شاھ لطيف پيار محبت جو شاعر
راشد شر
شاھ لطيف دنيا جو اھو عظيم مفڪر شاعر آھي جنهن جي ھر شعر جي ھڪ ھڪ سٽ ۾ انتهائي عالماڻي فلسفياڻي
لهجي جي سوچ شامل آھي. لطيف جي ان فن فڪر تي ھند سنڌ سميت پوري دنيا جي يونيورسٽين جا اسڪالر، عالم، اديب، ايم فل ۽ پي ايڇ ڊي جو تحقيقي ڪم ڪرڻ ۾ مصروف آھن. لطيف تي ٿيندڙ ان تحقيقي ڪم جي وڏي دلچسپ ڳالھ اھا به آھي ته پي ايڇ ڊي جھڙين وڏين ڊگرين جي ڪلاسن جا استاد شاگرد اسڪالر شاھ سائين جي سڄي ڪلام تي ڪم ڪرڻ ۾ نٿا ماپجن جنهنڪري سندن جي تحقيق جو عنوان لطيف جو ڪو ھڪ سُر يا وري ھڪ بيت ھجي ٿو جنھن تي بحث ايترو ته وسيع ٿي وڃي ٿو جو وڏي بحث ۽ کوجنا سان ان جا نتيجا ۽ عنوان جو جوھر نڪري ٿو.
شاهه لطيف تي گهڻ پاسائي تحقيقي ڪم هلي رهيو آهي شاھ لطيف هڪ اهڙو عظيم فلاسافر شاعر آھي جنھن جي علم عقل ۽ سوچ جي شاعري تي ھزارن جي تعداد ۾ دنيا جي ڪنڊ ڪڙڇ جي لائبريرين رسالن اخبارن ۾ مضمون مقالا ڪالم ۽ ڪتاب ڇپبا رھن ٿا.
شاھ سائين جي شاعري نه صرف انساني سماج پر سندس ڪلام ماڻھن، مرن، پکين، جيتن جي چرپر کان ويندي زمين آسمان سميت ھوا باھ پاڻي جي رنگن جي چرپر کي اپٽاريو ويو آهي يا ائينءَ کڻي چئجي ته شاھ سائين پوري فطرت جي رنگن کي ڀاڪر ۾ کڻي پنهنجي ڪلام ۾ ميڙي گڏ ڪيو آھي ۽ ائينءَ گڏ ڪيو آھي جو اسان کي پوري دنيا جي تصوير سندس رسالي ۾ ساھ کڻندي نظر اچي ٿي. پاڻ ھن مضمون ۾ شاھ سائين جي حسن پيار محبت واري شاعري جو مختصر ذڪر ڪنداسين ڇو ته لطيف جو ھي موضوع ڪو عام ناھي پر لطيف جي شاعري جو گھڻو حصو ان رنگ ۾ رڱيل آهي جيئن ته پيار ۽ محبت فطرتي عمل آھي جيڪو ازل کان جاري آھي جنھن جي منزل به ابد ئي ٿي سگھي ٿي ڇو ته پيار کانسواءِ انسان ۽ ٻيو ساھ وارو جانور ائينءَ آھي جيئن اکين ھوندي انڌو، ڪنن ھوندي ٻوڙو ۽ پيرن ھوندي منڊو مطلب پيار ھڪ فطري جبلت آھي.
ھاڻ جڏھن اسين لطيف جي ان رنگ جي شاعري کي وائکو ڪنداسين ته شاھ سائين جي شاعري جا گھڻا سُر پيار محبت ۽ حُسن پرستي کي پوڄيندي نظر ايندا ۽ ان قسم جي شاعري جي سرھاڻ هونئن ته سڄي رسالي اندر ھوندي ئي ھوندي پر گھڻي قدر لطيف جي ھنن سُرن ۾ ان محبت جي جماليات جا رنگ گلن تي پوپٽ جيان پھرو ڪندي نظر ايندا انھن سُرن ۾ سُر سامونڊي، سُر کنڀات، سُر سھڻي، سُر سسئي، سُر رپ، سر آسا اھم آھن جن ۾ محبت جو ميٺاڄ حسُن جي پوڄا ۽ عشق جي تعريف ٿيل آھي جيئن هن بيت ۾ چيل آهي:
سَرَ نِسريا پاندَ، اُتر لڳا، آءُ پِرين!
مون تو ڪارڻ ڪانڌ! سَھسين سُکائون ڪيون.
