ڪهاڻيوننئون

ڪهاڻي: نَوان هٿيار

وڏي اَسر ويل سياري کي آجيان ڪرڻ لاءِ مينهن آگَم آگَم ڪري وسڻ کانپوءِ خدا ڀيک (خدا بخش) به پنهنجي ڀَلي ڏاندن جي جُوڙي سان هَرُ هلائي جڏھن ٿرٿيل ٿي ٿَڪيو ته چِلم ۾ ٽانڊُو وجهي حُقي جا وڏا ڪشَ هڻندي مزو وٺي رهيو هو. ٿڌڙي هيرَ جيڪا سياري جي اچڻ جا سَنيها ڏئي رهي هئي..! حُقي پيئڻ جي ڪري خدا ڀيک جو جسم حُقي مان نڪرندڙ دونهين جي ڪري ڪوسو ٿي رهيو هو. حُقي خدا ڀيک جا سارا ٿَڪَ لاهي ڇڏيا. هرُ هلائڻ جي ڪري هن جي جسم ۾ جيڪي نوان سورَ ۽ پراڻا پورَ اُڀريا هئا اهي سڀ حُقي پيئڻ سان اُڏري سڏري الائي ڪيڏانهن هليا ويا. هو هڪ نظر سان هرَ جي جاٽُن ڏي ڏسي وري حُقي جو ڪش هڻي حُقي مان ڀرپور مزو ماڻي رهيو هو، جيڪي جسم ۾ هر ڪاهڻ جي ڪري ٿڪ چڙهيا هئا سي سڀ حقي جي گرم ۽ وڻندڙ دونهين سان الائي ڪيڏانهن لهي ويا. حقي جو دونهون هن جي دل ۽ دماغ کي سُرور ڏئي رهيو هو.

خدا ڀيک حقو پي رهيو هو ته هن جي جوان الهڙ سِڪيلڌي ڌيءَ سِڪيلڌي ۽ ان جي سَهيلي ڪويتا به لسيءَ جي گهاگهر ۽ جوئر جي ماني کڻي اچي نڪتيون. سِڪيلڌي ۽ ڪَويتا جون پاڻ ۾ ٻٽيهه دليون هيون. هنن جي دوستي سڄي ڳوٺ ۾ مشهور هئي. ٻئي هڪٻئي تي ساهه صدقو ڪنديون هيون ۽ هنيانءُ گهورينديون هيون. ٻنهي جي سِڪ جو سَڳو مذهب جي پنجوڙ کان مضبوط هو. ٻنهي جي چيلهه چهبُڪ وانگر سَنهڙي هئي. ٻئي سُندر به ڪنهن سونهن جي ديويءَ کان گهٽ ڪونه هيون.

خدا ڀيک لسيءَ جي گهاگهر ۽ ماني جي ڀريل پِنڊي پنهنجي سِڪيلڌي ڌيءَ سِڪيلڌيءَ کان وٺي هنن کي گهر ڏانھن واپس روانو ڪيو. هو ٻئي ڀونئرن وانگر هيڏانهن هوڏانهن لَمڪا ۽ لئوڻا هڻنديون ڳوٺ ڏي واپس وريون. خدا ڀيک لسيءَ سان ماني کائي بيساخته اوڳرائي ڏيئي ڪڻڪ جي پوک لاءِ ڪاٿل هرَ کي هَرَ هَرَ ڏِسي خوش ٿي رهيو هو..!

