16 لک کان وڌيڪ رقم ملڪي يا پرڏيهي ڪرنسي جي  منتقلي تي پابندي

ملڪ اندر 16 لک 12 هزار (10 هزار ڊالرن) کان وڌيڪ رقم جي منتقلي تي اسٽيٽ بينڪ جي منظوري لازمي قرار ڏني وئي آهي. خزاني واري قائمه ڪميٽيءَ اينٽي مني لانڊرنگ (ترميمي بل) 2019 ۽ فارين ايڪسچينج ريگيوليشن ترميمي بل 2019 جي منظوري ڏيئي ڇڏي آهي. ڪميٽيءَ جو اجلاس چيئرمين اسد عمر جي صدارت هيٺ ٿيو. ڪميٽي ۾ ڪيل فيصلي مطابق ملڪ اندر 10 هزار ڊالر يا وڌيڪ ڪرنسي رکڻ جي ته اجازت هوندي، پر ان جي منتقلي لاءِ اجازت وٺڻي پوندي.

0 0 votes
Article Rating
Subscribe
Notify of
guest
0 Comments
Inline Feedbacks
View all comments