خاص

يوٽيلٽي اسٽورن تي عوام کي رڳڙو، تيل 27 رپيا ۽ گيهه 39 رپيا مهانگو

سڄي ملڪ ۾ ڪورونا وائرس سبب افراتفري ۽ ڊپ واري صورتحال دوران يوٽيلٽي اسٽورن تي وزيراعظم جي اعلانيل رليف پئڪيج باوجود کاڌي جو تيل 27 رپيا ۽ گيهه 39 رپيا في ڪلو مهانگا ٿي ويا. جنهن کانپوءِ برانڊڊ گيهه 200 رپيا في ڪلو کان وڌي 239 رپيا ۽ تيل 214 رپين کان وڌي 241 رپيا في ڪلو ٿي ويو آهي. واڌ جو نوٽيفڪيشن به جاري ٿي ويو. ٻئي طرف يوٽيلٽي اسٽورز ڪارپوريشن جي ترجمان جو چوڻ آهي ته جن شين تي سبسڊي ڏنل آهي، انهن جا اگهه نه وڌايا ويا آهن، فقط ٻن برانڊن گيهه ۽ تيل جي اگهن ۾ مينوفيڪچر ڪمپني اضافو ڪيو آهي