ڪرپشن ڪنهن به معاشري لاءِ هڪ اهڙو زهر آهي، جيڪو ان جي ترقي، انصاف، معيشت ۽ اخلاقي قدرن کي آهستي آهستي ختم ڪري ڇڏيندو آهي. ڪرپشن جو سادو مطلب آهي پنهنجي اختيار جو ناجائز فائدو وٺڻ يا ذاتي مفادن لاءِ اصولن، قانونن ۽ اخلاقي حدن کي لتاڙڻ به ڪرپشن جي ذمري ۾ اچن ٿا. ڪرپشن صرف رشوت يا ناجائز فائدي جو نالو ناهي، بلڪه اها هڪ اهڙو ناسور آهي جيڪا قومن جي بنيادن کي ڪمزور ڪري، ادارن کي ڌٻڻ ۾ ڌڪي ۽ عوام جو اعتماد ختم ڪري ڇڏيندي آهي. دنيا جي تاريخ اهڙن ڪيترن ئي ملڪن سان ڀريل آهي، جيڪي قدرتي وسيلن، ذهانت ۽ ترقي جي موقعن سان مالا مال هئا، پر صرف ڪرپشن سبب زوال جو شڪار ٿي ويا. انهن مان چند مثال ھيٺ پيش ڪجن ٿا. صوماليا ۾ ڏهاڪن کان گهرو ويڙهه، بدانتظامي ۽ ڪرپٽ حڪومتن سبب اتان جي رياستي ڍانچي جو خاتمو ٿي چڪو آهي. اڄ به ملڪ ۾ امن، ترقي ۽ قانون جي حڪمراني جو وڏو بحران آهي. افغانستان ۾ مذھبي انتھا پسندي کان پھريان ڪروڙين ڊالرن جي عالمي امداد باوجود، حڪومتي سطح تي ڪرپشن، جعلي معاهدا ۽ طاقتور ماڻهن جي ناجائز اثرن، ملڪ کي ترقي بدران پوئتي ڌڪي ڇڏيو. نتيجي ۾ رياستي ادارا ڪمزور ۽ عوام ھميشه نااميد رھيو. تيل جي دولت سان مالا مال هئڻ باوجود، وينزويلا ۾ ڪرپٽ قيادت، ناجائز پاليسين ۽ سياسي بدانتظامي ملڪ کي ڏيوالي جي ڪناري تي آڻي ڇڏيو. اڄ به اتي ماڻهو بنيادي خوراڪ ۽ دوائن لاءِ سڪي رهيا آهن. نائيجيريا، آفريڪا جو سڀ کان وڏو تيل پيدا ڪندڙ ملڪ آهي، پر وڏي پئماني تي ڪرپشن سبب، هتي اڪثر دولت مخصوص هٿن ۾ آهي ۽ عام ماڻهو غربت جي ور چڙهيل آهي.