پاڪستانخاصنيو‍‍ز

نگران صوبائي گهرو وزير پاران ماڙي جلباڻي ۾ مارجي ويل ڳوٺاڻا شهيد قرار معاوضي جو اعلان

صوبائي گهرو وزير ۽ آئي جي سنڌ ڳوٺ ماڙي جلباڻي پهچي رينجرز ۽ پوليس چڙهائي واقعي ۾ مارجي ويل چئن ڳوٺاڻن جي وارثن سان تعزيت ڪئي ۽ واقعي جي شروعاتي مليل ڄاڻ مطابق مليل موقف تي معذرت ڪئي، ڳوٺاڻن جي بيگناهه قتل تي افسوس ڪيو ۽ چيو ته هو کين شهيد سمجهي ٿو. نگران گهرو وزير چيو ته وزير اعليٰ سنڌ پاران فوتين جي وارثن لاءِ 80/80 لک ۽ زخمين کي 20/20 لک رپيا ڏيڻ ۽ سندن اولاد جي ڪفالت جو ذمو کڻڻ جو اعلان ڪيون ٿا. صوبائي گهرو وزير چيو ته واقعي بابت انڪوائري هلندڙ آهي، ايندڙ هڪ هفتي اندر مڪمل رپورٽ بعد واقعي جي حتمي رپورٽ سامهون آڻينداسين. جنهن بعد ملوث اهلڪارن بابت ڪارروائي ڪئي ويندي.