سپريم ڪورٽ آرمي چيف جي ملازمت جي مدي ۾ واڌ جو نوٽيفڪيشن معطل ڪري ڇڏيو

 

سپريم ڪورٽ آرمي چيف جنرل جاويد باجوه جي ملازمت جي مدي ۾ واڌ جو حڪم نامون رد ڪندي ان کي عوامي اهميت جو معاملو قرار ڏيندي، چيف جسٽس پاڪستان آصف سعيد کوسا جي سربراهي ۾ جسٽس مظهر عالم ۽ جسٽس منصور علي شاهه تي مشتمل سپريم ڪورٽ جي ٽي رڪني بينچ آرمي چيف جي ملازمت ۾ واڌ جي خلاف جيورسٽ فائونڊيشن جي درخواست جي ٻڌڻي ڪئي. جيورسٽ فائونڊيشن جي وڪيل رياض حنيف راهي آرمي چيف جي ملازمت جي مدي ۾ واڌ جي خلاف درخواست واپس وٺڻ جي استدعا ڪئي. عدالت استدعا منسوخ ڪندي چيو ته ڪيس وٺڻ جي لاءِ هٿ سان لکيل درخواست سان گڏ ڪو حلفيه بيان ڪونهي، خبر ناهي ته مقدمون آزادانه طور تي واپس ورتو پيو وڃي يا نه. اٽارني جنرل پاڪستان انور منصور ٻڌايو ته 29 نومبر تي آرمي چيف رٽائر ٿي رهيو آهي سندس ملازمت جي مدي ۾ واڌ جو نوٽيفڪيشن صدر پاڪستان جي منظوري کانپوءِ جاري ٿي چڪو آهي. سپريم ڪورٽ ان فيصلي تي ڪيترائي ٽيڪنيڪل اعتراض واري ڇڏيا آهن. اٽارني جنرل، جنرل باجوه جي مدي ۾ واڌ جا  ڪاغذ ۽ وزيراعظم جي صدر کي سفارش عدالت ۾ پيش ڪئي.