ايڊيٽوريل

سنڌ صوبي سان وفاق جون ڏاڍايون برقرار

            پاڪستان هڪ فيڊريشن آهي جنهن ۾ چار صوبا گڏجي وفاق سان حڪومت جو ڍانچو ٺاهين ٿا. آئين ۾ ارڙهين ترميم کانپوءِ صوبن کي ڪافي اختيار مليا آهن، پر ان جي باوجود عملي طور تي لڳي ائين ٿو ته اڃان تائين به اهي اختيار مڪمل طور تي صوبن جي حوالي نه ڪيا ويا آهن. ماليات ڪنهن به رياستي ڍانچي کي هلائڻ جي لاءِ تمام اهم ڪردار ادا ڪري ٿو. جيڪڏهن ڪنهن به رياستي ڍانچي کي پنهنجي ماليات تي مڪمل اختيار حاصل ناهي ته اهو ڪڏهن به پنهنجي عوام جي ڀلائي جي لاءِ مڪمل طور تي قدم نه کڻي سگهندو، جنهن سان سماج ۾ هر وقت بيچيني واري صورتحال موجود رهندي عوام ۽ حڪومت جي وچ ۾ هميشه رساڪشي هلندي رهندي.

            هن وقت صرف پنجاب صوبو پنهنجي ماليات ۾ مڪمل طور تي بااختيار آهي، باقي سنڌ جي حالت اها آهي جو 25 آڪٽوبر 2024 تي وزيراعليٰ سنڌ سيد مراد علي شاهه هڪ گڏجاڻيءَ ۾ اها ڳالهه ڪئي ته سنڌ کي ايف بي آر وٽان 22 ارب رپيا نه مليا آهن ۽ هن وزيراعظم سان رابطي جو فيصلو ڪيو آهي ۽ هن ان ڳالهه تي ڳڻتي جو اظهار ڪندي چيو ته صوبي جي پنج سئو صنعتن مان 22 ارب رپين کان وڌيڪ رقم ٽيڪسن جي صورت ۾ اوڳاڙڻ جي باوجود سنڌ کي پنهنجا جائز ۽ قانوني فنڊ اڃان تائين منتقل نه ڪيا ويا آهن جيڪا وفاق جي نيتن تي ۽ ايف بي آر جي ڪارڪردگي تي هڪ سواليه نشان پيدا ڪري ٿو. وزيراعليٰ سنڌ ان ڳالهه تي زور ڏنو ته هو سنڌ جي عوام جي ان پئسي کي واپس وٺڻ لاءِ ڪوششون تيز ڪندو ۽ سمورن معاملن تي وفاق سان ڳالهائيندو. پاڪستان جيئن ته هڪ وفاقي رياستي ڍانچي تي قائم ڪيو ويو آهي، ان لاءِ وفاق کي مضبوط ڪرڻ وفاقي حڪومت جو ڪم آهي جنهن جي لاءِ آئين واحد دستاويز آهي جيڪو صوبن ۽ وفاق جي وچ ۾ سڀني معاملن کي نبيري ٿو، پر هتي ته ڏٺو ويو آهي ته نه صرف سنڌ کي اين ايف سي ايوارڊ مان پنهنجو حصو نٿو ملي، پاڻيءَ جو حصو نٿو ملي ۽ جيڪو حصو ملي ٿو ان مان به اڃان وڌيڪ حصو گهٽ ڪرڻ جون سازشون ٿي رهيون آهن. نه صرف ايترو پر وفاق ۾ ڪيتريون ئي نوڪريون جيڪي صوبن جي ڪوٽا ۾ اچن ٿيون انهن جون ڀرتيون به الائجي ته ڪيئن ٿي وڃن ٿيون ۽ سنڌ جي ماڻهن کي اتي به پنهنجي ڪوٽا مطابق حصو نٿو ملي. سنڌ جا ساحل ۽ بندر جن تي هن وقت وفاق جو ڪنٽرول آهي اتي به جيڪي روزگار جا ذريعا پيدا ٿين ٿا اهي به مقامي ماڻهن کي نٿا ڏنا وڃن. اهڙي صورتحال ۾ سنڌ حڪومت ايف بي آر پاران صنعتن مان جمع ڪيل 22 ارب رپين جي واپسي جي گهر ڪري رهي آهي، جنهن ۾ سيد مراد علي شاهه چيو آهي ته ايف بي آر 2014 کان 2021 تائين سنڌ جي صنعتن مان 22 ارب رپيا جمع ڪيا آهن، پر اڃان تائين سنڌ کي ناهن مليا. وزيراعليٰ هائوس ۾ مراد علي شاهه جي صدارت ۾ هڪ اجلاس ٿيو، جنهن ۾ هن چيو ته 2014 کان 2021 تائين فيڊرل بورڊ آف روينيو جيڪي ٽيڪس گڏ ڪرڻ واري عرصي دوران سنڌ ۾ قائم ڪيل لڳ ڀڳ 500 صنعتن مان سنڌ جو حصو نه ڏنو آهي، جيڪا سنڌ سان هڪ ٻي زيادتي آهي.

            وزيراعليٰ سنڌ چيو ته ارڙهين ترميم کانپوءِ ايس ڊبليو ڊبليو ايف، ايس ڊبليو پي پي ايف تي صرف صوبي جو حق آهي، هو وفاق سان ڳالهيون ٻولهيون ڪري سنڌ جي حصي جا فنڊز واپس وٺندو. هن گڏجاڻيءَ ۾ سنڌ جي محنت ڪش طبقي جا 25.3 بلين رپيا هاءِ ڪورٽ کان رليز ڪرائڻ جو حڪم به ڏنو، جيڪي هن وقت هاءِ ڪورٽ ۾ جمع آهن. وڏي وزير اميد ڏيکاري ته جيڪڏهن سنڌ هاءِ ڪورٽ مان 25.3 بلين رپيا محنت ڪش طبقي جي لاءِ ملي ٿا وڃن ته اهي سندن فلاح ۽ بهبود تي خرچ ڪيا ويندا.