لاهور ۽ ڪراچي وچ ۾ وي آءِ پي ٽرين هلائڻ جون تياريون مڪمل
لاهور ۽ ڪراچي وچ ۾ نئين وي آءِ پي ٽرين هلائڻ جون تياريون مڪمل ٿي ويون آهن. هن ٽرين کي جناح ايڪسپريس جو نالو ڏنو ويو آهي ۽ ان جو افتتاح وزيراعظم عمران خان هن ئي مهيني ۾ ڪندو. هن ٽرين جي ٽڪيٽ 7 هزار رپيا رکي وئي آهي جڏهن ته هن ٽرين جي خاص ڳالهه اها آهي ته هن ٽرين ۾ اڳوڻي وزيراعظم ذوالفقار علي ڀٽو جي استعمال ۾ رهندڙ لگزري سيلون به آهي، جيڪو هن وقت وزيراعظم عمران خان جي استعمال هيٺ رهندو. جنهن ۾ ڪانفرنس ۽ ميٽنگز لاءِ ڪيبن ۽ وي آءِ پي ڪچن جون سهولتون موجود آهن.

