ايڊيٽوريل

زراعت جي ترقي ملڪ ۾ ادائگين جي توازن کي بهتر ڪري سگهي ٿي

ٻه مظهر پاڪستان جي زندگي ۾ اهم آهن، هڪ سنڌو ندي، انهيءَ جو پاڻي، اسانجي زرخيز زمين ۽ زراعت. ملڪ جي 65 سيڪڙو آبادي سڌي اڻ سڌي طرح زراعت سان لاڳاپيل آهي، انهيءَ جو مطلب آهي ته زراعت سان ئي اسان جو جيئڻ آهي ۽ زراعت جي ترقي اسانجي زندگين کي خوشحالي جي طرف وٺي وڃي سگهي ٿي. ڊپٽي گورنر اسٽيٽ بينڪ پنجاب صوبي جي شهر ڀوريوالا ۾ زرعي سينٽر جو افتتاح ڪندي بنيادي ڳالهه ڪئي آهي ته ملڪ جي زراعت جيڪڏهن سرپلس ٿئي يعني ان ۾ واڌ اچي ته اسانجي ادائگين جي توازن ۾ به بهتري اچي سگهي ٿي.
ملڪ جي زراعت جو جائزو وٺجي ته اسان هن ترقي يافته دور ۾ پنهنجي زراعت کي جديد سائنسي اصولن جي مطابق ترقي نه ڏئي رهيا آهيون، جنهن سبب پاڪستان ڪيترن ئي سالن کان معاشي بحران جو شڪار آهي، جنهن ڪري مهانگائي ۾ ڏينهون ڏينهن اضافو ٿي رهيو آهي. گذريل ڪجهه سالن کان عام ماڻهو کان وٺي وچولي طبقي تائين سڀ ماڻهو انهيءَ کان متاثر ٿيا آهن، ان ڪري اسان جي گذريل پي ڊي ايم سرڪار ۽ موجوده نگران حڪومت انهيءَ ڳالهه جي ڪوشش پئي ڪئي آهي ته ايس آئي ايف سي جي تحت پاڪستان ۾ سرمائيڪاري جي امڪانات کي موقعن ۾ تبديل ڪجي ۽ ملڪ جي زرعي شعبي ۾ عالمي سرمائيڪارن کي راغب ڪجي. اسين وري به اها ڳالهه ڪندا هلون ته بنيادي طرح اسانجو ملڪ هڪ زرعي ملڪ آهي، پر اسانجون ناقص پاليسيون زرعي شعبي کي پويان وٺي ويون آهن. اسان کي زراعت ۾ خود ڪفالت، کاڌي پيتي جي شين ۾ پاڻ ڀرائي پهرئين ڏينهن کان موجود هئڻ کپندي هئي، پر ٿيو ائين آهي ته اسين انهن لاءِ زرمبادلو خرچ ڪندا رهيا آهيون. ڪڏهن ته اسين کنڊ پيا گهرايون ته ڪڏهن ڪڻڪ. ائين به آهي ته دالون به اسان امپورٽ ڪيون آهن، ملڪي معيشت ۾ زراعت جو حصو جي ڊي پي جو 23 سيڪڙو آهي، آبادي جي تناسب سان انهيءَ کي گهٽ ۾ گهٽ ٻيڻو هجڻ کپندو آهي. جڏهن ته 37.4 فيصد مزدور ۽ هاري انهيءَ شعبي مان روزگار حاصل ڪن ٿا. مٿي اسين ذڪر ڪري آيا آهيون ته آبادي جو 65 سيڪڙو زراعت سان لاڳاپيل آهي.
تڏهن ثابت ٿئي ٿو ته زراعت سان لاڳاپيل آبادي جو اڌ بيروزگار آهي. پاڪستان جي آبادي ۾ تيزي سان اضافي جي ڪري رڳو ڪڻڪ جو مثال ئي وٺجي ته پيداوار ۽ کپت جي وچ ۾ 5 ڪروڙ ميٽرڪ ٽن جو فرق آهي. جيئن ته کپت 30 ڪروڙ ميٽرڪ ٽن آهي ۽ پيداوار 25 ڪروڙ ميٽرڪ ٽن آهي، زراعت جي شعبي ۾ عدم توجهه ۽ فصلن تي لاڳت وڌيڪ آهي. ڀاڻ ۽ ٻج يا ته نقلي آهن يا انهن جون قيمتون آبادگار جي قوت خريد کان مٿي آهن. اسين اها ڳالهه ڪندا هلون ته زراعت تي توجهه اسانجي ملڪ جا گهڻا مسئلا حل ڪري سگهي ٿي. جيڪڏهن اسان جون سرڪارون زراعت دوست ٿين، ڪسان دوست ٿين ته پوءِ پاڪستان جا بنيادي مسئلا حل ٿي سگهن ٿا.
جيڪڏهن اسان کي ترقي گهرجي، روزگار گهرجي ته اسان جي ترجيح زراعت ئي هجڻ گهرجي. اها ترجيح اسان ان ڪري ٿا چئون جو ڊپٽي گورنر اسٽيٽ بينڪ زرعي سينٽر جي افتتاحي تقريب ۾ خطاب ڪندي جڏهن اهو چيو ته ملڪ جي آبادي جو وڏو حصو زراعت سان سلهاڙيل آهي ۽ هن اهو به چيو ته گذريل سال 8 ارب ڊالر جون غذائي جنسون برآمد ڪيون ويون. جيڪڏهن 8 ارب ڊالر جي درآمد نه ڪجي ها ته اسان جو ڪرنٽ اڪائونٽ جو خسارو ڪجهه گهٽجي ها. پاڪستان رپئي جي قيمت ڊالر جي مقابلي ۾ ڪِرڻ به انهيءَ ڪرنٽ اڪائونٽ خساري جي ڪري آهي. هن اهو چيو ته ملڪ جي زراعت کي سرپلس ڪرڻ سان ادائگين جو توازن بهتر ٿي سگهي ٿو. تڏهن اسين مجاز اختيارين کي اهو چئون ٿا ته جڏهن ترقي ۽ سرپلس ٿيڻ اسان جي هٿ ۾ آهي ته پوءِ ڪهڙي ڳالهه آهي جو اسان زراعت جي شعبي ۾ سرپلس نه آهيون.