بلاگنئون

جيڪڏهن حسينه واجد ملڪ واپس وري ته…

بنگلاديش ۾ هاڻوڪين شاگرد تحريڪن باھ ٻاري ڏني ۽ شيخ حسينه واجد کي ان ڳالھ تي مجبور ڪيائون ته يا حڪومت ڇڏي يا ملڪ ڇڏي، پر ٿيڻ ته ائين گهربو هو ته هوءَ ملڪ ۾ رهي سختين کي منهن ڏئي ها، ان ڪري ته هوءَ ڪرپٽ ناهي، جنهن ڳالھ جو يقين سڀني کي آهي ته پوءِ شيخ حسينه واجد ڪنهن کان ڊڄي ملڪ ڇڏي هلي وئي؟ هن پنهنجي دور ۾ معنيٰ 2009 کان وٺي پنهنجن مخالفن کي چيڀاٽيو، روڊن تي گهليو، جماعت اسلامي جي اڳواڻن کي ڦاهيون ڏياريون ۽ شيخ مجيب جي قاتلن کي به ڳولهي لڌو ۽ اهي به ڦاهي چاڙهيا ويا. سوال اهو آهي ته جيڪڏهن هوءَ انهن سڀني ڳالهين ۾ صحيح هئي ته هن کي ڪهڙي خوف ملڪ ڇڏڻ تي مجبور ڪيو؟ ان ڳالھ ۾ ڪجھ پاڪستاني اڳواڻن کي شاباس ڏئي سگهجي ٿي جيڪي نه جهڪيا نه وڪيا ۽ انهن جيلن ۾ سختيون سٺيون پوءِ غلط يا صحيح. ان ۾ پهرين ڀٽي صاحب جو نالو کڻي سگهجي ٿو، پوءِ هاڻي عمران خان جي سموري ٽيم جيڪي هتي رهجي ويا، اهي سڀ سختيون برداشت ڪري رهيا آهن (هتي ڪنهن به اڳواڻ جو موازنو نٿو ڪجي)، پر ڳالھ رڳو شيخ حسينه واجد جي سياست جي ٿي ڪجي ته اها جڏهن هيرو هئي ۽ هن سڀ ڪم ڪيا ۽ بنگلاديش جي معيشت کي سڌاري وئي يا پاڻ ڀرو ڪري وئي ته هاڻي ڊڄي نه ها ۽ ملڪ مان فرار نه ٿئي ها ۽ پاڻ ڪورٽن جي آڏو پيش پئي ها ته هن جيڪو ڪيو اهو سڀ صحيح آهي.
مصيبت اها به آهي ته جتي لوڪل ايجنسين جي مداخلت ڏسجي ٿي اتي سي آءِ اي جي ڪردار کي پاسي تي رکي نٿو سگهجي. ان ڪري ته ايجنسين جو اهو ڪمال ضرور هوندو آهي ته اهي سدائين انهن ماڻهن جي پاسي بيهندا آهن جيڪي اٻوجھ ۽ نٻل هوندا آهن، اهي پنهنجي حقن جي لاءِ پاڻ پتوڙيندا آهن، اهي پنهنجي حقن جي لاءِ روڊن تي نڪرندا آهن. ان ڪري ايجنسيون انهن جي پاسي بيهي رهنديون آهن. مثال طور: ابراهيم رئيسي کي ايران جي اندر نشانو نه پيو بڻائي سگهجي، پر آذربائيجان پنهنجي ڪردار کي شڪي بڻائي ڇڏيو، ان ڪري ته اهي سي آءِ اي مائل آهن ۽ انهن جي ڪا حرفت ڪم ڪري وئي، پر اهي سڀ شيون جيستائين ڪنهن جاچ پڙتال ۾ اچن تيستائين وقت ٽپي ٿو وڃي. بنگلاديش ۾ به ايجنسين جو ڪمال ۽ هٿ جي صفائي ڏسي سگهجي ٿي. ساڳي وارتا رسول بخش پليجي جي ڪتاب ”جيئن بنگال سان ٿيو“ ۾ به آهي ته جڏهن پاڪستاني عسڪري گاڏيون روڊن تي وهنديون هيون ته انهن ۾ ويٺل بهاري نسل جا ماڻهو (جيڪي هاڻوڪن شاگرد سياست جا هٿ ڪنڊا ۽ سرغنا به آهن) انهن جي ئي نسلن جا ماڻهو روڊن تي نڪري پاڪستان تي طنز، ٺٺول ۽ پاڪستان جي خلاف نعري باز ڪندا هيئا ته گهرن ۾ لڪيل بنگالي وري انهن ماڻهن کي پنهنجو سمجهي روڊن تي نڪري ايندا هئا ۽ اهي به پاڪستان جي خلاف نعري بازي ڪندا هيا ۽ ان بهاني عسڪري طاقتون انهن کي جهلي وٺنديون هيون ۽ انهن جي مٿان گوليون هلائيندا هئا ته اهي واقعي پاڪستان مخالف آهن.
