معافي قبول: سپريم ڪورٽ طرفان مرتضيٰ وھاب کي ھٽائڻ وارو فيصلو واپس
سپريم ڪورٽ گٽر باغيچي ڪيس جي ٻڌڻي دوران سخت لهجو استعمال ڪرڻ تي ايڊمنسٽريٽر ڪراچي مرتضيٰ وهاب کي سندس عهدي تان هٽائي ڇڏيو ۽ ڪجهه دير بعد معافي وٺڻ تي بحال ڪري ڇڏيو. ڪراچي رجسٽري ۾ ڪيس جي ٻڌڻي دوران ايڊمنسٽريٽر مرتضيٰ وهاب عدالت ۾ پيش ٿيو. جسٽس امين قاضي ان موقعي تي مرتضيٰ وهاب کي مخاطب ٿيندي چيو ته هي زمينون رياست جون آهن، توهان جي ذاتي ملڪيت نه آهن. اهي زمينون توهان کي واپس ڪرڻيون پونديون. اسان نه وٺنداسين ته ٻيو ڪو اچي توهان کان وٺندو.

