بدين ضلعي جي حدن ۾ ھڪ روڊ حادثي ۾ فوت ٿيندڙ نوجوان جي ڪيس جو فيصلو هڪ ڀوتار جي اوطاق تي آيو، جنهن ۾ ڳالهيون ٻڌڻ کانپوءِ فيصلو ٻڌايو ويو ته نوجوان جو خون ٿيو آهي، ان ڪري ان جو عيوضو 10 لک رپيا ۽ هڪ سڱ چٽي آهي، جيڪو ڏوهاري ڌر ڀريندي. اهڙي فيصلي تي فيصلي لاءِ آيل ٻئي ڌريون اٿي بيٺيون هڪڙي ڌر چيو ته اسين سڱ چٽي نه ڏينداسين ۽ ٻي ڌر چيو ته اسين سڱ چٽي نه وٺنداسين. ٻنهي ڌرين پاران گوڙ ڪرڻ تي ڀوتار چيو ته فيصلو مون ڪيو آهي ۽ اهو برقرار رهندو باقي جيڪڏهن سڱ چٽي ۽ 10 لک واري سزا کي ڌريون بخش ڪن يا بخشرائين ته اهو انهن جو معاملو آهي. بدين لاڙ آهي جتي اڃان تائين ماڻهن جي گهڻائي فيصلن ۾ معافي وٺڻ تي خون معاف ڪري ڇڏيندي آهي ۽ ڏنڊ وٺڻ کي ذات تي داغ تصور ڪندي آهي، مگر ھاڻ لاڙ ۾ اتر سنڌ وارن ضلعن ۾ ٿيندڙ جرڳن ۾ سزائن جو ورجاءُ ساڳيو ٿيندو پيو وڃي. سڱ چٽي جي فيصلي ڪندڙ طرفان اها اهڙي سزا سمجهي پئي وڃي ڄڻ ان سان هو سمجهي رهيو آهي ته اهو ڪنهن به ڏوھ جو صحيح بدلو آهي. ساڳئي ضلعي ۾ هڪڙو شخص ٻئي ذات واري مائي کي وٺي غائب ٿي ويو تڏهن ڇوڪريءَ جي مائٽن پنهنجون ٽي نياڻيون پنهنجن هٿن سان ڇوڪريءَ جي مائٽن کي امانت طور ڏنيون ۽ ٻنهي ڌرين ۾ اهو طئي ٿيو ته جيستائين ڇوڪري واپس نه ايندي تيستائين عيوضي ۾ امانت طور ڏنل ٽئي نياڻيون ڇوڪريءَ وارن وٽ امانت طور رهنديون. ڇوڪريءَ وارن ٽئي نياڻيون امينن آڏو امانت طور وصول ڪيون ۽ انهن کي پنهنجي گهر ۾ نياڻين وانگر ترسايو، اهي نياڻيون ان وقت تائين امانت ۾ رهيون جيستائين ڇوڪري واپس گهر نه موٽي آئي. پٽ جي ڪنهن عمل جي عيوض پيءُ پنهنجون نياڻيون ٻي ڌر جي ماڻهن کي امانت طور ڏئي ۽ ٻي ڌر اهي امانت طور وٺي ۽ پاڻ وٽ ويهاري. قانون ۽ اخلاق انهيءَ جي ڪابه اجازت نٿا ڏين، پر پوءِ به اها هڪ اهڙي روايت رهندي اچي جنهن کي فيصلن ۾ سزا جو معيار بڻايو ويو آهي، ان جو پسمنظر اهوئي آهي ته عورت ذاتي ملڪيت وانگر ڪا اهڙي شيءِ آهي جنهن کي عيوضي ۾ ڏيڻ ڌرين جي معاملن ۾ انصاف جي گهرج آهي، هڪڙي ڌر ٻي ڌر جي ڪنهن عورت سان ڇيڙ ڇاڙ يا پيار ڪري ته ٻي ڌر وٽ انصاف اهو ٿي پوي ٿو ته ٻي ڌر به پهرين ڌر جي عورتن ۾ هٿ وجهي. ڀوتارن وارو سماج اهڙين روايتن کي نه رڳو زنده رکندو آيو آهي ۽ رکڻ سان گڏ ان کي سزا جو معيار ۽ انصاف جي تقاضا سمجهي ٿو.