پاڪستان ۽ آمريڪا جا تعلقات هڪ نئين رخ ڏانهن وڃي رهيا آهن: شاهه محمود قريشي
هڪ تقريب ۾ خطاب ڪندي وفاقي پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي چيو ته ايف اي ٽي ايف ڪارڻ پاڪستان ۽ آمريڪا جا تعلقات خراب ٿي ويا هئا جيڪي بعد ۾ پاڪستان جي ڊپلوميسي ۽ آمريڪا جي طالبان سان مذاڪرات ڪرائڻ بعد هڪ نئين رخ ڏانهن وڌي رهيا آهن. هن وقت به دوحا ۾ آمريڪا ۽ طالبان وچ ۾ مذاڪرات جاري آهن جنهن جو مثبت نتيجو نڪرندو. پرڏيهي وزير چيو ته افغانستان ۾ امن قائم ٿيڻ بعد نه صرف پاڪستان وچ ايشيا مان سستي توانائي خريد ڪري سگهندو پر ان سان ملڪ جي معيشيت به مضبوط ٿيندي ۽ برآمدات ۾ اضافو ٿيندو. هن وڌيڪ چيو ته جڏهن اسان جي حڪومت آئي هئي ته ان وقت سعودي عرب ۽ گڏيل عرب اماراتن سان اسان جا تعلقات خراب هلي رهيا هئا ساڳئي وقت ايران سان تعلقات ۾ به خرابي اچي وئي هئي.