جڏھن وڻجارا واپار سانگي پرديس تي سمنڊ جي ٻئي پار ڏورانهن علائقن ڏانھن وڃي مڇي وڪرو ڪرڻ وڃن ٿا ته سندن گھر واريون سڪ ۾ الوٽ ٿي وڃن ٿيون موسم مٽجي وڃي ٿي سر نسري وڃن ٿا اتر جا تيز واچوڙا گھلن ٿا پر وڻجارن جو پرديس مان واپس نه ورڻ وڻجارن جي گھر وارين لاءِ انتهائي اذيت ڏيندڙ وقت ھجي ٿو
ايتري سڪ اڪير جي ڊگھي تڙپ جي وڇوڙي کانپوءِ جڏھن پنھنجن گھرن ڏانھن ورن ٿا ته سندن محبوبائون محبت ۾ نٿيون ماپجن پنھنجي گھر وارن ۽ پيارن سان محبت جو اظھار ڪندي چنبڙي وڃن ٿيون کين وري واپار لاءِ جلد واپس ورڻ نٿيون ڏين. لطيف انھن سمنڊ ڪناري تي رھندڙ واپاري ماڻھن جو اخلاقي قدر ڪندي انھن جي سوچ لوچ پيار محبت ۽ اُڪير کي نظر انداز ڪرڻ نٿو ڄاڻي بلڪه کُلئي طرح سمنڊ تي رھندڙ وڻجارن جي محبوبائن جي منظرڪشي ۾ سُر سومانڊي کين ارپيو آھي ۽ انھن جي سموري سڪ ۽ جهريل جيءَ کي پنھنجي شاعري ۾ ايترو ته جاندار ڪري ڇڏيو آھي جو لطيف جي ھن سر کي پڙھڻ سان ائينءَ محسوس ٿيندو ڄڻ بذات خود اھي ڪردار پاڻ ڳالھائيندا ھجن.
وڃيئي وِسري شال! جو تو سودو سِکِيو،
اَڃا آئين ڪالَ پڻ تو سفر سنبهين!
شاھ لطيف خود ان انساني سماج جو فرد ھو جتي سيڪس ھڪ اھم ۽ ضروري بحث رھيو آھي جنھن جي انسان کي خواھش به رھي آھي ته ضرورت به ان لاءِ لطيف ان انساني ضرورت جي به عڪاسي کان ڪونه مُڙيو آھي.
اڄ پڻ اُميدون آگم سنديون اُڀ ۾،
ساوَڻ پَسي سرتيون ! سڄڻ ساريو مون،
آئون آسائتي آھيان، مانَ ڀِڄائي ڀوُن،
گھرِ تہ گُھرجين تون، مند مڙيئي مينهن جي.
ٻئي هنڌ چوي ٿو:
ڪانڌ! تُنھنجي پاندَ ري، سيءَ مَران سَڀ راتِ،
ڪامل ڪَپاھُن ۾، جهپ نه اچي جھاتِ،
اَچين جي پِرڀاتِ، تہ آئون سيءُ نه ساريان.
لطيف جتي سامونڊين جي محبت جو قدردان آھي ته اتي سسئي جي عشق ۽ پنھون سان پيار جي انتھا جو به ضامن آھي. لطيف جي پرک جيڪڏھن عشق پيار محبت جي شاعر طور ڪرڻي ھجي ته ان جو اندازو لطيف جي سُر سھڻي ۾ سھڻي ۽ ميھار جي محبت مان لڳائي سگھجي ٿو ته جڏھن سھڻي کان ميھار ڌار ٿئي ٿو ۽ ميھار درياءَ جي ٻئي ڪپ تي پنھنجو آستانو اڏي ويھي ٿو تڏھن سھڻي جي ميھار سان عشق جي انتھا ٿئي ٿي ۽ لطيف سھڻي ميھار جي عشق پيار ۽ محبت جي فوٽوگرافي ڪري ٿو.
گھڙي گھڙو ھَٿِ ڪري، الاھي تُھارَ!
ڄَنگھ ڄَرڪي وات ۾، سِسي کي سيسارَ،
چُوڙا ٻيڙا چِڪ ۾، لُڙ ۾ لُڙھيس وارَ،
لکين چُھٽيس لوھِڻيون، ٿيلھيون ٿَرِنئون ڌارَ،
مِڙيا مَڇَ ھزارَ ، ڀاڱا ٿيندي سُھڻي!
لطيف وٽ جيڪڏھن محبوب جي چھري، ڳل، تر، زُلف ۽ نخريلين اکين جي ڪيفيت جي پرک وٺڻي ھجي ته سندس جي سر آسا ۽ سر ڪاموڏ ۾ اھڙا ڪيترائي بيت اسان کي ملندا جن ۾ حُسن يار جي تعريف ٿيل ملندي.
اکين ۾ ٿي ويھُ، ته آئون واري ڍَڪِيان ،
توکي ڏِسي مَ ڏيھُ، آئون مَ پَسان ڪِي ٻيو.

