بلاگنئون

گلوبل وارمنگ جو مقابلو وڻڪار سان ئي ٿي سگهي ٿو

وڻڪار جي لفظ ٻڌڻ سان ذهن ۾ ٿڌڪار جو احساس ٿيندو آهي. وڻ ڌرتيءَ جي سونهن آهن، ان سان گڏ بارش وسائڻ واري سسٽم ۾ سندن ڪردار اهم آهي. سڀ کان وڏو ڪردار اسان جي ڌرتيءَ جي گولي جي آڪسيجن کي برقرار رکن ٿا. آڪسيجن کانسواءِ زندگيءَ جو وجود نا ممڪن آهي. مطلب وڻ پاڻ به زنده رهن ٿا ۽ ڌرتيءَ تي رهندڙ پوري جيوت جي زندگيءَ جا ذميوار پڻ آهن.
سائنسي تحقيق موجب ڌرتيءَ جي خشڪيءَ واري حصي ۾ گهٽ ۾ گهٽ 25 سيڪڙو وڻڪار جي ضرورت هوندي آهي، اها ٻيلن جي روپ ۾ هجي ٿي. سنڌ ۾ هن وقت ٻيلن جو اهو تناسب ٻه سيڪڙو کان به گهٽ آهي. جڏهن ته پوري پاڪستان ۾ تقريبن 5 سيڪڙو جي لڳ ڀڳ ٻيلا موجود آهن. سرڪار جي لاپرواهي سبب نوان ٻيلا نه پوکڻ ۽ موجود ٻيلن کي غير قانوني طريقي سان تباهه ڪرڻ ماحول کي تمام گهڻو نقصان پهچائي رهيو آهي ۽ گرمي پد ڏينهون ڏينهن برداشت کان ٻاهر ٿي رهيو آهي.
ٻهراڙين ۾ ته ماڻهو پنهنجن گهرن ۾ وڻ لڳائي سگهن ٿا ۽ پنهنجي زمينن ۾ پڻ وڻ لڳائين ٿا، پر شهرن ۾ گهر ننڍا هجڻ سبب يا گهڻن ماڻهن جي رهائش فليٽن ۾ هجڻ سبب هر ماڻهو وڻ پوکي نٿو سگهي ۽ جيڪي وڻ ڪٿي لڳل به هوندا آهن ته انهن کي مختلف بهانن سان مختلف ادارن جا ماڻهو وڍي ڇڏين ٿا، جنهن جي ڪري وڻن جو خاتمو ٿي رهيو آهي. ان خاتمي جي ڪري هر سال گرمي پد ۾ واڌ اچي رهي آهي. هن وقت به سنڌ اندر گرمي برداشت کان ٻاهر ٿي چڪي آهي. سرڪار سڳوري وٽ هڪ ڊپارٽمينٽ آهي جنهن جو نالو ئي ٻيلو کاتو آهي. اهو ٻيلو کاتو جنهن وٽ پنهنجيون زمينون نه صرف ڪچي وارن علائقن ۾ آهن، پر پڪي ۾ به انهن وٽ هزارين ايڪڙ زمين ٻيلن جي لاءِ موجود آهي، پر ٻيلو کاتو انهن ٻيلن کي پاڻ ڪٽرائي ان ۾ زرعي پوک ڪرائي رهيو آهي. حالانڪه ٻيلا رياست جي ملڪيت هوندا آهن ۽ رياست جي ذميداري آهي ته انهن جي حفاظت ڪئي وڃي ۽ ان تي ٿيندڙ قبضن ۽ قبضي مافيا کي قانون جي ڪٽهڙي ۾ بيهاري. ٻيلن جي ڪري نه صرف ڌرتيءَ جو گرمي پد ڪنٽرول ۾ رهي ٿو، پر ان مان ٻيا به ڪيترائي فائدا حاصل ڪري سگهجن ٿا. ڪيترائي پکي وڻن تي گهر ٺاهين ٿا، جنهن جي ڪري اهي پکي جيڪي هاڻي ناپيد ٿيندا وڃن اهي وري سنڌ ۾ رهائش اختيار ڪري سگهن ٿا. ان کان علاوه ٻيلن مان ڪاٺي، جانورن جو گاهه، چارو ۽ ماکي به حاصل ٿي سگهي ٿي. ڪو وقت هو جو روڊن رستن جي پاسن کان وڻ لڳايا ويندا هئا، جن جي لاءِ هن وقت به بيلدار مقرر ٿيل آهن جيڪي گهر ويهي پگهارون کڻي رهيا آهن. صرف انهن کان سندن ڪم ورتو وڃي تڏهن به ڪروڙين وڻ لڳائي سگهجن ٿا.
ڳالهه وري به سرڪار جي نيت تي کٽي ٿي. گذريل ٽيهن سالن ۾ روڊن جي ڪپرن سان، شاخن جي ڪپرن سان ۽ واهن جي ڪپرن سان لکين وڻ ڪٽيا ويا. ميڊيا دانهون ڪندي رهي، پر ان دانهن جو ڪوبه فرياد نه ٿيو. آفيسر ۽ حڪمران ٺيڪيدارن جي ذريعي اهي سڀ وڻ کائي ويا. صرف ايترو حياءُ ڪن ها ته جيڪي وڻ ڪٽيا ويا انهن جي جاءِ تي ٻيا وڻ لڳائجن ها ته ٽيهن سالن جي اندر اهي وڻ ماحول کي گرم ٿيڻ کان بچائڻ ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪن ها. هن وقت به اسان جو مطالبو سرڪار سڳوريءَ کان آهي ته اوهان وڌيڪ بجيٽ خرچ ڪرڻ کانسواءِ صرف روڊن رستن جي ٻنهي پاسن تي وڻ لڳايو، شاخن جي ڪپرن ۽ واهن جي ڪپرن تي وڻ لڳايو. ٻٻر جو وڻ پنجن سالن ۾ تيار ٿي وڃي ٿو، نم جو وڻ پڻ پنج ڇهه سالن ۾ تيار ٿي وڃي ٿو. ان کان علاوه ڪيترائي مقامي قسم جا وڻ آهن جيڪي لڳائي ڇانوَ حاصل ڪري سگهجي ٿي. ان سان گڏ ڪجهه ميويدار وڻ لڳائي ميوو پڻ حاصل ڪري سگهجي ٿو. عوام کي به گذارش آهي ته هو پنهنجي پتيءَ جو ڪم ڪرڻ نه وسارين. هڪ ماڻهو هڪ وڻ لڳائي ته سال ۾ 5 ڪروڙ 80 لک وڻ سنڌ اندر لڳي ويندا. نه صرف ڌرتيءَ جي سونهن وڌي ويندي، پر اسين ماڻهو جيڪي گرمي ۾ سڙون ٿا انهن کي به ڇانوَ ميسر ٿيندي. ڪم ڏکيو ناهي ٿي ته سگهي ٿو، پر نيت جي ضرورت آهي.