هاڻي به ائين ئي ٿيو جو چور کي چين ته چوري ڪر ۽ ڀاڳئي کي چين ته هوشيار ۽ خبردار ٿجانءِ جو چور ٿا اچني. معنيٰ عسڪري ادارن ۽ بيورڪريٽس هڪ ته شيخ حسينه واجد کي ڪوٽا سسٽم بحال ڪرڻ لاءِ مجبور ڪيو ۽ اتي وري شاگرد سياست کي به تيز ڪيائون ته اک پٽيو ڪم خراب پيو ٿئي ۽ وري شاگرد سياست کي پوئتي موٽڻ جي واھ ئي نه ڏنائون جو انهن جا 300 ڄڻا (شاگرد) مارجي به ويا، پر اهي انچ پوئتي نه موٽيا. ان طرح شاگرد سياست کي ايجنسين ڪامياب قرار به ڏنو ۽ ڪوٽا سسٽم ختم به ڪيائون. وري ساڳي فوج مٿي چڙهي ويٺي ۽ وري ساڳيا ئي شاگرد سياست جا اڳواڻ پاڻ عارضي حڪومت جو حصو به بڻجي ويٺا ۽ فوج کي ڌمڪي به چاڙهين ته هاڻي پوئتي ٿيو ۽ عام اليڪشن جو اعلان ڪيو. ڳالھ سمجھ کان مٿي آهي ته اهي سڀ شيون ڪنٽرول ڪير ٿو ڪري، جو عام جنتا وٽ ايتري طاقت آهي جو تختو اونڌو ڪري وري پنهنجي مرضي به هلائين ٿا. حالانڪه فوج بنگلاديش تي 1975، 1982 ۽ 2007 ۾ مارشل لاءِ لاڳو ڪري چڪي آهي ۽ ٽي دفعا 1980، 1996 ۽ 2011 ۾ چونڊيل حڪومتن کي ڪيرائڻ ۾ ناڪام ٿيون، جنهن مان ثابت آهي ته اتي به فوج جو ڪردار اهم رهيو آهي.
عوامي ليگ جي حڪومت بنگلاديش ۾ ٽوٽل 30 سالن مان 20 رهي آهي، جنهن ۾ شيخ حسينه واجد جي پارٽيءَ عوامي ليگ بنگلاديش کي مسلم رياستن ۾ جيترو مانُ ڏياريو شايد ڪنهن بنگالي ۽ ايشيائي اڳواڻ به نه ڏياريو هوندو. اها ٻي ڳالھ آهي ته شاگرد بدقسمتيءَ سان بنگالي سياست کي پرتشدد بڻائي ڇڏيو ۽ اهڙي تحريڪ جي هجڻ جي ڪري احتجاج زور وٺي ويا جو حڪومت جي وس کان چڙهي ويا. اها ڳالھ به مڃون ٿا ته دنيا ۾ طاقتور ترين شاگرد تحريڪون رهيون آهن، جن دنيا جا نقشا بدلائي ڇڏيا، جنهن ۾ 1943 ۾ جرمنيءَ ۾ ”وائيٽ رووليوشن“ جي نالي سان شاگرد تحريڪ جنهن ۾ هٽلر جي خلاف نفرت اڀاري. 1960 ۾ اتر ڪيولينا ۾ زرعي يونيورسٽي جي شاگردن ڏڦيڙ پيدا ڪيو. 1960 ۾ ويٽنام جي جنگ جي خلاف آمريڪا ۾ احتجاجن جو سلسلو شروع ٿيو ۽ 1970 ۾ آمريڪا ڪمبوڊيا تي حملو ڪيو احتجاج وري زور وٺي ويا، انهيءَ سال 1960 ۾ ميڪسيڪو ۾ شاگردن باھ ٻاري ڏني جو خوني احتجاج شروع ٿي ويا هئا. ڏکڻ آفريڪا ۾ 1961 ۾ شاگرد احتجاج شروع ٿي ويا هئا. 1989 ۾ جرمني جي برلن وال ڪري پئي، 1993 ۾ چيڪ سلويڪيا الڳ الڳ ٿي ويا ۽ شاگردن جي وڏي تعداد احتجاج ڪيا. 1989 ۾ چيني شاگردن به خوني احتجاج ڪيا. 2018 ۾ ويلنٽائن ڊي تي آمريڪا ۾ 17 شاگردن مارجي ويا هئا. 2018 ۾ سويڊن ۾ شاگردن موسمياتي تبديلين جي لاءِ زبردست احتجاج ڪيو. 2019 ۾ ٿائلينڊ ۾ شاگردن فوجي حڪومت جي خلاف احتجاج ڪيا.
