ڪنڌڪوٽ، ڪچي ۾ راڪيٽ جو گولو ڦاٽڻ سبب ٻارن سميت 7 ڄڻا اجل جو شڪار
ڪنڌڪوٽ جي ڪچي ۾ راڪيٽ جو گولو ڦاٽڻ سبب عورتن ۽ ٻارن سميت 7 ڄڻا اجل جو شڪار ٿي ويا. ڳوٺ بگي سبزوئي ۾ مال چاريندڙ ٻارن کي هٿ آيل راڪيٽ جو گولو ماستر علي نواز سبزوئي جي گهر ۾ ڦاٽي پوڻ سبب اياز، نياز، راشد محمود ۽ حنيفه سميت 7 ڄڻا موت جو کاڄ بڻجي ويا، 2 ڄڻا زخمي ٿي پيا. مارجي ويلن جي لاشن ۽ زخمين کي اسپتال منتقل ڪيو ويو، پوليس معاملي جي جاچ شروع ڪري ڇڏي آهي. نگران وڏي وزير مقبول باقر واقعي جو نوٽيس وٺندي آءِ جي سنڌ پوليس کان رپورٽ طلب ڪري ورتي آهي. نگران وڏي وزير چيو ته راڪيٽ جو گولو ڳوٺ ۾ ڪيئن پهتو، ڇا هٿيارن جي کيپ ڪچي ۾ اسمگل ٿي رهي هئي؟، راڪيٽ جو گولو ڪيئن بلاسٽ ٿيو؟ تفصيلي رپورٽ پيش ڪئي وڃي.