ايڊيٽوريلنئون

ملڪ جي مضبوطي ۽ ترقي جي ڳالهه

            پاڪستان جي صدر محترم آصف علي زرداري سال 2025 جي شروعات تي پنهنجي پيغام ۾ چيو آهي ته پاڪستان کي مضبوط ڪرڻ لاءِ غريب طبقي جي ترقي تي ڌيان ڏيڻو پوندو. اها وقتائتي ۽ اهم ڳالهه آهي ته ملڪ جي گهڻي آبادي غربت ۽ مهانگائي کي منهن ڏيئي رهي آهي. هيٺئين طبقي ۾ جڏهن ترقي ٿيندي تڏهن ئي سماج ۽ ملڪ مضبوط ٿيندو. اسان جو ملڪ جيئن ته 24 ڪروڙ کان مٿي آبادي رکندڙ آهي ۽ هڪ ترقي پذير ملڪ آهي. جنهن جي نتيجي ۾ غربت به آهي ۽ غربت سان لاڳاپيل مسئلا به آهن.

            پاڪستان جيئن ته بنيادي طرح هڪ زرعي ملڪ آهي ۽ ان جي معيشت زرعي پيداوار ۽ ڪاروبار تي بيٺل آهي. ملڪ جي 64 سيڪڙو کان مٿي آبادي زراعت سان لاڳاپيل آهي ۽ اهي سڀ ڳوٺاڻن علائقن جا رهندڙ آهن. انهيءَ سڄي نظام ۾ جيئن ته هاري ۽ مزدور جيڪو زراعت جي شعبي ۾ پوکائي کان وٺي ان جي پيداوار جي واپار تائين انهيءَ شعبي سان گڏ آهي، انهيءَ جو استحصال ٿي رهيو آهي. ڇاڪاڻ جو انهن جي آمدني لاءِ ڪابه قانونسازي ٿيل نه آهي. سرڪار مزدور لاءِ گهٽ ۾ گهٽ اجرت جو تعين هر سال ڪندي آهي، پر انهيءَ ڪڏهن به 64 سيڪڙو آباديءَ ۾ اجرتن ۽ آمدني جي وهنوار تي نظر نه رکي آهي. اسان جي سماج ۾ گهڻيون هيٺانهيون مٿانهيون آهن جن کي ڏسڻ جي ضرورت آهي. ناڻي جي ورڇ ۾ اهو صاف پيو نظر اچي ته هڪ خاص طبقو جنهن کي اشرافيه چئجي ٿو اهو ان حصي جو مالڪ آهي ۽ گهڻو ئي طبقو جنهن کي عام عوام چئون، ان جي حصي ۾ تمام ٿورو ناڻو اچي ٿو، يعني ان جي آمدني گهٽ آهي ۽ جڏهن ته ان جا مسئلا تمام گهڻا ۽ گهرا آهن. اسين انهن مسئلن کي جيڪڏهن ورهايون ته سڀني کان پهرين تعليم ڄڻ گهڻن ماڻهن لاءِ دلچسپي جو سبب ئي ڪونهي. اسان جي ملڪ ۾ اسڪول نه ويندڙ ٻارن جو انگ وڏي تعداد ۾ آهي ۽ وري انهن ۾ نياڻين لاءِ تعليم دوست ماحول نه آهي. خواندگي جي نه هجڻ جي ڪري اسان جو معاشرو ذهني مفلسي جو شڪار آهي. چوڌاري غربت آهي ۽ ذهني غربت انهيءَ مسئلي کي وڌيڪ سنگين ڪري رهي آهي. ذهني غربت جسماني صحت تي به اثر انداز ٿيندي آهي. ذهني غربت جي ڪري گهڻي تعداد ۾ ماڻهو وچڙندڙ بيمارين جا ٽُڪا ۽ وئڪسينز جيڪي هر جاءِ تي موجود آهن انهن ۾ دلچسپي نٿا رکن، نتيجي ۾ انهن جي حياتي ۾ ڪڏهن لا علاج مرض ظاهر ٿيون پون، اهو طبقو پنهنجن وهمن ۽ وسوسن جي دنيا ۾ زنده آهي. غربت ائين چئجي ته ڪنهن به سماج ۾ جيڪي مسئلا آهن انهن جي ماءُ آهي. غربت جي ڪري غذا جي گهٽتائي هوندي آهي. گهٽ غذا تي پليل ماڻهو صحتمند ڪونه هوندا آهن. انهيءَ ڪري اهي صحت جي ادارن جي سامهون ۽ اسپتالن جا چڪر هڻندي نظر ايندا آهن. جيڪڏهن صحتمند سماج هوندو ته انهيءَ جي ترقيءَ جو سفر به آسان ٿي ويندو. اسين جيئن ته ڳالهه ڪندا اچون ته غربت کاڌي جي گهٽتائي کان وٺي تعليم جي گهٽتائي تائين زندگين جو هڪ ڏکيو سفر آهي. اسين پنهنجي وفاقي ۽ صوبائي حڪومتن ۽ وسوارن کي اهو عرض ڪندا هلون ته غربت تڏهن ختم ٿيندي جڏهن غريب ماڻهو جي آمدني کي مناسب ڪيو ويندو. ملڪ جي صدر ڏاڏي وقتائتي ڳالهه ڪئي آهي.

            هن نئين سال جي شروع ٿيڻ تي پاڪستاني قوم ۽ عالمي برادريءَ کي مبارڪ باد پيش ڪئي آهي ۽ هن پنهنجي بيان ۾ ملڪ جي غريب طبقي جي ترقيءَ جي ڳالهه ڪئي آهي. هن اهو به چيو آهي ته گذريل سال جي ڪاميابين، ناڪامين جو جائزو وٺي نئين سال جي شروعات ڪجي ۽ هن ماضيءَ مان سبق حاصل ڪرڻ تي ضرورت جي ڳالهه ڪئي آهي. سال جي شروعات کان ئي عوامي خدمت، امن ۽ استحڪام لاءِ محنت سان ڪم ڪرڻ جو ارادو اسان کي ترقيءَ جي راهه تي وٺي ويندو. اسين انهيءَ ارادي جي تحسين ٿا ڪريون ۽ اسان جو خواب غربت کان آجو ۽ مضبوط پاڪستان آهي ۽ اسان جي خواب جي تعبير يقيني آهي.