خدا ڀيک جو ڳوٺ سنڌو درياهه جي ڪپَ تي آهي. سنڌو درياهه صدين کان هنن کي ماءُ وانگر نپائيندو، تاتيندو ۽ پاليندو رهيو آهي. هو ۽ هن جي ڳوٺ وارا تنهن جي ڪري سنڌو درياهه کي سنڌو ماتا سڏيندا آهن. هنن جي ڳوٺ ۾ پنجويهه ٽيهه گهرَ آهن. جنهن ۾ مسلمان ۽ هندو ٻئي بنا ڪنهن مذَهبي متڀيد جي رواداري سان گڏ رهندا آهن. هن جي ڳوٺ جا ماڻهو نمازن ۽ پرارتن کان بي پرواهه آهن. هنن جي هيڏي وڏي ڳوٺ ۾ نه مسجد آ..! نه مندر آ..! هنن جي ڳوٺ ۾ مسجد ۽ مندر بيشڪ نه هئا پر ماڻهو الله ۽ ڀڳوان کي دل سان ياد ڪندا هئا ۽ دل ئي دل ۾ پيا انهن جو ذڪر ڪندا هئا. انهن جون نيتون کير وانگر صاف هيون. انهن جي دلين ۾ الله ۽ ڀڳوان جو خوف تمام گهڻو هوندو هو. هنن جي هر گهر ۾ قرآن ۽ گيتا موجود هوندو هو، پر پڙهڻ ڪنهن کي به ڪونه ايندو هو. هو قرآن ۽ گيتا کي پاڪ پوتيون پارائي پينگهي ۾ رکي لوڏيندا هئا. ڪڏهن ڪڏهن سخت ضرورت پوڻ تي ڪنهن کان سَچي ڪرائڻي هوندي هئن يا قسم کڻائڻو پوندو هئن ته پينگهي مان کڻي ڪرائيندا هئا نه ته جاڏي تاڏي خير..! خدا ڀيک جي ڳوٺ ۾ مُلا ۽ پنڊت صرف وھانءُ يا مَرتيي ته ظاهر ٿيندا هئا وري جو ٽُٻي هڻندا هئا ته ٻيو مڙئي خيرُ..! سڄي ڳوٺ جا ماڻهو پاڻ ۾ ماٺ، ميٺ ۽ محبت سان رهندا هئا. ڏکئي وقت ۾ هڪ ٻئي جا ڇَپرَ ڇانوَ  ته سُکئي وقت ۾ هڪ ٻئي سان خوشين ۾ گڏ جهومندا وتندا هئا.

هڪ ڏينهن اوطاق ۾ موجود قديم بَڙَ جي ڇانوَ ۾ سنهڙي ململ جي ڇلوار ڪميسَ پاتل ۽ مٿي تي انگُوڇو ٻڌل خداڀيک سڪون سان حُقو پي رهيو هو. حقي جو دونهون وات ذريعي ڪجھه اندر اوتي رهيو هو ته ڪجهه ٻاهر ڪڍي رهيو هو. جيڪو دونھون جسم ۾ اندر وڃي رهيو هو اهو هن جي جسم ۾ هڪ لرزش پيدا ڪري رهيو هو. جيڪو دونھون ٻاهر نڪري رهيو هو اهو مختلف شِڪليون جوڙي وري ٽوڙي رهيو هو. خداڀيک حقي ۾ صفا مست الست لڳو پيو هو ته هن وٽ پاڙي واري ڳوٺ مان پير ڀيک (پير بخش) آيو…! جنهن خدا ڀيک کي هڪ ڳالهه ٻڌائي ته هي ملڪ آزاد ٿي ويو آهي…!

جنهن تي خدا ڀيک هن کي چيو آزاد ته هونئن به هياسين… مون کي پير ڀيک تنهنجي ڳالهه سمجهه ۾ نه آئي….!؟

معنيٰ اسان هاڻي فرنگين ۽ هندن جي غلاميءَ کان آزاد ٿي وياسين.. آزاد ٿي وياسين خداڀيک….!

خداڀيک کي وري به ڳالهه سمجهه ۾ نه آئي…..!

پير ڀيک وري ڳالهه ورجائي…..

نيٺ خداڀيک به هيڻائي مان ها ڪري وري خاموش ٿي ويو….!

هن حقي ۾ ٽانڊي کي سوري وري هڪ وڏو ڪَشُ هنيو……….!

ڪجهه ڏينهن ۾ ئي نوان ماڻهو ڪٽڪ جي صورت ۾ هنن جي ڳوٺ ۾ لٿا…..! هنن نون ماڻهن کي سرڪاري مشينري جي مڪمل حمايت هئي…!

هنن نون ماڻهن اچڻ سان ئي چيو توهان ڪهڙي قسم جو مسلمان آهيو…..! جو توهان نه روزا ٿا رکو….! نه نمازون ٿا پڙهو…! توهان وٽ نه مسجد آ…! نه ملا آ. وڏي ڳالهه ته توهان جي پاڙي ۾ هندو به رهن ٿا جيڪي ڪٽا ڪافر آهن… توهان انهن جي خلاف جهاد به نه ٿا ڪيو..! توهان نه اڙدو ٿا ڳالهايو جيڪا خدا جي ٻولي آهي..  نه ئي وري توهان پاجاما ٿا پايو جيڪا مسلمانن جي مذهبي لباس آهي. توهان ڪهڙي قسم جا مسلمان آهيو… هنن نون آيل نون مسلمانن ڄڻو پاڻ سان گڏ نوان خدا آندا…! هنن خداڀيک جي ڳوٺ وارن تي ڏاڍيون چٿرون ڪيون….! ايتري تائين جو هنن چيو توهان ته صفا گڏھ چاريندڙ قوم آهيو…!

