دنيا ۾ پاڻيءَ جي شديد کوٽ ۽ پاڪستان ۾ پاڻيءَ جي صورتحال ايڊووڪيٽ عبدالحميد چاچڙ July 2021
دنيا ۾ جيڪڏهن پاڻيءَ جي صورتحال تي نظر وجهنداسين ته ڪجهه حيران ڪُن معلومات ملندي ۽ ايئن به چيو پيو وڃي ته ٽئين عالمي جنگ به پاڻيءَ تي لڳندي. جيڪڏهن دنيا جي موجوده صورتحال کي سمجهنداسين ته چاهي پئسيفڪ اوشئن ۾ يو ايس اي ۽ چائنا جي وچ ۾ مقابلو هجي يا وري انڊيا ۽ پاڪستان وچ ۾، پر توهان کي هائيڊرو پوليٽڪس دنيا جي هر ريجن ۾ نظر ضرور ايندي. تازو ئي آءِ ايم ايف جي رپورٽ موجب پاڪستان Acute Water Shortage موجب دنيا ۾ ٽئين نمبر تي آهي. اهڙيءَ طرح مختلف ملڪن بابت پاڻيءَ جي حوالي سان ڪجهه نظر وجهنداسين ته سائو پولو لڳ ڀڳ 217 ملين آبادي تي مشتمل آهي. 2015ع جي رپورٽ موجب هن ملڪ جي پاڻيءَ جا مکيه ذخيرا 4 سيڪڙو جي گنجائش تي بچيا آهن، صحيح نموني سان منصوبابندي ۽ انويسٽمينٽ نه ڪرڻ سبب هن شهر ۾ 20 ڏينهن باقي رهڻ جو پاڻي بچيو هو، پر 2016ع ۾ حڪومت بهتر ڪوشش وٺڻ بعد پاڻيءَ جي بحران کي ختم ڪيو.
- بينگلور: هي شهر انڊيا سان تعلق رکي ٿو، هن جي آبادي 11,171,000 هي شهر پاڻي گدلاڻ سبب وڌيڪ گدلو ٿيندو پيو وڃي. هن شهر ۾ 85 سيڪڙو پاڻي زراعت ۽ انڊسٽري ۾ استعمال ٿئي ٿو.
- بيجنگ: هن شهر جو تعلق چائنا سان آهي، هن جي آبادي 20 ملين آهي، جنهن جو تناسب دنيا جي آبادي سان لڳ ڀڳ 20 سيڪڙو آهي. صرف بيجنگ وٽ دنيا جو 7 سيڪڙو فريش پاڻي موجود آهي. 2015ع ۾ 40 سيڪڙو گدلو پاڻي سرفيس واٽر طور استعمال ڪيو ويو.
- قاهره: مصر جي هن شهر جي آبادي 19 ملين آهي نيل درياهه مصر جي 97 سيڪڙو پاڻيءَ جو ذريعو آهي، نيل درياهه به تيزيءَ سان گدلو ٿيندو پيو وڃي. اهڙيءَ طرح قاهره به پاڻيءَ جي شديد کوٽ واري صورتحال طرف وڃي رهيو آهي.
- ماسڪو: هن شهر جي آبادي 12,404,000 دنيا جو تازو پاڻي روس ۾ هڪ چوٿائي آهي ۽ هڪ سروي موجب پڻ اهو ٻڌايو پيو وڃي ته روس ۾ 35 سيڪڙو کان 60 سيڪڙو تائين پيئڻ جو پاڻي صفائي جي معيار تي پورو نٿو لهي. اهڙيءَ طرح سان روس جو شهر ماسڪو به پاڻيءَ جي شديد کوٽ کي منهن ڏيئي رهيو آهي.
- استنبول: هن شهر جي آبادي 14,74,1000 ملين آهي. ويجهڙائي وارن سالن ۾ هي شهر پاڻيءَ جي شديد کوٽ کي منهن ڏيندو، 2014ع جي شروعات ۾ هن شهر جا مکيه ذخيرا 30 سيڪڙو جي گنجائش کان گهٽ هئا ۽ پڻ اهو چيو پيو وڃي ته 2030ع تائين هي شهر پاڻيءَ جي شديد کوٽ ۾ اچي ويندو.
- لنڊن: هن شهر جي آبادي 8 ملين آهي، هن شهر جي پاڻيءَ جي فراهمي 2025ع تائين شديد قلت ۾ اچي ويندي ۽ پاڻيءَ جي کوٽ سبب وڌيڪ آباديءَ تي اثر پڻ ٿيندو ۽ انساني جياپي لاءِ ڏاڍو ڏکيو ٿي پوندو.
- ٽوڪيو: هن شهر جي ڪل آبادي 30 ملين آهي، هن شهر جو واٽر سسٽم 70 سيڪڙو مٿاڇري جي پاڻيءَ تي آهي جنهن ۾ درياهه نديون پگهرندڙ برف پڻ آهي. تازو ٿيل انويسٽمينٽ موجب ايندڙ مستقبل ۾ 3 سيڪڙو تائين گهٽتائي ٿيندي.
