ايڊيٽوريل

سنڌ اندر وڌندڙ منشيات جو واهپو ۽ اسيمبليءَ ۾ ان جو پڙاڏو

سنڌ اسيمبليءَ ۾ منشيات کي روڪڻ ۽ ان کي وڪرو ڪندڙن جي خلاف ٺهراءُ منظور ڪيو ويو، جنهن ۾ چيو ويو آهي ته هن وقت سنڌ اندر منشيات جو واهپو وڌي رهيو آهي، جنهن ڪري اسان جو نوجوان نسل تباهيءَ طرف وڌي رهيو آهي. منشيات واپرائيندڙ نوجوان منشيات کي حاصل ڪرڻ لاءِ هر قسم جا ڏوهه ڪري ٿو، ايستائين جو نوجوان ڇوڪريون پڻ منشيات جي استعمال ڪرڻ جي مرض ۾ مبتلا ٿي ويون آهن، اهي منشيات حاصل ڪرڻ لاءِ پنهنجي جسم جو وڪرو ڪندي نٿيون ڪيٻائين.
سنڌ اسيمبلي جو اهو ٺهراءُ صرف ٺهراءُ جي حد تائين نه هجڻ گهرجي. ان ڳالهه جي ضرورت آهي ته سنڌ اسيمبلي جي آواز کي سنڌ حڪومت جلد ئي عملي جامو پهرائي. هڪ هندو ايم پي اي اسيمبلي اندر واضح ڪيو ته شراب وڪرو ڪندڙ دڪانن جا لائسنس هندن جي نالي تي ڏنا وڃن ٿا، پر انهن جي پويان هڪ طاقتور مافيا آهي ۽ شراب کي واپرائيندڙ گهڻي ڀاڱي مسلمان آهن. اسين سمجهون ٿا ته منشيات جو مرض ڪينسر جي مرض کان وڌيڪ هاڃيڪار آهي. ڇو ته ان ۾ قابو ٿيل ماڻهو نه صرف پنهنجي زندگيءَ لاءِ عذاب ٿئي ٿو، پر پنهنجي پوري خاندان ۽ پوري سماج کي به عذاب ۾ مبتلا ڪري ٿو. سنڌ جي ايڪسائيز منسٽر جو اهو چوڻ به عجيب آهي ته خبر ناهي ته منشيات ڪٿان ٿي اچي. سندس چواڻي ايڪسائيز کاتي ان ايڏي وڏي عذاب جو تدارڪ اهو ڪيو آهي ته ايڪسائيز کاتو يونيورسٽين ۽ ڪاليجن ۾ شاگردن جي رت جي ٽيسٽ ڪندو ۽ جيڪي شاگرد منشيات ۾ ورتل هوندا انهن کان معلوم ڪندو ته انهن کي منشيات ڪير ٿو ڏئي. اهڙي قسم جو مزاحيه بيان ڪجهه وقت پهرين سنڌ جي وزيراعليٰ ڪشمور- ڪنڌڪوٽ جي دوري دوران ڏنو هو جنهن ۾ هن چيو هو ته ڌاڙيلن کي هٿيار ڪير ٿو پهچائي؟ جيڪڏهن اسان جي حڪمرانن کي اها به خبر ناهي ته هٿيار صوبي اندر ڪيئن ٿو اچي ۽ منشيات جي فراهمي ڪير ٿو ڪري ته ويچارا ڏاڍا سادا آهن! ۽ پوءِ اهي سادا ماڻهو اسلحي فروش مافيا ۽ منشيات فروش مافيا کي ڪيئن منهن ڏيئي سگهندا؟ بس پوءِ صرف اسيمبلين ۾ ڳالهيون ڪري ٺهراءُ منظور ڪرائيندا. ائين ڪرڻ سان هو پنهنجو فرض ڪيئن پورو ڪندا. افسوس آهي ته هي ٻئي طاقتور مافيائون جن وٽ مڪمل سسٽم ٺهيل آهي، جن وٽ ناڻي جي ڪمي نه آهي ۽ انهن وٽ افرادي قوت پڻ تمام گهڻي آهي ۽ انهن ڪڌن ڪاروبارن ۾ اربين رپين جو منافعو آهي ان منافعي مان ڪيترائي آفيسر پنهنجو حصو چڱيءَ طرح سان وٺن ٿا.
سنڌ اندر نه اسلحو ٺهي ٿو نه ئي منشيات، اهي ٻئي شيون ٻين صوبن مان خاص طور تي ڪي پي ڪي مان سنڌ اندر اچن ٿيون. سنڌ جي سرحدن تي چوڪسي ڪرڻ ايڪسائيز کاتي جو فرض آهي، پوليس جو فرض آهي. حڪومت انهن آفيسرن کان پڇاڻو ڇو نٿي ڪري سبب اهو آهي ته حڪومت جي اندر پڻ انهن جا سهولتڪار موجود آهن. هر شهر ۾، هر ڳوٺ ۾ ڪنهن به موالي کان معلوم ڪندا ته اهو توهان کي ٻڌائيندو ته اها منشيات مون کي ڪير ٿو مهيا ڪري. پوءِ انهن کي روڪڻ جي لاءِ اوهان کي ڪهڙي راڪيٽ سائنس جي ضرورت آهي. ڳالهيون گهڻيون ٿي ويون آهن جيڪڏهن توهان جي نيت ۾ نوجوان نسل جو مستقبل بچائڻ آهي ته پوءِ عمل جي ميدان ۾ اچو، ايڪسائيز ۽ پوليس ۾ اهڙا آفيسر رکو جن جي پهرين ته پنهنجي ڊوب ٽيسٽ ٿيڻ کپي ته اهي منشيات جا عادي آهن يا نه. ڇو ته گهڻي ڀاڱي ڏٺو ويو آهي ته انهن آفيسرن مان 90 سيڪڙو جيڪڏهن منشيات جا عادي نه آهن ته به شراب نوشيءَ ۾ ملوث ضرور آهن. پوءِ هڪ منشيات واپرائيندڙ راشي آفيسر منشيات مافيا سان گڏ هوندو يا ان کي روڪڻ جو تدارڪ ڪندو. اهو اسان جو سوال حڪومتي ايوانن ۾ ويٺل ساڃاهه وند ماڻهن کان آهي، جيڪڏهن اهي ساڃاهه وند آهن ته؟ اوهان جي نيت جي پت ته ان مان وائکي ٿئي ٿي ته شهرن اندر ۽ ٻهراڙين اندر مين پڙي ۽ گٽڪي جي وبا کي اوهان روڪي نٿا سگهو ته پوءِ آئيس، ڪوڪين، چرس کي ڪيئن روڪي سگهندا، بهتري جي اميد ته ڪريون ٿا، پر بهتري نظر نٿي اچي.