ان سموري پيش منظر ۾ چوڻ جي ڳالھ رڳو اها آهي ته بنگالي رياست انهن سڀني شين کي پاڻ رياستي پاور سان ڪنٽرول ڪري، پر انهن جي بدقسمتي يا خوش قسمتي اها به رهي آهي ته هو سدائين سياست جا سرموڙ ڪردار شاگردن مان ئي ڳولهيندا رهيا آهن، جنهن ۾ هنن جي ماضيءَ ۾ تحريڪون هلايون، جن جا سرغنا شيخ مجيب جهڙا پاڻ رهيا جنهن پاڪستاني اڊيالا جيل به ڪٽيو ۽ ڪيس به کٽيو، جو 1971 جو ڊسمبر انهن جي لاءِ نوان سورج اڀاري آيو. هاڻي به وقت آهي ته شيخ حسينه واجد بنگلاديش موٽي وڃي، پر الميو اهو به آهي شيخ مجيب الرحمان کي 15 آگسٽ 1975 تي فوجي بغاوت دوران سندس ذاتي رهائشگاهه ۾ سندس خاندان جي اڪثر ماڻهن سميت باغي فوجي آفيسرن پاران قتل ڪيو ويو. سندس زال، ڀاءُ، ٽي پٽ، ٻه ڌيئرون ۽ ٻيا مائٽ، پرسنل اسٽاف، پوليس آفيسر، بنگلاديش فوج جو هڪ برگيڊيئر جنرل ۽ ٻيا ڪيترائي فوجي بغاوت دوران مارجي ويا ۽ 40 کان وڌيڪ ماڻهو زخمي ٿيا هئا، پر آرمي چيف ڪي ايم شفيع الله بغاوت کي روڪڻ ۾ ناڪام ويو ۽ باغي فوجين شيخ مجيب کي سندس گهر جي ڏاڪڻ تي گوليون هڻي ماريو. شيخ مجيب کي هندستاني انٽيليجنس سميت ڪيترن ئي ماڻهن طرفان ان ممڪن بغاوت بابت خبردار ڪيو ويو هو، پر مجيب انهن تي ڌيان نه ڏنو ۽ چيائين ته هن جا پنهنجا ماڻهو کيس ڪڏهن به ايذاءُ نه ڏيندا. تنهن هوندي به هو ”بنگڀبن (پنهنجي رهائشگاھ) ۾ نه رهيو، پر 32 ڌان منڊي ۾ پنهنجي غير محفوظ گهر ۾ رهيو. جرمن سياستدان ۽ وفاقي چانسلر ولي برانڊٽ جذباتي انداز ۾ چيو هو ته شيخ مجيب جي قتل کانپوءِ بنگالين تي وڌيڪ اعتبار نه ٿو ڪري سگهجي، جن مجيب کي قتل ڪيو، اهي ڪو به بزدلاڻو ڪم ڪري سگهن ٿا، پر ان سموري صورتحال کي شيخ حسينه جي هاڻوڪي سياسي بزدلي سان ڀيٽي نٿو سگهجي، ان ڪري ته هاڻوڪي صورتحال ۾ هوءَ ايترو ئي ڪمزور آهي جيترو شيخ مجيب پاڻ مضبوط هو ۽ هن ڀلي ڪيترا ڀيرا اولھ پاڪستان طرفان بنگالي قومپرستيءَ جي ڏوھ ۾ جيل ڪاٽيا، پر پنهنجي موقف تان نه هٽيو ڇو جو هو غلط نه هو، پر بنگالين کي درد ان ڳالھ جو به آهي ته شيخ حسينه واجد ملڪ ۾ 300 شاگرد ماريا ۽ ريڊيو ۽ ٽي ويءَ تان قوم کي خطاب ڪندي هن اها ئي سول ڊڪٽيٽر شپ ڏيکاري جنهن ۾ انهن شاگردن کي 1971 واري پاڪستانين جي اولاد سڏيو ۽ انهن کي چئلينج به ڪيو ته انهن جي مٿان عسڪري ادارا ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارا اڃان به سختيون ڪن. حقيقت ۾ اڻبرابري ۽ معاشرتي ڀيٽ ۾ هاڻوڪي بنگلاديش کي ٻوڙي رکيو ۽ رياست پريشاني جو شڪار بڻجي وئي ۽ جيڪي به معاشي بهتريون ڪيائين اهي سڀ بدتر ٿي ويون. ان ڪري ته جيڪي هاڻي شاگرد سياست جا اڳواڻ پاڻ عارضي حڪومت ۾ ويٺا آهن، اهي به هن کي چئلينج ٿا ڪن ته هو ملڪ ۾ اچي ۽ انهن سڀني شين جو حساب ڪتاب ڏئي، جنهن ۾ 300 شاگردن جي مارجڻ کا وٺي اهي سڀ ناانصافيون شامل آهن، جن ۾ هن شيخ مجيب جي قاتلن کان وٺي جماعت اسلامي جي ڪارڪنن کي ڦاهيون چاڙهيون ۽ پنهنجي مخالفن کي جيل ۾ وڌو، جنهن خالده ضياءُ نمايان آهي (جيڪا هن جي ملڪ ڇڏي وڃڻ سان ئي آزاد ٿي وئي يا ڪئي وئي). جيڪڏهن حسينه واجد ملڪ موٽي ايندي ته اهي سڀ حساب ڪتاب هن ڀيري کيس ڏيڻا پوندا.