ملڪ جو 80 سيڪڙو ٽيڪس 300 ڄڻا ڏيندا: شبر زيدي
چيئرمين فيڊرل بورڊ آف روينيو (ايف بي آر) شبر زيدي چيو آهي ته ملڪ جي ٽيڪس ڪليڪشن ۾ پگهاردار طبقي جو حصو 5 کان 6 سيڪڙو آهي. جڏهن ته ملڪ جي سموري ٽيڪس ڪليڪشن جو 80 سيڪڙو صرف 350 ڄڻا ڏيندا آهن. هن وڌيڪ چيو ته هن سال ٽيڪس وصولين جو مقرر هدف 5 هزار ارب رپيا رکيو ويو آهي. ڪالهه هڪ نجي ٽي وي پروگرام ۾ شبر زيدي اهو به ٻڌايو ته پنهنجي ملڪيت ڪنهن ٻئي جي نالي تي رکڻ کي بي نامي جائيداد سڏيو ويندو آهي ۽ بي نامي جائيداد رکڻ تي 5 سال قيد ۽ ڏنڊ جي سزا ٿي سگهي ٿي.