خيرپور ۾ حادثو 20 ڄڻا اجل جو شڪار 5 زخمي
خيرپور ۾ ٽريفڪ حادثي ۾ 20 ڄڻا اجل جو شڪار 5 زخمي ٿي ويا. لاشن کي سول اسپتال منتقل ڪيو ويو، رينجرز به مدد لاءِ پهچي ڪاررواين ۾ حصو ورتو. ڏهه لاشن کي شناخت کانپوءِ وارثن حوالي ڪيو ويو آهي. اهي 10 ڄڻا خيرپور جا ئي رهائشي هئا، هي افسوس ناڪ حادثو خيرپور ۾ شاهه حسين باءِ پاس تي صبح 9 وڳي پيش آيو. جتي ڪراچي کان ڪوئلو کڻي ٽرڪ پنجاب وڃي رهي هئي ته ان جو راڻيپور کان ايندڙ مسافرن سان ڀريل وين سان ٽڪر ٿي پيو. پوليس مطابق ٻئي گاڏيون هڪ ئي روٽ تي سفر ڪري رهيون هيون، تمام لاشن کي سول اسپتال منتقل ڪيو ويو. مرڻ وارن ۾ مسافر وين جو ڊرائيور به شامل آهي، زخمين کي سول اسپتال داخل ڪيو ويو آهي.