- ميامي فلوريڊا: هن شهر جي آبادي 44000 آهي، هن شهر جي پاڻيءَ جو مکيه ذريعو ائٽلانٽڪ اوشئن آهي. هن شهر سان به پاڻيءَ جي کوٽ جو شديد مسئلو آهي. جيتوڻيڪ هي پاڻيءَ جو مسئلو هن شهر جي آسپاس جي شهرن کي به 1930 کان اثر انداز ڪندو پيو اچي.
پاڪستان ۾ پاڻيءَ جي صورتحال تي نظر وجهنداسين ته قدرت طرفان پاڪستان کي پاڻيءَ جا انمول ذخيرا عطا ڪيا ويا آهن، پر پاڻيءَ جي شعبي تي ڪا خاص توجهه نه ڏيڻ ۽ مس مئنيجمينٽ هئڻ ڪري پاڪستان دنيا ۾ پاڻيءَ جي شديد قلت هئڻ ڪري دنيا ۾ 3 نمبر تي اچي ويو آهي. هن وقت پاڪستان کي پاڻيءَ جي کوٽ وڌندڙ آباديءَ سبب درپيش آهي جيڪا هاڻي اسٽريس ليول تي اچي وئي آهي. پاڪستان جي آزاديءَ جي شروعاتي سالن دوران ساليانو 56000 پر ڪيپٽا ڪيوبڪ ميٽر پاڻي هو جيڪو 1991ع ۾ گهٽجي 1800 ڪيوبڪ ميٽر پر ڪيپٽا تي پهتو ۽ 2016ع ۾ وڌيڪ گهٽجي 1000 ڪيوبڪ پر ڪيپٽا ميٽر تي پهتو. يو اين ڊي پي جي رپورٽ موجب پاڪستان 2025ع ۾ ايبسليوٽ واٽر اسڪل ٽي تي پهچندو، جنهن ۾ پاڻي جي کوٽ 500 ميٽر ڪيوبڪ واٽر تائين پهچندي. اهڙيءَ طرح سان پاڻيءَ جي شديد کوٽ ٿيندي. ارسا جي رپورٽ موجب پاڪستان کي هر سال سراسري 145 ملين في ايڪڙ پاڻي ملندو آهي، ان جو زياده تر حصو پهاڙن جي برف پگهرجندي ۽ باقي مون سون برساتن مان حاصل ٿئي ٿو. ان کان علاوه هر سال 50 کان 55 ملين ايڪڙ پاڻي زمين مان حاصل ڪجي ٿو. ڇو ته پاڪستان هڪ زرعي ملڪ آهي ۽ ان جي معيشت زراعت تي گهڻو ڀاڙجي ته پاڪستان جي GDP جو 20 سيڪڙو زراعت تي آهي، 93 سيڪڙو پاڻي زراعت تي استعمال ٿئي ٿو ۽ 5 سيڪڙو انڊسٽريز ۽ ڊوميسٽڪ طور استعمال ٿئي ٿو. ڪئنالن جو پراڻو نظام هئڻ ڪري هر سال 49 سيڪڙو پاڻي جو بخارات ۾ تبديل ٿيڻ ليڪيج، سيپيج ۽ پاڻيءَ جي چوري هئڻ ڪري ضايع ٿئي ٿو.
پاڪستان دنيا جو ڇوٿون نمبر وڏو ملڪ آهي جنهن جو هر سال پاڻي زمين مان ڪڍيو وڃي ٿو. پاڪستان ۾ ڊيمن ۽ ڍنڍن ۾ صرف 30 ڏينهن لاءِ پاڻيءَ جي گنجائش آهي. انڊيا ۾ 200 ڏينهن جي ۽ آمريڪا ۾ 900 ڏينهن جي گنجائش رکي ٿو. پاڻيءَ جي کوٽ جي مسئلي کي حل ڪرڻ لاءِ زرعي نظام بهتر بنائڻ لاءِ مختلف ڊيم ٺاهيا وڃن ۽ مختلف طريقا استعمال ڪري جنهن ۾ واٽر ڪنزرويشن، واٽر ري سائيڪلنگ ۽ گورننس شامل آهن، پراپر ڪئنال مئنيجمينٽ سسٽم بڻائي پاڻيءَ جي ليڪيج ۽ چوريءَ کي روڪي سگهجي ٿو ۽ هر صوبي ۾ ننڍا ڊيم ٺاهيا وڃن. گهريلو سطح تي پاڻيءَ جي ذيان کي روڪڻ ۽ بهتر طريقي سان استعمال ڪرڻ لاءِ عوامي سجاڳي مهم هلائي وڃي ته جيئن پاڻيءَ جي کوٽ کي روڪي سگهجي.