پر خداڀيک ۽ ڳوٺ وارن هنن جي ٽوڪن ۽ چٿرن کي ڪو گاهه ئي نه وڌو…! انهن ٺٺولين کي نظر انداز ڪري وري به هنن کي دلين ۾ جايون ڏنيون…

هنن پاڻ کي بهتر مسلمان سمجهيو ۽ هندن کي پاڙي ۾ به رهڻ جي لائق نه سمجهيو. پاڻ کي اتم اعليٰ نسل جو مسلمان سمجهڻ جي بنياد تي هنن ڪِليم ڪيا. هنن جي ڪليم ۾ سڀني هندن کي لڏائي انهن جا گهر هنن کي ڏنا ويا، انهن جو زمينون هنن کي ڏنيون ويون ۽ انهن جون جائيدادون به هنن کي ڏنيون ويون… هي ڏينهن جو مذهب جا نعرا هڻڻ وارا رات جو مينا بازاريون ملهائڻ لڳا.  پوءِ به خدا ڀيک وارن هنن سان ڪوبه حساب ڪتاب نه ڪيو. ڪو به پڇاڻو نه ڪيو.  هيڏي تعدي بعد ردِعمل ۾ هنن کي برو ڀلو به نه چيو. پوءِ به هنن سان کلي ملي رهڻ لڳا.

هڪَ سال خداڀيک وارن جي صوبي کي ختم ڪيو ويو ۽ ان سان گڏ ان سال درياهه ۾ پاڻي به ڪونه آيو.. ڇو جو سنڌو درياهه ۾ ڇوڙ ڪندڙ ٽي درياهه وھڻ بند ٿي ويا..! خدا ڀيک  جي ڳوٺ وارن ان سال هر محاذ تي مزاحمتن جو اعلان ڪيو. زبردست هڙتالون ۽ احتجاج ڪيا. جنهن ۾ هنن نون آيل مهمانن هنن جي حمايت ته ڪونه ڪئي مورڳو هنن تي چٿرن ۽ تهمتن جا تير وسايا. چي…! توهان ڪافر آهيو.. جو توهان ايئن مظاهرا ٿا ڪيو.. ڇاڪاڻ ته هي سڀ تڪليفون توهان تي خدا جي طرفان نازل ٿيل آهن….! توھان جي افعالن جي ڪري هي سڀ مصيبتون توهان تي مٿان ڪِريون آهن. تنهن هوندي به خداڀيک وارا  پنهنجو احتجاج ڪامياب ڪرائي ويا. مٿين سرڪار کي هنن ڪامياب هڙتالن ۽ احتجاجن تي سخت صَدمو رسيو ۽ پوئتي پير ڪرڻا پيا…!

هاڻي مٿين سرڪار کي مٿي ۾ اهڙي ڦڦڙي لڳي جو وڃي ٿيا ست خير..! مٿين سرڪار کي مٿي ۾ اچي سور پيو ڇا ڪري جو هو منجهي پيا ته مذهب  هاڻي سڀني جو ساڳيو بچيو هو. هنن مذهب مان هٿ ڪڍي وري ٻوليءَ کي کنيو.! نيٺ مٿين سرڪار هنن جي ڳوٺ ۾ ٻوليءَ تي جهيڙا ۽ جهڳڙا ڪرائڻ ۾ ڪامياب وئي. هزارين ماڻھو موت جي منهن ۾ هليا ويا. خداڀيک جي سڪيلڌي ڌيءَ سڪيلڌي به انهن جھيڙن ۾ وڏي بيحرمتي سان مارجي وئي. هوءَ ايئن سفاڪ طريقي سان ماري وئي جو لکي نه ٿو سگهجي. هاڻي مذهب ڪم جو نه رهيو هنن ٻولي، رنگ ۽ نسل مان هڪ اهڙو هٿيار ٺاهيو جنهن کي هو استعمال ڪري پنهنجو ڪم ڪڍندا رهيا. اڄ به هو ان نئين ٺاهيل هٿيار يعني نئين خدا سان هو پنهنجو هر جائز ۽ ناجائز ڪم ڪن ٿا پيا..! پر هو ڪيستائين ايئن نوان خدا ٺاهيندا رهندا…! ماڻهن کي پاڻ ۾ ورهائيندا، ويڙهائيندا ۽ مارائيندا رهندا…!

***