اپوزيشن وارا پاڪ فوج کي چئي رهيا آهن ته چونڊيل حڪومت ڪيرايو: وزيراعظم
وزيراعظم عمران خان چيو آھي ته اپوزيشن وارا پاڪ فوج کي چئي رهيا آهن ته چونڊيل حڪومت ڪيرايو، ملڪ معاشي مسئلن مان نڪرڻ لڳو آهي ته پي ڊي ايم وارا ٻيهر سرگرم ٿي ويا آهن، شڪ آهي ته ايندڙ بجيٽ ۾ به رُخنو وجهندا، پر کين ڪاميابي نه ملندي، وزيراعظم عمران خان عوام سان ٽيليفون تي لائيو ڳالھ ٻولھ دوران اپوزيشن تي تنقيد ڪندي چيو ته اپوزيشن پهرئين پي ٽي آءِ حڪومت کي نااهل قرار ڏنو، اُنهن گڏجي چيو ته اين آر او ڏيان، نه ته حڪومت هلڻ نه ڏيندا، هاڻي پريشان آهن ته نااهل قرار ڏنل حڪومت ۾ گروٿ ريٽ ڪيئن وڌي ويو، پي ڊي ايم وارا ملڪ ۽ قوم لاءِ نه، پر ذاتي مفادن لاءِ نڪري رهيا آهن، اُهي ڪرپشن جا ڪيس ختم ڪرائڻ لاءِ نڪتا آهن ۽ سمجهن ٿا ته بليڪ ميل ڪري ڪامياب ٿي ويندا، قوم پي ڊي ايم جي پويان نه لڳندي، لائيو ڪالز دوران وزيراعظم چيو ته ماحولياتي تبديلي سبب پاڻي گهٽجي ويو ته صوبن جي حصي ۾ ڪٽوتي ٿي، حيرت آهي ته پاڻي جي پيمائش لاءِ ٽيليميٽري سسٽم اڃان تائين ڪم نٿو ڪري، موجوده حڪومت ٽيليميٽري سسٽم تي ڪم ڪري رهي آهي، جلد سسٽم لڳي ويندو، پاڻي ورڇ جو نظام اهڙو هجڻ گهرجي جو سمورا صوبا سمجهن ته کين پورو حصو مليو آهي، صوبن ۾ به پاڻي جي ورڇ جو تمام وڏو مسئلو آهي، غريب هارين ۽ آبادگارن جو پاڻي چوري ٿي رهيو آهي، غريب هارين جو پاڻي طاقتور چوري ڪن ٿا، سنڌ سرڪار جي ذميواري آهي ته صوبي ۾ غريب هارين تائين پاڻي پهچائي، رينجرز جون خدمتون ڏيڻ لاءِ تيار آهيون، سڄي ملڪ ۾ پاڻي جو مسئلو آهي.

