انداز ۾ تيز ٿينديون. سنڌ جي زميني سرحد هندستان سان ڳنڍيل آهي، پر اتي واپاري چوڪين جو انگ گهٽ آهي، پر جيڪي به سرحدي چوڪيون آهن اهي هن قانون مان فائدو حاصل ڪري سگهنديون. سنڌ جي زميني چوڪين کان وڌيڪ پورٽ قاسم ۽ ڪراچي بندرگاهه اهميت جوڳيون آهن. هي ملڪ صرف پاڪستان جي لاءِ نه، پر اسان جي سڀني پاڙيسري ملڪن جي لاءِ به مستقبل ۾ واپار جا ڪيترائي نوان موقعا پيدا ڪندو ۽ خطي ۾ هڪ معاشي ترقيءَ جو نئون دور شروع ٿيندو.